20 ڪو ماڻهو پنهنجي لاءِ اهڙا ڪي معبود جوڙيندو ڇا، جي حقيقت ڪري خدا ناهن؟
20 ڀلا ماڻهن جي هٿن جا ٺاهيل معبود بہ حقيقي معبود ٿي سگھن ٿا ڇا؟“
۽ انهن جي معبودن کي باهہ ۾ اُڇلائي وڌو اٿن: ڇالاءِ جو اُهي خدا نہ هئا، پر ماڻهن جي هٿن جو جوڙيل ڪاٺ ۽ پٿر هئا؛ تنهنڪري انهن کي هنن ناس ڪري ڇڏيو.
حمات ۽ ارفاد جا معبود ڪٿي آهن؟ سفرائيم جو معبود ڪٿي آهي؟ انهن سامريہ کي منهنجي هٿان ڇڏايو آهي ڇا؟
۽ انهن جي معبودن کي باهہ ۾ اُڇلايو اٿن: ڇالاءِ جو اُهي خدا نہ هئا، پر ماڻهن جي هٿ جي ڪاريگري، ۽ ڪاٺ، ۽ پهڻ هئا؛ تنهن ڪري هنن انهن کي برباد ڪري ڇڏيو.
ڪنهن قوم پنهنجا معبود بدلايا آهن ڇا، جي حقيقت ۾ خدا ناهن؟ پر منهنجي قوم انهيءَ شيءِ تي پنهنجو جلال بدلايو آهي، جنهن مان ڪوبہ فائدو ڪونهي.
ڪيئن آءٌ توکي معاف ڪريان؟ تنهنجي ٻارن مون کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ هنن انهن جو قسم کنيو آهي جي خدا نہ آهن: جڏهن مون هنن کي کارائي ڍءُ ڪرايو تڏهن هنن زنا ڪئي، ۽ ڪڃرين جي گهرن ۾ اچي گڏ ٿيا آهن.
بادشاهہ نبوڪدنضر سون جي هڪڙي مورت جوڙي، جنهن جي اوچائي سٺ هٿ هئي، ۽ ويڪر ڇهہ هٿ ۽ هن بابل جي پرڳڻي ۾ دورا جي ميدان ۾ انهي کي بيهاريو.
۽ اوهين ڏسو توڙي ٻُڌو ٿا تہ نہ رڳو افسس ۾، پر ساري آسيہ ۾، هن پولس گهڻن ماڻهن کي اهڙيءَ طرح سيکاريو آهي جو هو ڦري ويا آهن؛ هو چوي ٿو تہ هي جي هٿ جا ٺهيل آهن، سي ديوتا نہ آهن.
پر جيڪڏهن اسين، يا آسمان مان ڪو ملائڪ اوهان کي ڪا اهڙي خوشخبري ٻُڌائي، جا اسان اوهان کي نہ ٻُڌائي آهي، تہ انهيءَ تي شل لعنت هجي.
انهي هوندي بہ انهي وقت اوهين خدا کان ناواقف هئڻ ڪري انهن جي غلاميءَ ۾ رهيا، جي حقيقت ۾ خدا نہ هئا؛