يرمياہ 15:9 - Sindhi Bible9 جنهن ست ڄڻيا آهن سا ماندي ٿي وڃي ٿي؛ انهي ساهہ ڏنو آهي؛ انهي جو سج ڏينهن بيٺي لهي ويو آهي؛ هوءَ شرمندي ۽ پشيمان ٿي آهي، ۽ انهن مان جيڪي باقي بچندا، تنهنجي نسبت ۾، خداوند ٿو فرمائي تہ آءٌ انهن کي سندن دشمنن اڳيان ترار جي حوالي ڪندس. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible9 ست پٽيتي ماءُ پنهنجا ست ئي پٽ وڃائي غش کائي ڪرندي. هن جي اميد جي روشني اونداهيءَ ۾ بدلجي ويندي. هائو، ست ئي پٽ وڃائي هوءَ عزت ۽ شان کان محروم ٿي ويندي. قوم مان باقي بچي ويندڙن کي آءٌ سندن دشمنن هٿان جنگ ۾ مارائي ڇڏيندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
۽ پوءِ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ کي، ۽ سندس نوڪر ۽ ماڻهو، جي هن شهر ۾ مرض، ۽ ترار، ۽ ڏڪار کان باقي وڃي بچندا، تن کي بابل جي بادشاهہ نبوڪد نضر جي هٿن ۾، ۽ سندن دشمنن جي هٿن ۾، ۽ جيڪي سندن حياتيءَ جا ڳولائو آهن تن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندس: ۽ اهو هنن کي ترار جي ڌار سان ماريندو؛ هو انهن کي ڇڏي نہ ڏيندو، نہ انهن تي ڪو قياس ۽ نہ ڪو رحم ايندس.