Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 16:6 - Sindhi Bible

6 وڏا توڙي ننڍا هن زمين ۾ مرندا: اُهي دفن نہ ڪيا ويندا، ۽ نہ ماڻهو انهن جي لاءِ ماتم ڪندا، ۽ نہ پاڻ کي زخمي ڪندا، ۽ نہ انهن جي لاءِ پاڻ کي مُنڊائيندا:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 تنهنڪري هن ملڪ جا غريب توڙي امير مري ويندا. انهن کي نہ دفن ڪيو ويندو ۽ نہ مٿن رنو پٽيو ويندو. ڪوبہ سندن سوڳ ۾ پاڻ کي نہ زخمي ڪندو، نہ وري مٿو ڪوڙائيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 16:6
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنڪري هن انهن جي مٿان ڪسدين جو بادشاهہ آندو، جنهن سندس پاڪ مڪان وارو گهر، ۽ سندن جوان ماڻهو ترار سان ڪُٺا، ۽ نہ ڪنهن جوان مرد تي رحم ڪيائين، ۽ نہ جوان زال تي، ۽ نہ پير مرد تي، نہ تمام ڪراڙي تي: سڀني کي هن انهي جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو.


۽ انهي ڏينهن خداوند، لشڪرن جي خداوند، اوهان کي رئڻ ۽ ماتم ڪرڻ لاءِ، ۽ مٿي ڪوڙائڻ ۽ چيلهہ تي کٿي ٻڌڻ لاءِ سڏيو:


۽ جهڙو ماڻهن جو حال ٿيندو تهڙو ڪاهن جو؛ جهڙو نوڪر جو تهڙو ڌڻيءَ جو؛ جهڙو ٻانهيءَ جو تهڙو سانئڻ جو؛ جهڙو خريدار جو تهڙو وڪڻندڙ جو؛ جهڙو اُڌاري ڏيندڙ جو تهڙو اُڌاري وٺندڙ جو؛ جهڙو وياج وٺندڙ جو تهڙو وياج ڏيندڙ جو.


تڏهن تون انهن کي چئج تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو، آءٌ هن ملڪ جي سڀني رهاڪن کي، يعني جيڪي بادشاهہ دائود جي تخت تي ويهن ٿا تن کي، ۽ ڪاهنن کي، ۽ نبين کي، ۽ يروشلم جي سڀني رهاڪن کي، نشي سان ڀري ڇڏيندس.


تہ هو خوفناڪ موت مرندا، هنن تي رئڻ پٽڻ وارو ڪوبہ ڪونہ هوندو، ۽ نہ هنن کي ڪو دفن ڪندو، ۽ هو زمين جي مٿان ڇيڻي وانگي پيا رهندا: ۽ هو ترار ۽ ڏڪار سان ماري کپايا ويندا؛ ۽ هنن جا مڙهہ آسمان جي پکين ۽ زمين جي مرن جو قوت ٿيندا.


ڪي ماڻهو يعني اسي ڄڻا، سڪم ۽ سيلا ۾ سامريہ مان آيا، جن جون ڏاڙهيون ڪوڙيل هيون، ۽ ڪپڙا ڦاٽل هئا، ۽ جن پاڻ کي وڍ وڌا هئا، ۽ نذرانا ۽ لوبان سندن هٿ ۾ هئا، انهي لاءِ تہ اُهي خداوند جي گهر ۾ آڻين.


غزہ تي گنجائي آئي آهي؛ ۽ انهن جي واديءَ مان باقي بچيل اسقلون نيست نابود ڪيو ويو آهي: ڪيستائين تون پاڻ کي پيو وڍيندين؟


ڇالاءِ جو سڀڪو مٿو گنجو آهي، ۽ سڀڪا ڏاڙهي ڪتريل آهي! سڀني هٿن تي وڍ آهن، ۽ چيلهين تي کٿا آهن.


اي يروشلم پنهنجا وار وڍي اُڇلائي ڇڏ، ۽ اُگهاڙين ٽڪرين تي زاري ڪر؛ ڇالاءِ جو جنهن پيڙهيءَ تي خداوند جي ڪاوڙ آهي تنهن کي هن رد ڪري ڇڏي ڏنو آهي،


۽ انهن کي سج ۽ چنڊ ۽ آسمان جي سڄي لشڪر جي اڳيان پکيڙيندا، جن سان انهن محبت رکي آهي، ۽ جن جي هنن عبادت ڪئي آهي، ۽ جن جي پٺيان هو هليا آهن، ۽ جن کي هنن ڳوليو آهي، ۽ جن کي هنن سجدو ڪيو آهي: هو نہ گڏ ڪيا ويندا ۽ نہ دفن ڪيا ويندا؛ هو زمين جي سطح تي ڇيڻي جي بجاءِ ٿيندا.


اوهين پنهنجي مٿي جي وارن جون نؤڪون ڪوڙائي گول نہ ڪجو، نڪي پنهنجي ڏاڙهيءَ جون ڪنڊون بگاڙجو.


اوهين مئلن جي لاءِ پنهنجي بت تي وڍ نہ وجهجو، نڪي پنهنجي بت تي تروکڙيون ڪڍائجو: آءٌ خداوند آهيان.


ڇالاءِ جو ڏس، خداوند حڪم ٿو ڪري، ۽ وڏي گهر ۾ ڦاٽ ۽ ننڍي گهر ۾ چيرون پئجي وينديون.


۽ جڏهن يسوع اُنهي سردار جي گهر ۾ آيو، ۽ بانسري وڄائيندڙن کي، ۽ ماڻهن جي ميڙاڪي کي گوڙ ڪندو ڏٺائين،


اوهين خداوند پنهنجي خدا جا ٻار آهيو: اوهين مئلن جي لاءِ پنهنجي بت تي وڍ نہ وجهجو، نڪي پنهنجي پنبڻين جي وچ جا وار ڪوڙائجو.


۽ مون سڀني مُئلن، وڏن توڙي ننڍن کي تخت جي اڳيان بيٺل ڏٺو؛ ۽ ڪتاب کوليا ويا: ۽ هڪڙو ٻيو ڪتاب جو زندگيءَ جو ڪتاب آهي سو کوليو ويو. ۽ جيڪي ڳالهيون انهن ڪتابن ۾ لکيل هيون، تن موجب سندن ڪمن موافق مُئلن جو انصاف ڪيو ويو.


۽ زمين جا بادشاهہ، ۽ حاڪم، ۽ وڏا سردار، ۽ دولتمند، ۽ پهلوان، ۽ سڀيئي ٻانها ۽ آزاد ماڻهو، غارن ۽ جبلن جي ڇپن ۾ وڃي لڪي ويٺا؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ