Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 15:10 - Sindhi Bible

10 ويل آهي مون سان، اي منهنجي ماءُ، جو تو مون کي سڄيءَ دنيا جي لاءِ جهيڙاڪ ۽ معاملائي ماڻهو ٿيڻ واسطي ڄڻيو! نہ مون وياج تي قرض ڏنو آهي؛ ۽ نہ ڪي ڪنهن مون کي قرض ڏنو آهي؛ تنهن هوندي بہ انهن مان هرڪو مون تي لعنت پيو وجهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 ويل آهي مون لاءِ، اي منهنجي امڙ! ڪاش! آءٌ پيدا ئي نہ ٿيان ها. سڄي ملڪ وارن جي نظر ۾ آءٌ جھيڙاڪ ۽ تڪراري بڻيو آهيان. آءٌ نہ ڪنهن کان ڪجھہ وٺان نہ ڪنهن کي ڪجھہ ڏيان، تنهن هوندي بہ هر ڪنهن جو لعنتاڻو مون تي ئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 15:10
32 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اخي آب ايلياہ کي چيو تہ اي منهنجا دشمن، تو مون کي اچي لڌو آهي ڇا؟ ۽ هن ورندي ڏني تہ مون توکي لڌو آهي؛ ڇالاءِ جو تو اُنهيءَ ڪم ڪرڻ لاءِ پاڻ کي وڪيو آهي جو خداوند جي نظر ۾ برو آهي.


۽ اسرائيل جي بادشاهہ يهوسفط کي چيو تہ اڃا بہ هڪڙو ماڻهو آهي، يعني ميڪاياہ بن املہ، جنهن جي هٿان اسين خداوند کان پڇا ڪري ٿا سگهون: پر آءٌ انهيءَ کي ڌڪاريان ٿو؛ ڇالاءِ جو هو منهنجي نسبت ۾ ڪا چڱي پيشنگوئي نٿو ڪري پر بڇڙي ٿو ڪري. ۽ يهوسفط چيو تہ بادشاهہ کي ائين چوڻ نہ گهرجي.


اهي ڀلي تہ لعنت ڪن، پر تون برڪت ڏي؛ جڏهن اهي اُٿندا تڏهن شرمندا ٿيندا، پر تنهنجو بندو خوش ٿيندو.


جو پنهنجا پئسا وياج تي اُڌارا نٿو ڏئي، نڪي بي گناهہ جي برخلاف رشوت ٿو وٺي. جيڪو اهو ڪم ٿو ڪري تنهن کي ڪڏهن لوڏو ڪين ايندو.


جيڪي بنا سبب مون سان دشمن ٿا رکن سي منهنجي مٿي جي وارن کان بہ گهڻا آهن: جيڪي ناحق مون سان دشمني ڪري مون کي تباهہ ڪرڻ ٿا گهرن سي زوراور آهن: انهي ڪري جيڪي مون کسيو ڪونہ هو، سو مون ڀري ڏنو.


منهنجي قوم مان جيڪو تو وٽ غريب آهي تنهن کي جيڪڏهن تون ڪي پئسا اُڌارا ڏين، تہ قرض خواہ وانگر انهي کان ڇڪ نہ ڪج، نڪي مٿس وياج رکج.


جيئن جهرڪي رلڻ ۾، ۽ جيئن ابابيل اُڏامڻ ۾، تيئن جيڪا لعنت بي سبب آهي سا لهي نٿي.


۽ آءٌ توکي هن قوم جي لاءِ هڪڙي مضبوط پتل جي ڀت ڪندس، ۽ هو تو سان وڙهندا پر تو تي غالب نہ ايندا: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي تہ توکي بچائڻ ۽ ڇڏائڻ لاءِ آءٌ توسان آهيان.


تون انهيءَ کان وياج يا نفعو نہ وٺج؛ پر پنهنجي خدا کان ڊڄندو رهج: تہ ڀلي تنهنجو ڀاءُ تو سان گڏ رهندو اچي.


تون پنهنجا پئسا هن کي وياج تي نہ ڏج، نڪي نفعي جي لاءِ هن کي کاڌو کارائج.


ڇو تون مون کي بي انصافي ۽ ڏنگائي ٿو ڏيکارين؟ ڦرلٽ ۽ ظلم زبردستي منهنجي اڳيان آهن، ۽ جهيڙو ۽ بحث پيو هلي.


انهيءَ وقت هو اوهان کي عذابن ڏيڻ لاءِ ٻين جي حوالي ڪندا، ۽ سڀ قومون منهنجي نالي ڪري اوهان سان عداوت رکنديون.


پر آئون اوهان کي چوان ٿو تہ پنهنجن دشمنن کي پيار ڪريو، ۽ جيڪي اوهان کي ستائين، تن جي لاءِ دعا گهرو؛


۽ شمعون کين برڪت ڏني، ۽ سندس ماءُ مريم کي چيائين تہ ڏس، هي ٻار اسرائيل ۾ گهڻن جي ڪِرڻ ۽ وري اُٿڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي، ۽ هڪڙي نشان لاءِ آهي، جنهن جي مخالفت ٿيندي:


مبارڪ آهيو اوهين، جڏهن ابن آدم جي ڪري ماڻهو اوهان کي ڌڪاريندا، ۽ اوهان کي ڪڍي ڌار ڪندا، ۽ ڦٽ لعنت ڪندا، ۽ اوهان جي نالي کي بڇڙو سمجهي رد ڪندا.


پر چڱو ٿيندو تہ جيڪي تنهنجا خيال آهن، سي اسان کي ٻُڌاءِ: باقي هن فرقي جي بابت اسان کي خبر آهي تہ جتي ڪٿي انهي جي گلا آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ