Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 17:14 - Sindhi Bible

14 اي خداوند، مون کي شفا ڏي، تہ آءٌ ڇٽي چڱو ڀلو ٿيندس؛ مون کي بچاءِ تہ آءٌ بچندس؛ ڇالاءِ جو تون منهنجو فخر آهين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 اي خداوند! تنهنجي ئي شفا بخشڻ سان آءٌ ڇٽي چڱو ڀلو ٿيندس. تنهنجي ئي بچائڻ سان آءٌ بلڪل بچي ويندس، بيشڪ اهو تون ئي آهين جنهن جي آءٌ واکاڻ ٿو ڪريان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 17:14
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي خداوند اسان جا خدا اسان کي بچاءِ، ۽ ڌارين قومن مان اسان کي ڪڍي گڏ ڪر. تہ اسين تنهنجي پاڪ نالي جي شڪرگذاري، ۽ تنهنجي تعريف ۾ فخر ڪريون.


اي منهنجي تعريف جا خدا، تون ماٺ نہ ڪر.


آءٌ تنهنجو ئي آهيان، تون مون کي بچاءِ؛ ڇو تہ آءٌ تنهنجن قاعدن جو طالب رهيو آهيان.


انهن چيو آهي تہ اسين پنهنجيءَ زبان سان غالب پونداسين؛ اسان جا چپ اسان جا ئي آهن: ڪير اسان جو مالڪ آهي؟


هن پنهنجن سڀني مقدسن، يعني پنهنجي ويجهي اُمت بني اسرائيل جي وڏائيءَ جي لاءِ سندن سڱ مٿي ڪيو آهي. اوهين خداوند جي تعريف ڪريو.


اي خدا پنهنجي نالي جي وسيلي مون کي بچاءِ، ۽ پنهنجيءَ قدرت سان منهنجو انصاف ڪر.


اي خداوند، مون تي رحم ڪر؛ ڇو جو آءٌ هيڻو ٿي ويو آهيان: اي خداوند، مونکي چڱو ڀلو ڪر؛ ڇو جو منهنجن هڏن ۾ بي آرامي آهي.


منهنجو روح بہ گهڻو بيچين آهي؛ پر تون اي خداوند، ڪيستائين؟


اي خداوند موٽ، اچي منهنجيءَ جان کي ڇڏاءِ؛ پنهنجيءَ ٻاجهہ سان مونکي بچاءِ.


پنهنجي ساڄي هٿ سان اسان کي بچاءِ، ۽ اسان کي جواب ڏي: تہ تنهنجا محبوب ڇڏايا وڃن.


هن قوم جي دل ڦوڦي ڪر، ۽ انهي جا ڪن گهٻرا ڪر، ۽ انهي جون اکيون بند ڪر، متان هو پنهنجن اکين سان ڏسن، ۽ پنهنجن ڪنن سان ٻڌن، ۽ پنهنجي دل سان سمجهن ۽ باز اچن، ۽ ڇٽي چڱا ڀلا ٿين.


۽ آءٌ توکي هن قوم جي لاءِ هڪڙي مضبوط پتل جي ڀت ڪندس، ۽ هو تو سان وڙهندا پر تو تي غالب نہ ايندا: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي تہ توکي بچائڻ ۽ ڇڏائڻ لاءِ آءٌ توسان آهيان.


سچ آهي تہ ٽڪر تان ۽ جبلن جي گور مان مدد جي اُميد رکڻ اجائي آهي: سچ پچ اسرائيل جو ڇوٽڪارو خداوند اسان جي خدا ۾ آهي.


خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ توکي وري تندرست ڪندس ۽ تنهنجا ڦٽ ڇُٽائيندس؛ ڇالاءِ جو هنن توکي رد ڪيل سڏيو آهي، ۽ چيو اٿن تہ اهو صيون آهي جنهن جي ڪوبہ ڳولا ڪانہ ٿو ڪري.


يقين مون افرائيم کي ماتم ڪندو ٻڌو آهي جو چوي ٿو تہ تو مون کي سيکت ڏني آهي، ۽ مون انهي گابي وانگي سيکت پاتي جو پاڃاريءَ جو هريل نہ هو: تون مون کي ڦيراءِ تہ آءٌ ڦران: ڇالاءِ جو تون خداوند منهنجو خدا آهين.


ڏس، آءٌ انهي جي لاءِ شفا ۽ علاج آڻيندس، ۽ انهن کي تندرستي بخشيندس؛ ۽ آءٌ هنن تي گهڻي سلامتي ۽ سچائي ظاهر ڪندس.


تڏهن موسيٰ خداوند جي اڳيان پڪاري چيو تہ، اي خداوند، آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ هن کي چڱو ڀلو ڪر.


پر جڏهن هن واءُ ڏٺو، تڏهن ڊڄي ويو؛ ۽ جڏهن ٻُڏڻ لڳو، تڏهن رڙ ڪري چيائين تہ اي خداوند، مون کي بچاءِ.


۽ هنن اچي جاڳائي چيس تہ اي خداوند بچاءِ، اسين چٽ ٿا ٿيون.


”خداوند جو روح مون تي آهي، ڇوتہ غريبن کي خوشخبري ٻڌائڻ لاءِ مون کي مسح ڪيو اٿس، ۽ مون کي موڪليو اٿس تہ قيدين کي ڇُٽڻ جي، ۽ انڌن کي سڄي ٿيڻ جي خبر ٻڌايان، ۽ جيڪي لتاڙيل آهن، تن کي آزاد ڪريان،


اهوئي تنهنجي تعريف جو حقدار آهي، اهو ئي تنهنجو خدا آهي، جنهن تنهنجي لاءِ اهي وڏا ۽ هيبتناڪ ڪم ڪيا، جي تو پنهنجين اکين سان ڏٺا.


هاڻي ڏسو، تہ اهو هڪڙو ئي آءٌ آهيان، مون کان سواءِ ٻيو ڪوبہ خدا ڪونهي: آءٌ ماريان ٿو، ۽ آءٌ جياريان ٿو؛ مون ڦٽيو آهي، ۽ آءٌ ڇُٽايان ٿو: ۽ اهڙو ڪوبہ ڪونهي جو منهنجي هٿان ڇڏائي سگهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ