Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 15:16 - Sindhi Bible

16 تنهنجو ڪلام مون لڌو، ۽ اُهو مون کاڌو؛ ۽ تنهنجون ڳالهيون منهنجي لاءِ خوشي ۽ منهنجي دل جي سرهائي هيون: ڇالاءِ جو اي لشڪرن جا خداوند خدا، آءٌ تنهنجي نالي سان ٿو سڏجان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 تو جيڪي چيو سو مون ڌيان سان ٻڌو. تنهنجيون ڳالهيون منهنجي لاءِ خوشي ۽ سرهائيءَ جو باعث هيون، ڇاڪاڻ تہ اي خداوند، قادرِمطلق خدا! آءٌ تنهنجو ئي آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 15:16
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ سڀ ماڻهو پنهنجي منهن هليا ويا، تہ وڃي کائن پيئن، ۽ ٻين کي ڪجهہ موڪلين، ۽ گهڻي خوشي ڪن، ڇالاءِ جو جيڪو ڪلام کين پڙهي ٻڌايو ويو هو، سو هنن سمجهيو هو.


آءٌ هن جي چپن جي حڪمن کان ڦري نہ ويو آهيان: مون هن جي ڪلام کي پنهنجي ضروري کاڌي کان بہ وڌيڪ سانڍي رکيو آهي.


مون تنهنجين شاهدين کي هميشہ لاءِ پنهنجو ورثو ڪيو آهي؛ ڇو تہ اهي منهنجيءَ دل جي خوشي آهن.


آءٌ تنهنجي قانونن کان خوش رهندس: ۽ تنهنجو ڪلام ڪين وساريندس.


تنهنجي وات جي شريعت مون لاءِ هزارن مهرن ۽ چانديءَ کان بهتر آهي.


م اوهہ، مون کي تنهنجي شريعت ڪهڙي نہ پياري آهي! آءٌ سڄو ڏينهن مٿس غور پيو ڪريان.


اهي سون کان، بلڪ ڪُندن کان بہ وڌيڪ دلپسند آهن: اهي ماکيءَ کان ۽ ان جي ماناري کان بہ مٺا آهن.


تون ڇو انهي منجهيل ماڻهوءَ وانگي ٿيو آهين، ۽ انهيءَ بهادر وانگي جو بچائي نٿو سگهي؟ انهيءَ هوندي بہ اي خداوند، تون اسان جي وچ ۾ آهين، ۽ اسين تنهنجي نالي ٿا سڏجون؛ تون اسان کي ڇڏي نہ ڏي.


پر اي آدمزاد، جيڪي آءٌ توکي چوان ٿو سو تون ٻڌ؛ هن باغي گهراڻي جهڙو تون باغي نہ ٿيءُ: پنهنجو وات پَٽ ۽ جيڪي توکي ڏيان ٿو سو کاءُ.


اي يعقوب جا گهراڻا، ڪڏهن ائين چوڻ ۾ ايندو ڇا تہ خداوند جو روح تنگ ٿي ويو آهي. هي انهي جا ڪم آهن ڇا؟ جيڪو سچائي تي هلي ٿو، تنهن کي منهنجي ڪلام مان فائدو نٿو رسي ڇا؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ