Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 15:15 - Sindhi Bible

15 اي خداوند، تون ڄاڻين ٿو: مون کي ياد ڪر ۽ منهنجي سار لهہ، ۽ منهنجن ستائيندڙن کان وير وٺ: پنهنجي گهڻي صبر ۽ تحمل ڪري مون کي نہ کڻي وڃ: ڄاڻ تہ تنهنجي واسطي مون طعنا مهڻا سٺا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 پوءِ مون چيو تہ ”اي خداوند! تون منهنجي تڪليفن کي ڄاڻين ٿو. سو مون کي نہ وسار ۽ منهنجي سار لهہ. ڏس، مون تنهنجي خاطر ڪيڏا نہ طعنا ۽ مهڻا سٺا آهن. تون منهنجي مخالفن سان ايتري صبر ۽ تحمل سان پيش نہ اچ، بلڪ انهن کان منهنجو بدلو وٺ، ان کان اڳ جو هو مون کي ماري وجھن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 15:15
42 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ مون لاوين کي حڪم ڏنو تہ پاڻ کي پاڪ ڪري اچي دروازن جي نگهباني ڪن، تہ سبت جو ڏينهن پاڪ رهي. اي منهنجا خدا، اهو بہ منهنجي حق ۾ ياد رکج، ۽ پنهنجيءَ وڏيءَ رحمت موجب مون کي معاف ڪج.


۽ ٺهرايل وقتن تي ڪاٺين جي نذراني، ۽ پهرين ڦر لاءِ بہ انهن کي مقرر ڪيم. اي منهنجا خدا، منهنجي يادگيري چڱائيءَ لاءِ ڪج.


اي منهنجا خدا، جيڪي مون هنن ماڻهن جي لاءِ ڪيو آهي، سو سڀ منهنجي چڱائيءَ لاءِ ياد ڪج.


اي منهنجا خدا، طوبياہ ۽ سنبلط کي سندن ڪمن موافق ياد ڪر، ۽ نوعيدياہ نبياڻي، ۽ باقي ٻين نبين کي بہ، جن مون کي ڊيڄارڻ ٿي گهريو.


جيتوڻيڪ تون ڄاڻين ٿو تہ آءٌ شرير نہ آهيان؛ ۽ ٻيو ڪو بہ ڪونهي جو تنهنجي هٿان ڇڏائي سگهي؟


مون چيو تہ اي خدا منهنجي اڌ عمر ۾ مون کي کڻي نہ وٺ: تنهنجا ورهيہ تہ سڀني پيڙهين تائين پيا هلن.


اي خداوند تنهنجي مهرباني جيڪا تنهنجيءَ اُمت تي آهي تنهن جي ڪري مون کي بہ ياد ڪر؛ پنهنجي نجات مون کي عطا ڪر.


تنهنجي بندي جا ڏينهن ڪيترا آهن؟ تون ڪڏهن منهنجي ستائيندڙن جي عدالت ڪندين؟


تو منهنجيءَ دل کي آزمايو آهي؛ ۽ رات جو مون تي نظر ڪئي اٿيئي؛ تو مون کي جاچيو آهي، پر مون ۾ ڪا خرابي ڪانہ ڏٺي اٿيئي؛ مون ارادو ڪيو آهي تہ منهنجي واتان برائي نہ ٿئي.


پنهنجو هٿ مون کان جهل تہ آءٌ ساهہ پٽيان، انهي کان اڳي تہ آءٌ هتان هليو وڃان ۽ فنا ٿي وڃان.


بلڪ اسين تہ سڄو ڏينهن تو لاءِ پيا مارجون؛ ۽ ڪوس جي رڍن وانگي پيا ڳڻجون.


۽ چيائين تہ اي خداوند آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ هاڻي ياد ڪر تہ ڪيئن نہ آءٌ تنهنجي حضور ۾ سچائيءَ ۽ سالم دل سان هليو آهيان، ۽ جيڪي تنهنجي نظر ۾ چڱو هو سو ڪيو اٿم. پوءِ حزقياہ زار زار رئڻ لڳو.


پر اي خداوند، منهنجي توکي خبر آهي؛ تون مونکي ڏسين ٿو ۽ منهنجي دل جا تو سان آهي، تنهن جي آزمائش وٺين ٿو: هنن کي ڪوس جي رڍن وانگي ڇڪي ٻاهر ڪڍ، ۽ ذبح جي ڏينهن لاءِ هنن کي تيار ڪري رک.


ويل آهي مون سان، اي منهنجي ماءُ، جو تو مون کي سڄيءَ دنيا جي لاءِ جهيڙاڪ ۽ معاملائي ماڻهو ٿيڻ واسطي ڄڻيو! نہ مون وياج تي قرض ڏنو آهي؛ ۽ نہ ڪي ڪنهن مون کي قرض ڏنو آهي؛ تنهن هوندي بہ انهن مان هرڪو مون تي لعنت پيو وجهي.


۽ آءٌ توکي هن قوم جي لاءِ هڪڙي مضبوط پتل جي ڀت ڪندس، ۽ هو تو سان وڙهندا پر تو تي غالب نہ ايندا: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي تہ توکي بچائڻ ۽ ڇڏائڻ لاءِ آءٌ توسان آهيان.


باقي آءٌ سو تنهنجي پٺيان ڌنار ٿيڻ کان ضدي نہ ٿيو آهيان؛ نڪي مون ويل واري ڏينهن جي خواهش ڪئي آهي: تون ڄاڻين ٿو؛ جيڪي منهنجن چپن مان نڪتو، سو تنهنجي روبرو هو.


هائو، اي خداوند، توکي خبر آهي تہ هنن منهنجي قتل ڪرڻ لاءِ ڪهڙي صلاح ڪئي آهي؛ هنن جي بدڪاري معاف نہ ڪر، نڪي هنن جو گناهہ پنهنجي نظر کان لڪائي ڇڏ: بلڪ هنن کي پنهنجي اڳيان اونڌو ڪري ڪيراءِ، پنهنجي ڪاوڙ جي وقت هنن سان جوڳي هلت ڪر.


پر خداوند هڪڙي زبردست ۽ خوفناڪ شخص وانگي مون سان آهي: تنهن ڪري مون کي ستائڻ وارا آٿڙندا، ۽ اُهي غالب نہ پوندا: هو تمام گهڻو شرمندا ٿيندا ڇالاءِ جو هنن ڏاهپ جي هلت نہ ڪئي آهي، بلڪ اهڙي خواري ڪئي آهي جا هميشہ تائين هلندي، ۽ ڪڏهن بہ وسري نہ ويندي.


پر اي لشڪرن جا خداوند، جو سچي کي آزمائين ٿو ۽ گردن ۽ دل کي ڏسين ٿو، مون کي اهو بدلو ڏيکار، جو تون هنن کان وٺندين؛ ڇالاءِ جو مون تو وٽ پنهنجو فرياد ڪيو آهي.


ڇالاءِ جو جيترا ڀيرا آءٌ ڳالهايان ٿو اوترا ڀيرا غضب ۽ بربادي ٿو پڪاريان: ڇاڪاڻ تہ خداوند جو ڪلام سڄو ڏينهن منهنجي لاءِ طعنو ۽ مهڻو ڪيو ويو آهي.


اي خداوند، تو هنن جي هٿن جي ڪم موجب کين بدلو ڏي.


تون ڪاوڙ ۾ هنن جي پٺيان پئُہ، ۽ خداوند جي آسمانن جي هيٺان هنن کي ناس ڪر.


۽ منهنجي نالي ڪري سڀئي ماڻهو اوهان سان عداوت ڪندا، پر جيڪو توڙ تائين قائم رهندو، سو ئي نجات پائيندو.


۽ جنهن ڪنهن منهنجي نالي ڪري گهر، يا ڀائر، يا ڀينر، يا پيءُ، يا ماءُ، يا ٻار، يا ٻنيون ڇڏي ڏنيون آهن، تن کي اُهي سؤڻيون ملنديون، ۽ اهو هميشہ جي زندگيءَ جو وارث ٿيندو.


۽ منهنجي نالي ڪري سڀ ماڻهو اوهان سان نفرت ڪندا.


اي عزيزو، پاڻ پنهنجو وير نہ وٺو، پر (خدا جي) غضب کي واٽ ڏيو: ڇالاءِ جو لکيل آهي تہ خداوند فرمائي ٿو، تہ ”وير وٺڻ منهنجو ڪم آهي، بدلو آئون ئي ڏيندس.“


ڪير اسان کي مسيح جي پيار کان ڌار ڪندو؟ مصيبت، يا تنگي، يا ظلم، يا ڏڪار، يا اوگهڙ، يا خطرو، يا ترار؟


تنهنڪري خداوند جو خوف ڄاڻي اسين ماڻهن کي سمجهايون ٿا، ۽ اسان جو حال خدا کي معلوم آهي، ۽ مون کي اُميد آهي تہ اوهانجين دلين کي بہ اسان جي حال جي خبر پيئي هوندي.


سڪندر ٺاٺاري مون سان ڏاڍي بڇڙائي ڪئي: خدا هن کي بدلو ڏيندو؛


اي آسمان، ۽ سڀيئي پاڪ ٿيل، ۽ رسول، ۽ نبي، اوهين انهي تي خوشي ڪريو؛ ڇالاءِ جو خدا انصاف ڪري هن کان اهو بدلو ورتو.


۽ انهن وڏي آواز سان چيو تہ اي پاڪ ۽ سچا خداوند خدا، تون ڪيستائين عدالت نہ ڪندين، ۽ جيڪي زمين تي آهن، تن کان اسان جي خون جو بدلو نہ وٺندين؟


۽ سمسون خداوند کي پڪاري چيو تہ اي خداوند خدا، آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ مون کي ياد ڪر، ۽ آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ اي خداوند، رڳو هن ڀيري مون کي زور ڏي تہ آءٌ فلستين کان پنهنجين ٻن اکين جو وير وٺان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ