Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 16:13 - Sindhi Bible

13 تنهن ڪري آءٌ اوهان کي هن ملڪ مان ڪڍي اُنهيءَ ملڪ ۾ اُڇلائيندس، جنهن جي اوهان کي خبر ئي ڪانهي، نڪي اوهان کي، نہ اوهان جي ابن ڏاڏن کي؛ ۽ اُتي اوهين ڏينهن رات ٻين معبودن جي عبادت ڪندا؛ ڇالاءِ جو آءٌ اوهان کي ڪابہ مهرباني ڪانہ ڏيکاريندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 سو آءٌ اوهان کي هن ملڪ مان ڪڍي ڪنهن اهڙي ملڪ ۾ اڇلائيندس، جنهن بابت نہ اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڪا ڄاڻ هئي نہ وري اوهين ئي ان بابت ڪجھہ ڄاڻو ٿا. اتي اوهين ڏينهن رات غير معبودن جي پوڄا ۾ لڳا رهندا، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان تي ڪابہ عنايت نہ ڪندس.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 16:13
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ بابل جي بادشاهہ حمات جي ملڪ ۾ ربلہ منجهہ هنن کي قتل ڪرايو. انهيءَ طرح يهوداہ قيد ٿي پنهنجي ملڪ مان کڄي ويو.


تہ جيڪا زمين مون هنن کي ڏني آهي تنهن مان، آءٌ هنن جون پاڙون پٽي ڪڍندس ۽ هيءُ گهر، جو مون پنهنجي نالي لاءِ پاڪ ڪيو آهي سو آءٌ پنهنجي نظر کان پاسي ڪري ڇڏيندس، ۽ انهن کي سڀني قومن ۾ ضرب المثل ۽ هڪڙو مثال ڪري ڇڏيندس.


سو مون کين ڇڏي ڏنو تہ ڀلي تہ پنهنجي دل جي هوڏ تي، ۽ صلاح تي هلن.


ڇالاءِ جو خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ڏس، آءٌ هن وقت هن ملڪ جي رهاڪن کي کانڀاڻيءَ سان اُڇلائي ڇڏيندس، ۽ انهن کي اهڙو تنگ ڪندس جو پاڻهي ياد ڪندا،


اي اسرائيل جا آسرا، مصيبت جي وقت انهي جا بچائيندڙ، ڇالاءِ تون هن ملڪ ۾ پرديسيءَ وانگي ٿو رهين، ۽ انهي مسافر وانگي، جو هڪ رات لاءِ ٽڪي؟


تڏهن خداوند مون کي چيو تہ جيتوڻيڪ موسيٰ ۽ سموئيل منهنجي اڳيان کڻي بيهن تہ بہ جيڪر منهنجي دل هن قوم ڏي ڪڏهن بہ نہ لڙي: انهن کي منهنجي نظر اڳيان ڪڍي ڇڏ تہ ڀلي هليا وڃن.


۽ آءٌ انهن کي تنهنجي دشمنن وٽ انهي ملڪ ۾ موڪليندس، جنهن جي توکي خبر ڪانهي؛ ڇالاءِ جو منهنجي ڪاوڙ جي باهہ اوهان تي ٻري آهي.


جيڪي يهوداہ جي بادشاهہ منسي بن حزقياہ، يروشلم ۾ ڪيو تنهنجي نسبت آءٌ هنن کي زمين جي سڀني بادشاهتن ۾ دربدر ڪري رلائيندس.


ڇالاءِ جو خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ تون ماتم ڪندڙ جي گهر ۾ نہ گِهڙ؛ نہ ماتم ڪرڻ لاءِ وڃ، ۽ نہ هنن جي لاءِ ڪو افسوس ڪر: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ مون هن قوم تان خير سلامتي، بلڪ محبت جهڙي مهرباني ۽ مروت کڻي ورتي آهي.


۽ تون پاڻ، جيڪا ميراث مون توکي ڏني هئي، تنهن کان ڌار ٿيندين: ۽ جنهن زمين جو تون واقف ناهين، تنهن ۾ آءٌ توکان تنهنجي دشمنن جي خدمت چاڪري ڪرائيندس: ڇالاءِ جو اوهان منهنجي ڪاوڙ جي باهہ ٻاري آهي، جا هميشہ پئي ٻرندي.


آءٌ توکي، ۽ جنهن تنهنجي ماءُ توکي ڄڻيو، تنهن کي ٻئي ملڪ ۾ اُڇلائي ڇڏيندس، جتي تون نہ ڄائو هئين؛ ۽ اُتيئي تون مرندين.


اهو ماڻهو ڪونياہ نفرت جهڙو ڀڳل ٿانو آهي ڇا؟ هو اهڙو ٿانو آهي ڇا جو پسند ڪرڻ جهڙو ناهي؟ ڇالاءِ هو ۽ ان جو اولاد ٻاهر ڪڍيا ويا آهن ۽ انهي ملڪ ۾ ڦٽا ڪيا ويا آهن، جن جي هنن کي خبر ئي ڪانهي؟


۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن اوهين چوندا تہ خداوند اسان جي خدا ڇالاءِ اسان سان هي سڀ جُٺيون ڪيون آهن؟ تڏهن انهن کي چئج، تہ جيئن اوهان مون کي ڇڏي پنهنجي ملڪ ۾ ڌارين معبودن جي عبادت پئي ڪئي آهي، تيئن اوهين بہ، جو ملڪ اوهان جو ناهي تنهن ۾ ڌارين جي ٻانهپ ڪندا.


جڏهن هنن ڪراهت جهڙا ڪم ڪيا تڏهن هو شرمندا هئا ڇا؟ نہ، هنن کي بلڪل شرم نہ آيو، نہ هنن کي ڪو حياءُ ٿيو: تنهن ڪري جيڪي ڪرندا، تن ۾ هو بہ ڪِرندا: خداوند ٿو فرمائي تہ جڏهن آءٌ کين سزا ڏيڻ لاءِ ايندس تڏهن هو هيٺ اُڇلايا ويندا.


خداوند توکي ۽ جيڪو بادشاهہ تون پنهنجي مٿان مقرر ڪندين، تنهن کي اهڙيءَ قوم ۾ پهچائيندو، جنهن جي توکي يا تنهنجي ابن ڏاڏن کي ڪابہ خبر ڪانهي؛ اتي تون ٻين معبودن جي عبادت ڪندين، جي ڪاٺ ۽ پهڻ جا هوندا.


۽ خداوند غصي ۾، ڪاوڙ ۾، ۽ ڏاڍي چڙ ۾ ڀرجي هنن جي ملڪ مان سندن پاڙ پٽي ڪڍي، ۽ کين ٻئي ملڪ ۾ اُڇلايائين، جيئن ڪ اڄوڪي ڏينهن ظاهر آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ