Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 16:16 - Sindhi Bible

16 ڏس، خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ گهڻن مهاڻن کي گهرائيندس، ۽ هو انهن کي ڦاسائيندا؛ ۽ پوءِ آءٌ گهڻا شڪاري گهرائيندس، ۽ اُهي سڀ ڪنهن جبل تان، ۽ سڀ ڪنهن ٽڪريءَ ۽ ٽڪرن جي چرن مان انهن کي هڪالي شڪار ڪندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 خداوند فرمائي ٿو تہ ”پر هاڻ آءٌ گھڻن ئي لشڪرن کي اوهان تي چاڙهي موڪليندس، جيڪي اوهان کي هر هڪ جبل تان، هر هڪ ٽڪريءَ تان ۽ ٽڪرن جي چُرن مان ائين ڦاسائي وٺندا جيئن مڇي ڦاسائبي آهي، يا جيئن ڪو شڪاري شڪار ڪري وٺندو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 16:16
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو خداوند جي اڳيان هڪڙو شڪاري پهلوان هو، انهيءَ ڪري اها چوڻي ٿي ويئي تہ خداوند جي اڳيان نمرود جهڙو شڪاري پهلوان.


انهيءَ لاءِ تہ جڏهن خداوند زمين کي سخت لوڏن ڏيڻ لاءِ اُٿندو، تڏهن اهو ٽڪرن جي غارن ۾ ۽ ڏونگرن جي ڦاٽن ۾، خداوند جي هيبت جي اڳيان، ۽ سندس وڏائي جي جلال کان وڃي لڪي.


۽ اهي سڀ اچي ويران وادين ۾، ۽ ٽڪرن جي چرن ۾ ۽ سڀني ڪنڊين تي، ۽ چراگاهن تي ويهنديون.


تنهن ڪري ڏسو، خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ اُتر وارا سڀ قبيلا گهرائي وٺندس، ۽ آءٌ پنهنجي ٻانهي بابل جي بادشاهہ نبوڪدرضر کي گهرائي هن ملڪ تي ۽ ان جي رهاڪن تي، ۽ آس پاس وارن انهن سڀني قومن تي چاڙهي آڻيندس؛ ۽ آءٌ انهن کي اصل چٽ ڪري ڇڏيندس، ۽ انهن کي حيرت ۽ شوڪار جو باعث ڪندس، ۽ هميشہ ويران رکندس.


سڄو شهر گهوڙيسوارن ۽ ڪماندارن جي هل کان ڀڄي ٿو وڃي؛ هو گهاٽن جهنگن ۾ گهڙي ٿا وڃن، ۽ ٽڪرن تي چڙهي ٿا وڃن: سڀڪو شهر ڇڏي ڏنو ويو آهي، ۽ هڪڙو بہ ماڻهو اُنهي ۾ نٿو رهي.


ڏس، خداوند، لشڪرن جو خداوند فرمائي ٿو، تہ جيڪي تنهنجي چوڌاري آهن تن مان آءٌ توتي خوف آڻيندس؛ ۽ اوهان مان هرڪو منهن سامهون ٻاهر هڪاليو ويندو، ۽ جيڪي رلندا وتن تن کي ڪوبہ گڏ ڪرڻ وارو ڪونہ ٿيندو.


لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ هو اسرائيل جي باقي بچيلن کي ڊاک وانگي چڱيءَ طرح چونڊي گڏ ڪندا: تون ڊاک چونڊيندڙ وانگي پنهنجو هٿ وري ڦيرائي ٽوڪرين ۾ وجهہ.


هو اهڙيءَ طرح اسان جا پيرا کنيو اچن، جو اسين پنهنجن گهٽين ۾ وڃي نٿا سگهون: اسان جي پڇاڙي ويجهي آهي، اسان جا ڏينهن اچي پورا پيا آهن؛ ڇالاءِ جو اسان جي پڇاڙي اچي پهتي آهي.


اسان جا پٺيان پوندڙ هوا جي بازن کان وڌيڪ تکا آهن؛ هو جبلن تي اسان جي پٺيان پيا، هو بيابان ۾ اسان جي لاءِ لڪي ويٺا.


جڏهن منهنجي مرضي ٿيندي، تڏهن آءٌ هنن کي سيکت ڏيندس؛ ۽ جڏهن هو پنهنجن ٻن گناهن جي لاءِ ٻڌا ويندا، تڏهن قومون ساڻن وڙهڻ لاءِ اچي گڏ ٿينديون.


خداوند خدا پنهنجي پاڪيزگيءَ جو قسم کنيو آهي، تہ ڏس، اُهي ڏينهن اوهان تي ايندا تہ هو اوهان کي ڪُنڍن سان ڦاسائي ويندا، ۽ جيڪي اوهان مان باقي بچنديون، تن کي مڇين مارڻ وارين ڪُنڍين سان پڪڙيندا.


جيئن ڪو ماڻهو شينهن کان ڀڳو ۽ رڇ منهن ۾ مليس؛ يا گهر ۾ ويو ۽ ڀت تي هٿ رکي ٽيڪ ڏيئي بيٺو ۽ نانگ ڏنگي ويس.


ديندار ماڻهو زمين مان مارجي نڪري ويو آهي، ۽ ماڻهن ۾ ڪوبہ سچو ڪونهي؛ هو سڀ خون جي لاءِ لڪي ويٺا آهن؛ هنن مان هرڪو پنهنجي ڀاءُ جي شڪار ڪرڻ لاءِ ڄار ٿو وجهي.


انهيءَ وقت هيئن ٿيندو تہ آءٌ شمع کڻي يروشلم جي تلاش ڪندس، ۽ انهن ماڻهن کي سزا ڏيندس جي پنهنجي ڪٽيءَ تي ويهي ويا آهن، ۽ جي پنهنجي دل ۾ چون ٿا تہ خداوند نڪا چڱائي ڪندو نڪا برائي ڪندو.


۽ اي منهنجا پيءُ، ڏس، هائو ڏس، تہ تنهنجي قبا جي دامن منهنجي هٿ ۾ آهي: ڇالاءِ جو جڏهن مون تنهنجي قبا جي دامن وڍي، ۽ توکي ماريم ڪين، تڏهن تون ڄاڻ ۽ ڏس تہ منهنجي هٿ ۾ بدي يا برائي ڪانهي، ۽ مون تنهنجي حق ۾ گناهہ ڪونہ ڪيو، جيتوڻيڪ تون منهنجي جان وٺڻ لاءِ منهنجي پٺيان پيو هئين.


تنهنڪري هاڻي ائين نہ ٿئي تہ منهنجو رت خداوند جي حضور کان پري زمين تي ڪري: ڇالاءِ جو اسرائيل جو بادشاهہ هڪڙي ڪارڙي جي ڳولا ۾ نڪتو آهي، ۽ ڄڻ تہ ڪو ماڻهو هڪڙي تتر جي شڪار لاءِ جبل تي آيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ