Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 17:11 - Sindhi Bible

11 جيئن تتر انهن ٻچن کي گڏ ڪري جي پاڻ نہ ڏنا هجنس، تيئن اُهو ماڻهو آهي جو ناحق دولت حاصل ٿو ڪري، هن جي حياتيءَ جي ڏينهن ۾ ئي اُها کيس ڇڏي ويندي، ۽ پڇاڙيءَ ۾ هو بيوقوف ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 جيڪي ماڻهو ناجائز طريقن سان دولت گڏ ڪن ٿا، سي ان تتر وانگر آهن، جيڪو ٻين جي آنن مان ٻچا ڦوڙي ٿو، پر پوءِ اهي ٻچا کيس ڇڏي هليا ٿا وڃن. ساڳيءَ طرح انهن ماڻهن جي هٿ ڪيل دولت بہ سندن اڌ عمر ۾ ئي ساٿ ڇڏي ويندي، ۽ پڇاڙيءَ ۾ اهي بي‌وقوفن مان ليکبا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 17:11
39 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهڙي ڪا بہ شيءِ نہ بچي جا هن ڳڙڪائي نہ ڇڏي؛ تنهن ڪري هن جو سک جٽاءُ نہ ڪندو.


انهن جي هيءَ واٽ بيوقوفي آهي: تڏهن بہ انهن کان پوءِ سندن ڳالهيون ماڻهن کي وڻن ٿيون.


پر اي خدا تون انهن کي برباديءَ جي کڏ ۾ ڪيرائيندين: خوني ۽ ٺڳ ماڻهو پنهنجي اڌ ڄمار تائين بہ جيئرا ڪين رهندا؛ پر آءٌ توتي ڀروسو رکندس.


اجائي هلت سان حاصل ڪيل دولت گهٽجي ويندي: پر جيڪو پورهيو ڪري اُها گڏ ڪري ٿو تنهنجي وڌندي ويندي.


جنهن کي نفعي جي لالچ ٿي رهي سو خود پنهنجي گهر کي تڪليف ۾ وجهي ٿو: پر جيڪو رشوت کي ڌڪاري ٿو سو جيئرو رهندو.


ڪوڙ ڳالهائيندڙ زبان جي وسيلي خزانا هٿ ڪرڻ اُها ٻاڦ آهي، جا هيڏي هوڏي اُڏامي ٿي، جيڪي انهن کي ڳولين ٿا سي موت کي ڳولين ٿا.


جيڪي اصل هستيءَ ۾ نہ آهي تنهن تي پنهنجون اکيون وجهندين ڇا؟ ڇالاءِ جو جيئن عقاب آسمان ڏانهن اُڏامي ٿو وڃي، تيئن دولت بہ ضرور اُڏامي ويندي.


جنهن بادشاهہ کي سمجهہ ڪانهي سو وڏو ظالم بہ ٿئي ٿو، پر جيڪو لالچ کي ڌڪاري ٿو تنهنجا ڏينهن گهڻا ٿيندا.


ايماندار ماڻهوءَ کي بي انداز برڪتون حاصل ٿين ٿيون، پر جيڪو دولتمند ٿيڻ لاءِ تڪڙ ڪري ٿو سو بي سزا رهجي نہ ويندو.


جنهن جي نظر بري آهي سو دولت جي پٺيان تڪڙو ٿي پوي ٿو ۽ اهو سماءُ نٿو پويس تہ ڪنگالپڻ مٿس ڪاهي اچي پوندي.


جيڪو وياج ۽ واڌاري سان پنهنجو مال وڌائي ٿو، سو اُهو انهي لاءِ ٿو گڏ ڪري جنهن کي غريبن تي رحم اچي ٿو.


ويل هجي انهي سان، جو پنهنجو گهر بي انصافيءَ سان ٿو اڏي ۽ پنهنجون ڪوٺيون ظلم سان؛ جو پنهنجي پاڙيسريءَ کان بيگار جو پورهيو وٺي ٿو ۽ اُن کي مزوري نٿو ڏئي؛


پر تنهنجون اکيون ۽ تنهنجي دل فقط تنهنجي لالچ لاءِ، ۽ بيگناهہ رت وهائڻ لاءِ، ۽ ظلم ۽ زبردستي ڪرڻ لاءِ آهن.


ڇالاءِ جو ننڍن کان وٺي وڏن تائين سڀني کي لالچ جي عادت آهي؛ ۽ نبيءَ کان وٺي ڪاهن تائين سڀ ڪوڙ ۽ ڪپت ۾ مشغول آهن.


تنهن ڪري آءٌ هنن جون زالون ٻين کي ڏيندس، ۽ هنن جون ٻنيون انهن کي ڏيندس جي انهن جا مالڪ ٿيندا: ڇالاءِ جو تمام ننڍي کان وٺي تمام وڏي تائين هو لالچي آهن، ۽ نبي کان وٺي ڪاهن تائين اُهي سڀ ڪوڙ سان واهپو ٿا رکن.


ڇالاءِ جو خداوند فرمائي ٿو تہ هو چڱائي ڪرڻ نٿا ڄاڻن، ۽ پنهنجن محلاتن ۾ هو زبردستي ۽ ڦرمار ڪري رکن ٿا.


منهنجي اُمت جي زالن کي اوهين سندن مزي جهڙن گهرن مان ڪڍي ٿا ڇڏيو؛ ۽ منهنجو جلال سندن ننڍڙن ٻارن کان هميشہ لاءِ کسي ٿا وڃو.


هنن جا هٿ خراب ڪم ڪرڻ لاءِ چالاڪ آهن؛ حاڪم گهري ٿو وٺي ۽ قاضي رشوت وٺڻ لاءِ تيار آهي: ۽ جيڪو وڏو ماڻهو آهي سو پنهنجي روح جي خرابي ظاهر ٿو ڪري: ۽ انهي طرح هو بڇڙائيءَ لاءِ ٻڌي ٿا ڪن.


۽ انهيءَ ڏينهن آءٌ انهن سڀني کي سزا ڏيندس جي چانئٺ ٽپي ٿا وڃن، ۽ پنهنجي مالڪ جو گهر ظلم ۽ ٺڳيءَ سان ٿا ڀرين.


لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ انهيءَ کي موڪليان ٿو، تہ اهو چور جي گهر ۾ گهڙي، ۽ انهيءَ جي گهر ۾ بہ جو منهنجي نالي تي ڪوڙو قسم ٿو کڻي؛ ۽ انهيءَ جي وچ ۾ وڃي رهي، ۽ انهيءَ جي گهر کي ڪاٺيءَ ۽ پٿر سميت ناس ڪري.


لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ فتويٰ جي لاءِ اوهان کي ويجهو ايندس؛ ۽ جادوگرن، ۽ زناڪارن، ۽ ڪوڙن قسمن کڻندڙن جي برخلاف، ۽ انهن جي برخلاف بہ، جي پورهيت کي مزدوري نٿا ڏين، ۽ بيوهہ زالن ۽ يتيمن تي ظلم ٿا ڪن، ۽ ڌارين سان ناحق ٿا ڪن ۽ مون کان نٿا ڊڄن؛ انهن سڀني جي برخلاف آءٌ تکو شاهد ٿيندس.


پر افسوس آهي اوهان لاءِ، اي فقيهو ۽ فريسيو، رياڪارو! ڇالاءِ جو اوهين آسمان جي بادشاهت ماڻهن لاءِ بند ڪري ٿا ڇڏيو، جو نڪي اوهين پاڻ ٿا اندر وڃو، نڪي جيڪي اندر وڃن ٿا، تن کي گهڙڻ ٿا ڏيو.


پر خدا چيس، تہ اي نادان، اڄ ئي رات جو تنهنجي جان توکان ورتي ويندي، پوءِ جيڪي ميڙي رکيو اٿيئي، سو ڪنهن جو ٿيندو؟


پر جيڪي دولتمند ٿيڻ ٿا گهُرن سي آزمائش ۽ ڦندي ۾، ۽ گهڻين اجاين ۽ نقصان وارين نفساني خواهشن ۾ ڦاسيو ٿا وڃن، جي ماڻهن کي برباديءَ ۽ تباهيءَ جي درياهہ ۾ غرق ڪريو ڇڏين.


جن جا وات بند ڪرڻ گهرجن؛ اهڙا ماڻهو جي ناجائز نفعي جي خاطر جيڪي ڳالهيون سيکارڻ نہ گهرجن سي سيکاري، گهرن جا گهر ڦٽائي ٿا ڇڏين.


انهن جي اکين مان زنا پيو بَکي، ۽ گناهہ ڪرڻ کان بس نٿا ڪن؛ ۽ جيڪي غير مستقل مزاج آهن، تن کي ڦاسايو وٺن؛ انهن جي دل لالچ ۾ ڏاڍي چالاڪ آهي؛ ۽ اُهي لعنت جا ٻار آهن.


۽ اهي لالچ جي ڪري ڪوڙيون ڳالهيون ٺاهي اوهان مان فائدو حاصل ڪندا. ۽ انهن جي بابت قديم زماني کان وٺي جيڪا سزا جي فتويٰ مليل آهي، سا وڌيڪ مهمل نہ رهندي، ۽ سندن بربادي ويجهي آئي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ