Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 15:8 - Sindhi Bible

8 هنن جون بيوہ زالون منهنجي اڳيان سمنڊن جي واريءَ کان بہ وڌيڪ آهن: مون ٻنپهرن جي وقت جوان ماڻهن جي ماءُ تي ڦرلٽ ڪرڻ وارو آندو آهي: مون انهن تي اوچتو مصيبت ۽ خوف آڻي نازل ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 اوهان جي ملڪ ۾ رنن‌زالن جو تعداد سامونڊي ڪناري جي واريءَ جي ذرڙن کان بہ گھڻو ٿي ويندو. آءٌ اوهان جا جوان ڦُوهہ جوانيءَ ۾ ئي قتل ڪرائي سندن مائرن تي عذاب آڻيندس. هائو، آءٌ اوچتو انهن تي مصيبت ۽ دهشت آڻيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 15:8
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنجا ماڻهو ترار سان ڪرندا، ۽ تنهنجا پهلوان جنگ ۾ ڪرندا.


۽ بازارن ۾ رئندا ۽ پِٽيندا؛ ۽ هوءَ سُڃي سکڻي ٿي زمين تي ويهندي.


انهي ڏينهن ست زالون هڪڙي ماڻهوءَ کي جهلي چونديون تہ اسين پنهنجي ماني کائينديونسين، ۽ پنهنجا ڪپڙا ڍڪينديونسين: رڳو ايترو ڪر تہ تون اسان کي پنهنجي نالي سڏجڻ ڏي: اسان تان اسان جي خواري لاهہ.


ڇالاءِ جو جيڪي پٽ ۽ ڌيئون هن هنڌ ڄايون آهن، ۽ جن زالن انهن کي ڄڻيو آهي، ۽ جن مان اُهي پيدا ٿيا آهن، تن جي نسبت ۾ خداوند هيئن ٿو فرمائي:


تنهن ڪري سندن اولاد ڏڪار کي ڏيئي ڇڏ، ۽ کين ترار جي طاقت جي حوالي ڪري ڇڏ؛ ڀلي تہ هنن جون زالون بي اولاد ۽ بيوہ ٿين؛ ڀلي تہ هنن جا مرد ماڻهو ڪُسي وڃن، ۽ هنن جا جوان ماڻهو جنگ ۾ ترار سان مارجي وڃن.


۽ آءٌ تنهنجي تباهہ ڪرڻ وارا تيار ڪندس، جن مان هر ڪنهن کي پنهنجا هٿيار هوندا: ۽ اُهي تنهنجا عمدا عمدا ديودار وڍي باهہ ۾ اُڇلائي وجهندا.


قومن کي خبر ڏيو، يروشلم جي برخلاف اها ڳالهہ پڌري ڪريو، تہ پرانهين ملڪ مان پهري وارا اچن ٿا ۽ يهوداہ جي شهرن جي برخلاف هل ڪن ٿا.


جنهن ڪري ٻيلي مان هڪڙو شينهن اچي هنن کي ماريندو، ۽ رڻ پٽ وارو بگهڙ هنن کي لٽيندو؛ ۽ چيتو هنن جي شهرن جي اڳيان ڄڪ هڻندو، ۽ جيڪو اُتان ٻاهر نڪرندو سو ٽڪر ٽڪر ڪيو ويندو: ڇالاءِ جو هنن جا قصور گهڻا آهن، ۽ هنن جي بي وفائي وڌي وئي آهي.


اي منهنجي قوم جي ڌيءَ، تون کٿو چيلهہ سان ٻڌ، ۽ خاڪ ۾ ليٽ: ماتم ڪري زار زار روءُ: جيئن هڪڙي ئي هڪڙي پٽ لاءِ روئبو آهي؛ ڇالاءِ جو ڦرلٽ ڪرڻ وارو اوچتو اسان تي ايندو.


اسين يتيم ۽ بي پدر آهيون، اسان جون مائون بيوہ زالن جهڙيون آهن.


ان جي وچ ۾ سندس نبين جو منصوبو پيو هلي، ڄڻ تہ ڪو گجندڙ شينهن شڪار کي پيو ڦاڙي: هنن ماڻهو ڳهي ڇڏيا آهن؛ هو خزانو ۽ قيمتي شيون کڻن ٿا: هنن ان جي وچ ۾ گهڻيون زالون بيواهہ ڪيون آهن.


۽ تون ڏينهن جو ٿاٻو کائيندين، ۽ نبي بہ تو سان گڏ رات جو ٿاٻو کائيندو؛ ۽ آءٌ تنهنجي ماءُ کي ناس ڪري ڇڏيندس.


ڇالاءِ جو اُهو ساريءَ دنيا جي سڀني رهاڪن تي اچي ڪڙڪندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ