Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 15:7 - Sindhi Bible

7 ۽ مون هنن کي هن ملڪ جي چونڪن ۾ پاهوڙي سان اڏايو آهي؛ مون هنن کان ٻار کسي ورتا آهن، مون پنهنجي قوم کي ناس ڪري ڇڏيو آهي؛ تہ بہ هو پنهنجن رستن کان باز نہ آيا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 آءٌ هر شهر مان اوهان کي وائُري بُهہ وانگر واءُ ۾ اُڏائي ڇڏيندس. هائو، اوهين جيڪي منهنجي قوم آهيو، تن کي آءٌ بي‌اولاد ڪندس ۽ اوهان تي تباهي آڻيندس، ڇاڪاڻ تہ اوهان پاڻ کي ڪين سڌاريو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 15:7
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر بڇڙن جو حال اهڙو نہ آهي؛ اهي بهہ وانگي آهن جنهن کي واءُ اڏايو ڇڏي.


تون انهن کي وائريندين، ۽ واءُ انهن کي کڻي ويندو، ۽ واچوڙو انهن کي پکيڙي ڇڏيندو: ۽ تون خداوند جي ڪري خوشي ڪندين، ۽ اسرائيل جي قدوس جي ڪري وڏائي ڪندين.


ارامي اڳيان ۽ فلستي پٺيان؛ ۽ اهي وات پٽي اسرائيل کي ڳهي ويندا. ايتري هوندي بہ هن جي ڪاوڙ لهي نہ وئي آهي، پر هن جو هٿ اڃا ڊگهيريل آهي.


انهيءَ هوندي بہ ماڻهو انهيءَ ڏانهن نہ لڙيا آهن جنهن هنن کي ماريو، نڪي هنن لشڪرن جي خداوند کي ڳوليو آهي.


تنهن ڪري سندن اولاد ڏڪار کي ڏيئي ڇڏ، ۽ کين ترار جي طاقت جي حوالي ڪري ڇڏ؛ ڀلي تہ هنن جون زالون بي اولاد ۽ بيوہ ٿين؛ ڀلي تہ هنن جا مرد ماڻهو ڪُسي وڃن، ۽ هنن جا جوان ماڻهو جنگ ۾ ترار سان مارجي وڃن.


اي خداوند، تنهنجون اکيون سچ تي نہ ٿيون نهارين ڇا؟ تو انهن کي ڌڪ هنيو آهي، پر کين ڏک ڪونہ ٿيو: تو هنن کي ماري کپائي ڇڏيو آهي، پر هنن سيکت وٺڻ کان انڪار ڪيو: هنن پنهنجا منهن ٽڪر کان بہ سخت ڪيا آهن، هنن موٽي ڦرڻ کان انڪار ڪيو آهي.


۽ آءٌ بابل ڏي اُهي ڌاريا ماڻهو موڪليندس، جي ان کي واءُ هڻندا؛ ۽ اُهي ان جي زمين خالي ڪري ڇڏيندا: ڇالاءِ جو مصيبت جي ڏينهن اُهي چوڌاري سندس برخلاف بيهي ويندا.


ڇالاءِ جو موت اسان جن درين منجهہ چڙهي آيو آهي، ۽ اسان جن محلاتن ۾ گهڙي آيو آهي؛ تہ ٻارن کي گهٽين مان، ۽ جوان ماڻهن کي چونڪ مان وڍي ڇڏي.


اسرائيل جي گهراڻي کي چئو تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ پنهنجو پاڪ مڪان، جو اوهان جي طاقت جو فخر آهي، ۽ اوهان جي اکين جي خواهش آهي، ۽ جنهن تي اوهان جو هانءُ ٿو ڪُرڪي، تنهن کي آءٌ ناپاڪ ڪندس، ۽ اوهان جا پٽ ۽ اوهان جون ڌيئرون، جي اوهين پٺيان ڇڏي آيا آهيو، سي ترار سان ڪِرندا.


۽ اي آدمزاد، تون ڏس، جنهن ڏينهن آءٌ هنن کان سندن طاقت، سندن وڏائي جي خوشي، سندن اکين جي خواهش، ۽ اُهي جي سندن دل گهُريا آهن، يعني سندن پٽ ۽ سندن ڌيئرون، سي کسي وٺندس،


هائو، آءٌ ائين ڪندس تہ ماڻهو، يعني منهنجي قوم اسرائيل اوهان تي وري گهمندا ڦرندا، ۽ اُهي تنهنجا مالڪ ٿيندا، ۽ تون انهن جي ميراث ٿيندين، ۽ تون اڳتي وري سندن ٻارن کي انهن کان جدا نہ ڪندين.


اوهين پنهنجن ابن ڏاڏن جهڙا نہ ٿيو، جن وٽ اڳين نبين پڪاري ٿي چيو، تہ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي تہ اوهين پنهنجين بڇڙين راهن کان باز اچو، پر خداوند ٿو فرمائي، تہ هنن نڪي ٻڌو، نہ مون ڏي ڪَن ڏنائون.


جنهن کي پنهنجو ڇڄ هٿ ۾ آهي، ۽ اُهو پنهنجي ڳاهہ جي پڙ کي چڱيءَ طرح صفا ڪندو، ۽ پنهنجي ڪڻڪ ڀانڊي ۾ گڏ ڪري رکندو؛ پر بهہ کي اهڙيءَ باهہ ۾ ساڙيندو جا وسامڻ جي ئي ڪانهي.


تنهنجي اولاد تي، ۽ تنهنجيءَ ٻنيءَ جي پيداوار تي، تنهنجين گاين، ۽ ڌڻن جي ٻچن تي لعنت پوندي.


تنهنجا پٽ ۽ تنهنجون ڌيون ٻين ماڻهن کي ڏنيون وينديون، ۽ تنهنجون اکيون پيون نهارينديون، ۽ سارو ڏينهن انهن جو انتظار ڪندي رهجي وينديون: ۽ تنهنجو ڪوبہ وس ڪونہ پڄندو.


تون پٽ ۽ ڌيون ڄڻيندين، پر اهي تنهنجا ڪين ٿيندا؛ ڇالاءِ جو اهي قيدي ٿي ويندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ