Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 14:4 - Sindhi Bible

4 ڇالاءِ جو زمين سڪي پئي آهي، ۽ ملڪ ۾ مينهن ڪونہ پيو آهي، هاري شرمندا آهن ۽ پنهنجا مٿا ڍڪين ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 زمين سڪي ٺوٺ ٿي پيئي آهي، ڇاڪاڻ تہ ملڪ ۾ مينهن ڪونهي پيو. نااميديءَ سببان هارين جا ڪنڌ جھڪيل آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 14:4
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ مان بہ تون پنهنجا هٿ مٿي تي رکي نڪري ويندينءَ: ڇالاءِ جو خداوند تنهنجو ڀروسو رد ڪيو آهي، ۽ انهي جي ڪري تون ڪامياب نہ ٿيندينءَ.


تنهن ڪري مينهن جهلجي ويو آهي، ۽ پوئين برسات بہ ڪانہ پئي آهي؛ انهي هوندي بہ تنهنجي پيشاني ڪسبيءَ جهڙي هئي، ۽ شرمندي ٿيڻ کان تو انڪار ڪيو.


اي ڪڙمي، اوهين ڪڻڪ ۽ جَوَن جي لاءِ شرمندا ٿيندا، اي ڊاک جا باغبان، اوهين واويلا مچايو؛ ڇالاءِ جو ٻنيءَ جو فصل چٽ ٿي ويو آهي.


ٻج مٽيءَ جي ڀترن هيٺان سڙي ڪِنو ٿو ٿئي؛ اَن جا انبارخانا ويران پيا آهن، ڀنڊار ڀڳا پيا آهن؛ ڇالاءِ جو فصل سُڪي ويو آهي.


۽ جيڪڏهن انهن ڳالهين هوندي بہ اوهين منهنجو حڪم نہ مڃيندا، تہ آءٌ اوهان کي اوهان جي گناهن جي عيوض ستوڻي سزا ڏيندس.


انهي ڪري ٻہ يا ٽي شهر پاڻي پيئڻ لاءِ رلندا، هڪڙي شهر ۾ آيا، پوءِ بہ ڍءُ نہ ٿين: انهي هوندي بہ خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهين مون ڏي نہ موٽيا آهيو.


۽ هي بہ ڏسندا تہ انهي جي ساري زمين کي گندرف، ۽ شورو لڳو پيو آهي، ۽ اهڙي تہ سڙي ويئي آهي، جو منجهس نڪا پوک ٿي ٿئي، نڪا پيداوار ٿي ٿئي، نڪو گاهہ ٿو اُڀري: اهو ملڪ سدوم، ۽ عمورہ، ۽ ادمہ، ۽ ضبوئيم وانگر ويران ٿي ويو آهي، جنهن کي خداوند پنهنجي غصي ۽ ڪاوڙ ۾ نابود ڪري ڇڏيو:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ