Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 15:13 - Sindhi Bible

13 آءٌ تنهنجي ملڪيت ۽ تنهنجا خزانا، جي تنهنجن سڀني گناهن سبب تنهنجن سرحدن ۾ آهن، تن کي بنا قيمت لٽائي ڦرائي ڇڏيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 يهوداہ ملڪ جي سرحدن اندر ماڻهن جو جيڪو بہ مال ملڪيت ۽ خزانا آهن، نہ رڳو سي سڀ آءٌ سندن گناهن جي ڪري لٽائي ڦرائي ڇڏيندس،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 15:13
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تون پنهنجيءَ اُمت کي مفت ۾ ٿو وڪڻين، ۽ سندن قيمت مان پنهنجي دولت ڪانہ وڌائي اٿيئي.


ڇالاءِ جو خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ اوهين مفت وڪاڻا هئا، سو بنا پئسن ڇڏيا ويندا.


تنهن ڪري هاڻي خداوند فرمائي ٿو، تہ جڏهن منهنجي اُمت کي مفت ۾ وٺي ويا آهن، تڏهن آءٌ هتي ڇا ڪريان؟ خداوند فرمائي ٿو تہ انهن جا حاڪم واڪا ٿا ڪن، ۽ سارو ڏينهن منهنجي نالي تي ڪفر ٿا بڪن.


هنن جون بيوہ زالون منهنجي اڳيان سمنڊن جي واريءَ کان بہ وڌيڪ آهن: مون ٻنپهرن جي وقت جوان ماڻهن جي ماءُ تي ڦرلٽ ڪرڻ وارو آندو آهي: مون انهن تي اوچتو مصيبت ۽ خوف آڻي نازل ڪيو آهي.


اي منهنجا جبل تون جو ميدان ۾ آهين، گناهہ جي ڪري آءٌ تنهنجن سڀني سرحدن ۾ تنهنجو سڀ مال، ۽ تنهنجا سڀ خزانا، ۽ تنهنجون سڀ مٿانهيون جايون لٽ جي لاءِ ڏئي ڇڏيندس.


تنهن کان سواءِ هن شهر جي سڄي دولت، ۽ ان جون سڀ پيدائشون، ۽ ان جون سڀ قيمتي شيون، هائو، يهوداہ جي بادشاهن جا سڀ خزانا، آءٌ هنن جي دشمنن جي هٿن ۾ ڏيندس، ۽ اُهي انهن کي لٽي بابل ڏي کڻي ويندا.


سبا ۽ ددان، ۽ ترسيس جا سوداگر پنهنجي سڀني جوان شينهن سان توکي چوندا تہ تون لٽ جو مال ڦرڻ آيو آهين ڇا؟ تو چاندي ۽ سون، چوپايو مال ۽ ٻين شين جي لٽ جو گهڻو مال کڻي وڃڻ لاءِ، ۽ شڪار هٿ ڪرڻ لاءِ، پنهنجو ميڙ گڏ ڪيو آهي ڇا؟


انهن جي دولت لٽ جو مال ٿيندي، ۽ انهن جا گهر ويران ٿيندا: هائو، هو اڏيندا پر وسائيندا ڪين؛ ۽ هو انگورستان لڳائيندا، پر انهن جو شراب نہ پيئندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ