Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 15:20 - Sindhi Bible

20 ۽ آءٌ توکي هن قوم جي لاءِ هڪڙي مضبوط پتل جي ڀت ڪندس، ۽ هو تو سان وڙهندا پر تو تي غالب نہ ايندا: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي تہ توکي بچائڻ ۽ ڇڏائڻ لاءِ آءٌ توسان آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 آءٌ تو کي هن قوم جي اڳيان پتل جي هڪڙي مضبوط ڀت بڻائيندس. تنهنجا مخالف تو سان وڙهندا پر تو تي غالب اچي نہ سگھندا، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تو کي ڇڏائڻ ۽ بچائڻ واسطي تو سان گڏ آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 15:20
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

راستبازن جي نجات خداوند جي طرفان آهي: ۽ مصيبت جي وقت اهو ئي سندس مضبوط قلعو آهي.


لشڪرن جو خداوند اسان سان آهي؛ ۽ يعقوب جو خدا اسان جي پناهہ آهي.


لشڪرن جو خداوند اسان سان آهي: يعقوب جو خدا اسان جي پناهہ آهي.


تون ڊڄ نہ، ڇالاءِ جو آءٌ تو سان آهيان؛ همت نہ هار ڇو تہ آءٌ تنهنجو خدا آهيان: آءٌ توکي طاقت بخشيندس؛ هائو آءٌ تنهنجي مدد ڪندس؛ هائو، آءٌ پنهنجي سچائيءَ جي ساڄي هٿ سان توکي سنڀالي وٺندس.


تنهن ڪري خداوند پاڻ اوهان کي هڪڙو نشان ڏيندو؛ ڏسو، هڪڙي ڪنواري زال پيٽ سان ٿيندي، ۽ هڪڙو پٽ ڄڻيندي، ۽ انهيءَ جو نالو عمانوايل رکندي.


هنن جي ڪري ڊڄ نہ: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ توکي ڇڏائڻ جي لاءِ آءٌ تو سان آهيان.


ويل آهي مون سان، اي منهنجي ماءُ، جو تو مون کي سڄيءَ دنيا جي لاءِ جهيڙاڪ ۽ معاملائي ماڻهو ٿيڻ واسطي ڄڻيو! نہ مون وياج تي قرض ڏنو آهي؛ ۽ نہ ڪي ڪنهن مون کي قرض ڏنو آهي؛ تنهن هوندي بہ انهن مان هرڪو مون تي لعنت پيو وجهي.


اي خداوند، تون ڄاڻين ٿو: مون کي ياد ڪر ۽ منهنجي سار لهہ، ۽ منهنجن ستائيندڙن کان وير وٺ: پنهنجي گهڻي صبر ۽ تحمل ڪري مون کي نہ کڻي وڃ: ڄاڻ تہ تنهنجي واسطي مون طعنا مهڻا سٺا آهن.


انهيءَ طرح يرمياہ پهري وارن جي ايوان ۾ رهندو آيو، جيسين ڪ يروشلم جي وٺجڻ جو ڏينهن اچي پهتو. ۽ جڏهن يروشلم ورتو ويو تڏهن هيئن ٿيو، تہ


هاڻي بابل جي بادشاهہ نبوڪدرضر يرمياہ جي نسبت ۾ پهري وارن جي سردار نبوزرادان کي حڪم ڏنو، تہ


جنهن بابل جي بادشاهہ جو اوهان کي ڊپ آهي، تنهن کان نہ ڊڄو؛ خداوند ٿو فرمائي تہ انهي جو ڪوبہ ڊپ نہ رکو، ڇالاءِ جو اوهان کي بچائڻ لاءِ ۽ هن جي هٿان ڇڏائڻ لاءِ، آءٌ اوهان سان آهيان.


مون توکي پنهنجي قوم ۾ هڪڙو ٺلهہ ۽ قلعو ڪيو آهي؛ انهي لاءِ تہ تون انهن جو رستو سڃاڻين ۽ آزمائين.


ڏس، مون تنهنجي منهن کي هنن جي منهن جي مقابلي ۾ سخت ڪيو آهي ۽ تنهنجي پيشاني هنن جي پيشانين جي مقابلي ۾ سخت ڪئي اٿم.


چقمق جي پهڻن کان بہ وڌيڪ، بلڪ هيري وانگي مون تنهنجي پيشاني ڪئي آهي: هنن کان نہ ڊڄ، نہ هنن جا منهن ڏسي هراسان ٿيءُ، جيتوڻيڪ اُهو باغي گهراڻو آهي.


جيڪڏهن ائين ٿيندو تہ اسان جو خدا، جنهن جي اسين عبادت ٿا ڪريون، سو اسان کي باهہ جي ٻرندڙ کوري مان بہ بچائي سگهندو؛ ۽ اُهو، اي بادشاهہ، اسان کي تنهنجي هٿان ڇڏائيندو.


شل خداوند تنهنجي روح سان هجي ۽ تو تي فضل ٿيندو رهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ