Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 15:21 - Sindhi Bible

21 ۽ آءٌ توکي شريرن جي هٿان بچائيندس، ۽ آءٌ توکي زبردستن جي هٿان ڇڏائيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

21 آءٌ تو کي شريرن جي هٿ کان بچائيندس، هائو، انهن ظالمن جي پڪڙ مان آءٌ تو کي ڇڏائيندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 15:21
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اهو فرشتو جنهن مون کي سڀني بڇڙاين کان بچايو آهي، سو شل هنن ڇوڪرن کي برڪت ڏئي، ۽ شل هي منهنجي، ۽ منهنجي ابي ڏاڏي ابرهام، ۽ اضحاق، جي نالي سڏجن؛ شل هو ڌرتيءَ جي وچ ۾ وڌي راڄ ٿين.


جڏهن بدڪار ماڻهو، جي منهنجا دشمن ۽ ويري آهن، منهنجو ماس کائڻ لاءِ مون تي ڪاهي آيا، تڏهن اهي ٿاٻا کائي ڪري پيا.


خداوند انهن جي مدد ٿو ڪري، ۽ کين بچائي ٿو: هو کين بڇڙن کان بچائي ڇوٽڪارو ٿو ڏئين، ڇالاءِ جو انهن منجهس پناهہ ورتي آهي.


اوهين جيڪي خداوند کي پيار ٿا ڪريو، سي بڇڙائيءَ کان نفرت ڪريو: هو پنهنجي مقدسن جي جان کي سنڀالي ٿو؛ هو انهن کي بڇڙن جي هٿان ڇڏائي ٿو.


ڇالاءِ جو خوفناڪ ماڻهو نابود ٿي ويندو، ۽ ٺٺولي ڪندڙ فنا ٿي ويندو، ۽ جيڪي بدڪاري ڪرڻ لاءِ اکيون وجهيو ويٺا آهن سي تباهہ ٿي ويندا.


پر تنهنجي دشمن جو ڪٽڪ سنهيءَ مٽي وانگر ٿيندو، ۽ انهن خوفناڪ ماڻهن جو ڪٽڪ اُڏامندڙ تُهہ وانگي هوندو: هائو، اهو هڪ لحظي ۾ اوچتو ٿيندو.


۽ جيڪي توتي ظلم ٿا ڪن تن کي آءٌ سندن ئي گوشت کارائيندس؛ ۽ اُهي مٺي شراب وانگي پنهنجو رت پي مست ٿيندا: تڏهن سڀني ماڻهن کي خبر پوندي تہ آءٌ خداوند، يعقوب جو قادر خدا، تنهنجو نجات ڏيندڙ آهيان، آءٌ تنهنجو ڇڏائيندڙ آهيان.


جيڪو بہ هٿيار تنهنجي برخلاف جڙندو سو ڪامياب نہ ٿيندو؛ ۽ جيڪا زبان عدالت ۾ تنهنجي برخلاف اُٿندي تنهن کي تون ڏوهاري ٺهرائيندينءَ. خداوند فرمائي ٿو تہ اها خداوند جي بندن جي ميراث آهي، ۽ انهن جي راستبازي مون کان آهي.


تون قومن جو کير چوسيندينءَ ۽ بادشاهن جي ڇاتي بہ چوسيندينءَ، ۽ تون ڄاڻندينءَ، تہ آءٌ خداوند تنهنجو نجات ڏيڻ وارو ۽ ڇڏائيندڙ، ۽ يعقوب جو قادر آهيان.


خداوند جو هي ڪلام بہ مون تي نازل ٿيو، تہ


خداوند جي تعريف ڳايو، اوهين خداوند جي ساراهہ ڪريو: ڇالاءِ جو هن محتاجن جي جان بدڪارن جي هٿن مان ڇڏائي آهي.


پر اخيقام بن سافن جو هٿ يرمياہ سان هو، انهي لاءِ تہ هو هن کي قتل ٿيڻ لاءِ ماڻهن جي حوالي نہ ڪن.


ڇالاءِ جو خداوند يعقوب کي عيوضو ڏئي ڇڏايو آهي، ۽ جيڪو کانئس ڏاڍو هو تنهن جي هٿان هن کي آزاد ڪرائي ورتو اٿس.


انهيءَ طرح يرمياہ پهري وارن جي ايوان ۾ رهندو آيو، جيسين ڪ يروشلم جي وٺجڻ جو ڏينهن اچي پهتو. ۽ جڏهن يروشلم ورتو ويو تڏهن هيئن ٿيو، تہ


هاڻي بابل جي بادشاهہ نبوڪدرضر يرمياہ جي نسبت ۾ پهري وارن جي سردار نبوزرادان کي حڪم ڏنو، تہ


هن کي وٺي وڃي سندس چڱي سنڀال ڪر ۽ ڪو ايذاءُ نہ رسائينس؛ پر جيئن هو توکي چوي تيئن هن سان ڪج.


انهن جو ڇڏائيندڙ زور وارو آهي؛ لشڪرن جو خداوند انهي جو نالو آهي: هو انهن جي پاران پوري طرح حجت دليل ڪندو، تہ زمين کي آرام ڏئي، ۽ بابل جي رهاڪن کي بي آرام ڪري.


جيڪڏهن ائين ٿيندو تہ اسان جو خدا، جنهن جي اسين عبادت ٿا ڪريون، سو اسان کي باهہ جي ٻرندڙ کوري مان بہ بچائي سگهندو؛ ۽ اُهو، اي بادشاهہ، اسان کي تنهنجي هٿان ڇڏائيندو.


تڏهن هن ورندي ڏيئي چيو تہ ڏسو، آءٌ چئن ماڻهن کي باهہ جي وچ ۾ کليل گهمندو ٿو ڏسان، ۽ انهن کي ڪوبہ ايذاءُ نہ پهتو آهي؛ ۽ چوٿين جي شڪل ولد الاهيءَ جهڙي آهي.


۽ اسان کي آزمائش ۾ نہ آڻ پر بڇڙائيءَ کان بچاءِ، (ڇالاءِ جو بادشاهي، ۽ قدرت، ۽ وڏائي هميشہ تائين تنهنجي ئي آهي، آمين.)


پوءِ خدا، جو اطمينان جو چشمو آهي، سو شيطان کي سگهو ئي اوهان جي پيرن هيٺ لتاڙي ڇڏيندو. اسان جي خداوند يسوع مسيح جو فضل شل اوهان سڀني تي هجي.


۽ هن اسان کي هيڏي وڏي خطري کان ڇڏايو ۽ ڇڏائيندو؛ تنهن تي اسان اها اُميد رکي آهي، تہ هو اڃا بہ اسان کي ڇڏائيندو رهندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ