يرمياہ 15:5 - Sindhi Bible5 ڇالاءِ جو اي يروشلم، ڪنهن کي توتي رحم ايندو؟ يا ڪير تنهنجي لاءِ افسوس ڪندو؟ يا ڪير لڙي اچي تنهنجي خير عافيت پڇندو؟ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible5 خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي يروشلم وارؤ! ڪنهن کي اوهان تي رحم ايندو؟ ڪير اچي اوهان جو همدرد ٿيندو؟ ڪير پنهنجي راهہ کان لڙي اچي اوهان کان خير عافيت پڇندو؟ အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
۽ پوءِ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ کي، ۽ سندس نوڪر ۽ ماڻهو، جي هن شهر ۾ مرض، ۽ ترار، ۽ ڏڪار کان باقي وڃي بچندا، تن کي بابل جي بادشاهہ نبوڪد نضر جي هٿن ۾، ۽ سندن دشمنن جي هٿن ۾، ۽ جيڪي سندن حياتيءَ جا ڳولائو آهن تن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندس: ۽ اهو هنن کي ترار جي ڌار سان ماريندو؛ هو انهن کي ڇڏي نہ ڏيندو، نہ انهن تي ڪو قياس ۽ نہ ڪو رحم ايندس.