Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 14:22 - Sindhi Bible

22 غير قومن جي اجاين شين مان اهڙيون ڪي آهن ڇا جي مينهن پيدا ڪري سگهن؟ يا آسمان ڪي برسات آڻي سگهندا ڇا؟ اي خداوند! اسان جا خدا، تون اُهو ناهين ڇا؟ تنهن ڪري اسين تنهنجي خدمت ۾ اُميدوار رهنداسين؛ ڇالاءِ جو تو اهي سڀ شيون جوڙيون آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 ڇا غير قومن جا بيڪار بت مينهن وسائي ٿا سگھن؟ ڇا آسمان پنهنجو پاڻ وسڪارو ڪري ٿا سگھن؟ هرگز نہ، اي خداوند! اسان جا خدا! ائين رڳو تون ئي ڪري سگھين ٿو. تنهنڪري اسان جي اميد تو ۾ ئي آهي، ڇاڪاڻ تہ اهو سڀ ڪجھہ رڳو تنهنجي وس ۾ آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 14:22
39 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ايلياہ تشبي، جو جلعاد جي رهاڪن مان هو، تنهن اخي آب کي چيو تہ خداوند اسرائيل جي جيئري خدا جو قسم آهي، جنهن جي اڳيان آءٌ بيٺو آهيان، تہ منهنجي چئي بنا هنن ورهين ۾ ماڪ يا مينهن نہ پوندو.


ڇالاءِ جو خداوند اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اُنهيءَ مٽ مان اٽو ڪين کُٽندو، نڪي انهيءَ دليءَ مان تيل کُٽندو، جيسين ڪ اُهو ڏينهن نہ ايندو، جنهن ۾ خداوند زمين تي مينهن وسائيندو.


۽ گهڻن ڏينهن کان پوءِ هيئن ٿيو تہ خداوند جو ڪلام ٽئين ورهيہ ۾ ايلياہ وٽ آيو، ۽ چيائينس تہ وڃ، وڃي اخي آب کي پاڻ ڏيکار: ۽ آءٌ زمين تي مينهن موڪليندس.


تہ تون آسمان ۾ ٻڌج، ۽ پنهنجن ٻانهن جو، ۽ پنهنجي قوم اسرائيل جو گناهہ معاف ڪج، جو تون انهيءَ وقت هنن کي سيکارين ٿو تہ ڪيئن چڱي رستي تي هلن؛ ۽ جيڪا زمين تو پنهنجي قوم کي ورثو ڪري ڏني آهي تنهن تي مينهن موڪلج.


جڏهن هن مينهن لاءِ قانون ٺاهيو، ۽ گجگوڙ ۽ وڄ لاءِ رستو مقرر ڪيو.


جو زمين تي مينهن وسائي ٿو. ۽ ٻنين تي پاڻي موڪلي ٿو:


آءٌ خداوند جي انتظار ۾ آهيان، منهنجي جان مشتاق آهي ۽ سندس ڪلام ۾ منهنجي اميد آهي.


هو زمين جي ڇيڙن کان بخار جا بادل ٿو اُٿاري؛ ۽ مينهن لاءِ وڄ پيدا ٿو ڪري؛ ۽ واءُ کي پنهنجي خزانن مان ٿو ڪڍي.


جو آسمان کي ڪڪرن سان ڍڪي ٿو، جو زمين لاءِ مينهن تيار ٿو ڪري، ۽ جبلن تي گاهہ ٿو اُڀرائي.


شل ايمانداري ۽ سچائي منهنجي نگهباني ڪن، ڇالاءِ جو آءٌ تنهنجي ئي انتظار ۾ آهيان.


هاڻي جيڪي تنهنجي انتظار ۾ آهن، تن مان ڪوبہ شرمندو نہ ٿيندو: پر جيڪي بي سبب دغا ٿا ڪن سي ئي شرمندا ٿيندا.


خداوند جو انتظار ڪر: زوراور ٿي ۽ همت جهل؛ هائو خداوند جو انتظار ڪر.


تڏهن بہ خداوند اوهان تي مهرباني ڪرڻ لاءِ ترسندو؛ ۽ اوهان تي رحم ڪرڻ لاءِ سرفراز ٿيندو: ڇالاءِ جو خداوند عادل خدا آهي؛ جيڪي هنجا منتظر آهن سي سڀ مبارڪ آهن.


۽ جيڪو ٻج تون زمين ۾ پوکيندين، تنهن لاءِ هو مينهن وسائيندو، ۽ زمين جي ڀلي فصل مان ماني ڏيندو، ۽ اها چڱي ۽ ججهي ٿيندي: انهي ڏينهن تنهنجو چوپايو مال وڏين ويئن ۾ چرندو.


ڏس، هو سڀيئي، ۽ سندن ڪم فاني ۽ حقير آهن: هنن جون پلٽيل مورتون واءُ ۽ مونجهارو آهن.


هن پنهنجي قدرت سان زمين جوڙي آهي، هن پنهنجي حڪمت سان دنيا قائم ڪئي آهي، ۽ پنهنجي سمجهہ سان هن آسمان پکيڙيا آهن:


جڏهن هو پنهنجو آواز ڪڍي ٿو تڏهن آسمان ۾ پاڻيءَ جو گوڙ مچي ٿو، ۽ زمين جي ڪنارن کان هو بخار مٿي چاڙهي ٿو؛ هو مينهن جي لاءِ وڄ جوڙي ٿو، ۽ پنهنجن خزانن مان واءُ آڻي ٿو.


اهي اجايا آهن، بلڪ فريب ڏيندڙ ڪم آهن: سزا جي وقت اُهي چٽ ٿي ويندا.


قومن جا رواج اجايا آهن: ڇالاءِ جو پنهنجي هٿن سان ٻيلي مان وڻ وڍي واڍو ڪهاڙي سان ڪجهہ ٺاهي ٿو.


اي خداوند، منهنجا زور، ۽ منهنجا ڪوٽ، ۽ مصيبت جي ڏينهن منهنجا اجها، سڀ قومون زمين جي ڪنارن کان تو وٽ ئي اينديون، ۽ چوندا تہ اسان جي ابن ڏاڏن کي ورثي ۾ رڳو ڪوڙ مليا آهن، يعني اجايون شيون، اهڙيون شيون جن مان ڪوبہ فائدو ڪونهي.


هنن خداوند کان منڪر ٿي چيو آهي تہ هي اُهو ناهي؛ نڪي خرابي اسان جي مٿان ايندي، نڪي اسين ترار يا ڏڪار ڏسنداسين:


نڪي هو پنهنجي دل ۾ چون ٿا اچو تہ هاڻي خداوند پنهنجي خدا کان ڊڄون، جو پوري موسم ۾ مينهن ڏئي ٿو؛ جهڙو اڳيون تهڙو پويون؛ جو انسان جي لاءِ فصل جا مقرر ڪيل هفتا قائم ٿو ڪري.


جڏهن هو هڪل ٿو ڪري تڏهن آسمانن ۾ پاڻيءَ جو جوش پيدا ٿئي ٿو، ۽ هو زمين جي ڪنارن کان ٻاڦ اُٿاري ٿو؛ هو زمين جي لاءِ وڄ جوڙي ٿو، ۽ پنهنجن خزانن مان واءُ ڪڍي ٿو،


۽ هوءَ پنهنجي سينڌن جي پٺيان لڳندي، پر انهن کي وڃي پهچي نہ سگهندي؛ ۽ هوءَ انهن کي ڳوليندي، پر انهن کي ڪين لهندي: پوءِ هوءَ چوندي تہ آءٌ موٽي پنهنجي پهرين مڙس وٽ وينديس؛ ڇالاءِ جو تڏهن منهنجي حالت هاڻوڪيءَ کان بهتر هئي.


تڏهن اي بني صيون اوهين سرها ٿيو ۽ خداوند پنهنجي خدا جي ڪري خوشي ڪريو: ڇالاءِ جو هو اوهان کي آڳاٽو مينهن پوري انداز ۾ ڏئي ٿو، ۽ هو اوهان جي لاءِ مينهن وسائي ٿو، جهڙو اڳيون تهڙو پويون، جيئن اڳي هوندو هو.


۽ جڏهن اڃا فصل جي لهڻ ۾ ٽي مهينا پيا هئا، تڏهن مون اوهان کان مينهن بہ روڪي ڇڏيو: ۽ مون هڪڙي شهر تي مينهن وسايو ۽ ٻئي شهر تي مينهن نہ وسايو: هڪڙي زمين جي ٽڪر تي مينهن پيو، ۽ جنهن ٽڪر تي مينهن نہ پيو سو سڙي سُڪي ويو.


۽ اُهي ترار سان اسور جي ملڪ کي ۽ نمرود جي زمين کي اندر گهڙڻ وارين جاين تائين، ويران ڪندا، ۽ هو اسان کي اسور کان بچائيندو، جڏهن اُهو اسان جي ملڪ ۾ ايندو ۽ اسان جي سرحد ۾ پير رکندو.


باقي آءٌ، سو خداوند ڏي نهاريندس؛ آءٌ پنهنجي نجات بخشيندڙ خدا جي لاءِ منتظر ٿي ويهندس: منهنجو خدا منهنجي ٻڌندو.


تہ اوهان جو پيءُ جو آسمان ۾ آهي تنهن جا ٻار ٿيو: ڇالاءِ جو اُهو پنهنجو سج چڱن ۽ مندن تي اُڀرائي ٿو، ۽ سچن ۽ ڪوڙن تي مينهن ٿو وسائي.


خداوند تنهنجي لاءِ پنهنجو اعليٰ خزانو، يعني آسمان کي کولي تنهنجي ملڪ ۾ مندائتو مينهن وسائيندو، ۽ تنهنجي هٿ جي سڀني ڪمن ۾ برڪت وجهندو: تون گهڻين قومن کي قرض ڏيندين، پر تون قرض ڪونہ کڻندين.


جيڪو خدا ناهي تنهن جي سبب انهن مون کي غيرت ڏياري آهي؛ ۽ پنهنجين اجاين ڳالهين جي ڪري مون کي ڪاوڙايو اٿن: سو آءٌ بہ انهن کي اهڙن ماڻهن جي سبب غيرت ڏياريندس جي اُمت نہ آهن؛ ۽ هڪڙيءَ بي عقل قوم جي ڪري کين ڪاوڙائيندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ