Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 16:18 - Sindhi Bible

18 ۽ پهرين آءٌ هنن جي بدڪاري ۽ گناهہ جو ٻيڻو بدلو ڏيندس؛ ڇالاءِ جو هنن پنهنجي ڪراهت جهڙين شين جي مڙهن سان منهنجي زمين کي پليت ڪيو آهي، ۽ منهنجي ميراث کي پنهنجن نفرت جهڙين شين سان ڀري ڇڏيو اٿن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 ياد رکو، آءٌ اوهان کي اوهان جي بدڪاريءَ ۽ گناهہ جي ٻيڻي سزا ڏيندس، ڇاڪاڻ تہ اوهان پنهنجي ڪراهت جهڙن ديوتائن جي بي‌جان مورتين سان منهنجو ملڪ پليت ڪيو آهي. هائو، اوهان منهنجي ملڪ کي پنهنجي انهن نفرت جهڙين شين سان ڀري ڇڏيو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 16:18
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ بيگناهن جو، يعني پنهنجي پٽن ۽ ڌيئرن جو رت وهايائون، جن کي انهن ڪنعان جي بتن جي اڳيان قربان ڪيو؛ ۽ ملڪ کي رت سان پليت ڪيائون.


زمين سندس رهاڪن ڪري پليت ٿي آهي؛ ڇالاءِ جو هو شريعت جون حدون لنگهي ويا آهن، ۽ قانون بدلايو اٿن، ۽ دائمي عهد اقرار ڀڳو اٿن.


اوهين يروشلم سان تسلي سان ڳالهايو، ۽ انهي کي پڪاري چئو تہ سندس جنگ پوري ٿي، ۽ سندس بڇڙائيءَ جي معافي ملي آهي؛ انهي کي خداوند جي هٿان سندس سڀني گناهن جو ٻيڻو بدلو مليو آهي.


اوهان جي شرمندگيءَ جي عيوض اوهان کي ٻيڻو ملندو؛ ۽ مونجهاري جي واسطي اوهين پنهنجي ڀاڱي تي خوش ٿيندا: تنهن ڪري اهي پنهنجي ملڪ ۾ ٻيڻي جا مالڪ ٿيندا: انهن کي هميشہ جي خوشي حاصل ٿيندي.


ڏس، منهنجي اڳيان هيئن لکيل آهي: خداوند فرمائي ٿو تہ آءٌ ماٺ نہ ڪندس، پر بدلو ڏيندس، هائو انهن جي هنج ۾ بدلو ڏيندس،


خود اوهان جين بدڪارين ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن جي بدڪارين جو، جن جبلن تي لوبان ساڙيو آهي، ۽ ٽڪرين تي منهنجي لاءِ ڪفر پئي بڪيو اٿن: تنهن ڪري آءٌ پهرين انهن جا ڪم سندس هنج ۾ ماپي ڏيندس.


جيڪي مون کي ستائين ٿا، سي ڀلي تہ شرمندا ٿين، پر مون کي شرمندو ٿيڻ نہ ڏي؛ ڀلي تہ هو حيران پريشان ٿين، پر مون کي حيران پريشان ٿيڻ نہ ڏي: هنن تي مصيبت جو ڏينهن آڻ ۽ ٻيڻي تباهيءَ سان هنن کي تباهہ ڪر.


۽ مون اوهان کي سڪار واري زمين ۾ آندو، انهي لاءِ تہ انهي جو ڦر، ۽ انهي جي چڱي پيدائش کائو؛ پر جڏهن اوهين منهنجي ملڪ ۾ داخل ٿيا تڏهن اُن کي پليت ڪيوَ ۽ منهنجي ميراث کي ڪِنو ڪري ڇڏيوَ.


۽ هيئن ٿيو تہ اُن جي زناڪاريءَ جي هلڪائيءَ ڪري زمين پليت ٿي، ۽ هن پٿرن ۽ بنڊن سان زنا ڪئي:


انهيءَ هوندي بہ مون اوهان ڏي پنهنجا ٻانها نبي، صبح جو سوير اُٿي موڪليا، ۽ چيم تہ اڙي اهو ڪراهت جهڙو ڪم جو آءٌ ڌڪاريان ٿو سو نہ ڪريو.


ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ بني يهوداہ اُهي ڪم ڪيا آهن جي منهنجي نظر ۾ خراب آهن: ۽ جيڪو گهر منهنجي نالي پٺيان سڏبو آهي تنهن ۾ هنن پنهنجون ڪراهت جهڙيون شيون رکيون آهن، ۽ انهي کي پليت ڪيو اٿن.


۽ هو اُتي ايندا ۽ سڀ ڪراهت جهڙيون شيون ۽ سڀ گندگيون اُتان ڪڍي ڇڏيندا.


باقي اُهي جن جي دل سندن ڪراهت جهڙين شين ۽ سندن گندگين جي پٺيان ٿي وڃي، تن جي واٽ آءٌ خود سندن مٿي تي آڻيندس؛ خداوند خدا ائين ٿو فرمائي.


تنهنڪري جيڪو رت هنن اُنهي زمين تي وهايو هو، ۽ پنهنجن بُتن سان انهي کي ناپاڪ ڪيو، تنهن سبب مون پنهنجي ڪاوڙ انهن تي ڇنڊي هئي:


تنهنڪري خداوند ٿو فرمائي، تہ مون کي پنهنجي حياتيءَ جو قسم آهي تہ آءٌ توکي ضرور گهٽائيندس، جو تو پنهنجن سڀني ڪراهت جهڙين شين سان ۽ پنهنجن سڀني نفرت جهڙن ڪمن سان منهنجو پاڪ مڪان ناپاڪ ڪري ڇڏيو آهي؛ ۽ نہ منهنجي اک گذر ڪندي ۽ نہ آءٌ رحم ڪندس.


سزا جا ڏينهن آيا آهن، بدلي وٺڻ جا ڏينهن اچي پهتا آهن؛ اسرائيل پاڻهي ڄاڻندو: نبي بي عقل آهي، جنهن ماڻهوءَ ۾ روح آهي سو چريو آهي، اهو تنهنجي بدڪاريءَ جي گهڻائيءَ ڪري ٿيو آهي، ۽ هن ڪري جو دشمني وڏي آهي.


۽ آءٌ اوهان جون مٿانهيون جايون ڊاهي ڇڏيندس، ۽ اوهان جون سج جون مورتون وڍي ڇڏيندس، ۽ اوهان جا لاش اوهان جي معبودن جي لاشن تي اُڇلائيندس؛ ۽ منهنجو روح اوهان کان نفرت ڪندو.


اوهين اُٿو، ۽ هليا وڃو؛ ڇالاءِ جو هيءَ اوهان جي آرام جي جاءِ ناهي: ڇالاءِ جو ناپاڪائي جا ناس ٿي ڪري ۽ نهايت چٽ ڪيو ڇڏي اُتي آهي.


جيئن هن ڪيو، تيئن اوهين بہ ساڻس ڪيو. ۽ سندس ڪمن جو ٻيڻو بدلو ڏيوس. جيڪو پيالو هن ڀريو، تنهن ۾ سندس لاءِ ٻيڻو ڀريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ