Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 16:21 - Sindhi Bible

21 تنهن ڪري ڏس، آءٌ هنن کي ڄاڻائيندس، هن ڀيري پنهنجو هٿ ۽ پنهنجو زور هنن کي ڄاڻائيندس؛ ۽ هو ڄاڻندا تہ منهنجو ئي نالو يهوواہ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

21 تڏهن خداوند وراڻيو تہ ”اهو ئي سبب آهي جو آءٌ هنن کي پنهنجي طاقت ۽ قدرت ڏيکارڻ ٿو گھران. تڏهن تہ کين خبر پوندي تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 16:21
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تہ اهي سمجهن تہ رڳو تون، جنهن جو نالو يهوواہ آهي، سو ساريءَ زمين جو خدا تعاليٰ آهين.


خداوند پاڻ کي ظاهر ڪيو آهي، هن انصاف ڪيو آهي، بڇڙو پنهنجي ئي هٿن جي ڪم ۾ ڦاٿل آهي.


۽ آءٌ فرعون جي دل کي سخت ڪندس ۽ هو انهن جي پٺيان پوندو، ۽ آءٌ فرعون ۽ سندس ساري لشڪر تي غالب پوندس؛ ۽ مصرين کي خبر پوندي تہ آءٌ خداوند آهيان. سو هنن ائين ئي ڪيو.


خداوند جنگي پهلوان آهي، انهيءَ جو نالو خداوند آهي.


جڏهن مون ابرهام کي، اسحاق کي، ۽ يعقوب کي ڏيکاري ڏني، تڏهن اهي مون کي خدا قادر مطلق ڪري ڄاڻندا هئا، پر هنن کي خبر ڪانہ هئي تہ منهنجو نالو خداوند آهي.


ڇالاءِ جو آءٌ خداوند تنهنجو خدا آهيان، اسرائيل جو پاڪ خدا، تنهنجو نجات ڏيندڙ؛ مون تنهنجي ڇوٽڪاري لاءِ مصر ڏنو آهي، ۽ ڪوش ۽ سبا تنهنجي لاءِ ڏنا اٿم.


خداوند، جو خلقي ٿو، ۽ قائم ڪرڻ لاءِ بنائي ٿو، ۽ جنهن جو نالو خداوند آهي، سو هيئن ٿو فرمائي، تہ


انهي طرح حزقي ايل اوهان جي لاءِ هڪڙو نشان ٿيندو: جيئن هن ڪيو آهي تيئن اوهين بہ ڪندا: جڏهن ائين ٿيندو تڏهن اوهين ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند خدا آهيان.


انهي ڏينهن جيڪو ڀڄي تو وٽ اچي، تنهن جي اڳيان پنهنجو وات پَٽج، ۽ ڳالهائج ۽ وڌيڪ گونگو نہ رهج؛ انهي طرح تون هنن جي لاءِ هڪڙو نشان ٿيندين، ۽ پوءِ هو ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان.


۽ آءٌ پنهنجي قوم اسرائيل جي هٿان ادوم کان پنهنجو وير وٺندس؛ ۽ اهي ادوم ۾ منهنجي ڪاوڙ ۽ منهنجي غصي موجب هلت ڪندا: ۽ خداوند ٿو فرمائي تہ هو منهنجو انتقام ڄاڻندا.


۽ ڪُٺل ماڻهو اوهان جي وچ ۾ ڪِرندا، ۽ اوهين ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان.


انهي کي ڳوليو جو ڪتيون ۽ ٽيڙو جوڙي ٿو، ۽ گُگهہ اونداهي کي ڦيرائي صبح ڪري ٿو؛ ۽ ڏينهن کي رات وانگر اوندهہ ڪري ٿو؛ جو سمنڊ جي پاڻيءَ کي سڏي ٿو ۽ انهي کي زمين تي اُڇلائي وجهي ٿو؛ خداوند انهي جو نالو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ