Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 14:16 - Sindhi Bible

16 ۽ جن ماڻهن وٽ هو نبوت ڪن ٿا سي ڏڪار ۽ ترار جي ڪري يروشلم جي گهٽين ۾ اُڇلايا ويندا، ۽ ڪوبہ انهن کي پورڻ وارو ڪونہ هوندو، نہ انهن کي نہ انهنجي زالن کي، نہ انهن جي پٽن، نہ انهن جي ڌيئن کي: ڇالاءِ جو آءٌ هنن جي شرارت مٿن اوتي وجهندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 جن ماڻهن کي هو اهو پيغام ٻڌائين ٿا، تن جا لاش ڏڪار ۽ جنگ جي سببان يروشلم جي گھٽين ۾ اڇلايا ويندا. ڪوبہ کين دفنائڻ وارو نہ هوندو، نہ انهن کي، نہ انهن جي زالن کي ۽ نہ وري انهن جي پٽن يا ڌيئرن کي. آءٌ مٿن اها مصيبت آڻيندس جنهن جا هو حقدار آهن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 14:16
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن ڪري هو خود پنهنجي راهہ جو ڦل ڀوڳيندا، ۽ پنهنجين تجويزن سان ڍءُ ڪندا.


تنهنجا پٽ سڀني گهٽين جي منهن تي ائين بيهوش پيا آهن جيئن هرڻ ڄار ۾ ڦاسندو آهي؛ اهي خداوند جي ڪاوڙ، ۽ تنهنجي خدا جي ملامت سان ڀريل آهن.


ڇالاءِ جو جيڪي هن قوم جا سردار آهن سي ئي انهيءَ کي گمراهہ ڪن ٿا؛ ۽ جيڪي انهن جي پيروي ٿا ڪن؛ سي ناس ٿي وڃن ٿا.


تہ هو خوفناڪ موت مرندا، هنن تي رئڻ پٽڻ وارو ڪوبہ ڪونہ هوندو، ۽ نہ هنن کي ڪو دفن ڪندو، ۽ هو زمين جي مٿان ڇيڻي وانگي پيا رهندا: ۽ هو ترار ۽ ڏڪار سان ماري کپايا ويندا؛ ۽ هنن جا مڙهہ آسمان جي پکين ۽ زمين جي مرن جو قوت ٿيندا.


تنهن ڪري سندن اولاد ڏڪار کي ڏيئي ڇڏ، ۽ کين ترار جي طاقت جي حوالي ڪري ڇڏ؛ ڀلي تہ هنن جون زالون بي اولاد ۽ بيوہ ٿين؛ ڀلي تہ هنن جا مرد ماڻهو ڪُسي وڃن، ۽ هنن جا جوان ماڻهو جنگ ۾ ترار سان مارجي وڃن.


۽ تون، اي فشحور، ۽ جيڪي تنهنجي گهر ۾ رهن ٿا سي سڀ قيد ٿي ويندا: ۽ تون بابل ۾ ويندين، ۽ اتي تون مرندين ۽ اُتيئي دفن ٿيندين، نہ رڳو تون پر سڀيئي تنهنجا دوست جن وٽ تو ڪوڙي نبوت ڪئي آهي.


ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ مون هنن کي ڪونہ موڪليو آهي پر اهي ڪوڙ ڪري منهنجي نالي نبوت ٿا ڪن؛ انهي لاءِ تہ آءٌ اوهان کي هڪالي ڪڍان، ۽ اوهين ۽ اُهي نبي بہ، جي اوهان وٽ نبوت ٿا ڪن، چٽ ٿي وڃو.


تنهنجي هلت ۽ تنهنجي ڪمن اهي واقعا تنهنجي سر تي آندا آهن؛ اها تنهنجي شرارت آهي؛ بيشڪ اها ڪَڙي آهي، جو تنهنجي دل تائين وڃي رسي آهي.


نبي ڪوڙي پيشنگوئي ٿا ڪن، ۽ ڪاهن انهن جي وسيلي حڪم هلائين ٿا؛ ۽ منهنجي قوم کي اهو حال پسند آهي: پر نيٺ اوهين ڇا ڪندا؟


۽ انهي قوم جا مڙهہ، هوا جي پکين ۽ زمين جي جانورن جو قوت ٿيندا؛ ۽ ڪوبہ انهن کي هڪالي نہ ڪڍندو.


خداوند ٿو فرمائي تہ انهيءَ وقت هو يهوداہ جي بادشاهن جا هڏا، ۽ سندس اميرن ۽ ڪاهنن جا هڏا، ۽ نبين ۽ يروشلم جي رهاڪن جا هڏا، سندن قبرن مان ڪڍندا.


۽ انهن کي سج ۽ چنڊ ۽ آسمان جي سڄي لشڪر جي اڳيان پکيڙيندا، جن سان انهن محبت رکي آهي، ۽ جن جي هنن عبادت ڪئي آهي، ۽ جن جي پٺيان هو هليا آهن، ۽ جن کي هنن ڳوليو آهي، ۽ جن کي هنن سجدو ڪيو آهي: هو نہ گڏ ڪيا ويندا ۽ نہ دفن ڪيا ويندا؛ هو زمين جي سطح تي ڇيڻي جي بجاءِ ٿيندا.


اي زالون، اڃا بہ اوهين خداوند جو آواز ٻڌو تہ سندس وات جو ڪلام اوهان جن ڪنن تي پوي، ۽ اوهين پنهنجي ڌيئرن کي اوسارڻ سيکاريو، ۽ اوهان مان هرڪو پنهنجي پاڙي واريءَ کي ماتم ڪرڻ سيکاري.


چئو تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ماڻهن جا مڙهہ کليل ميدان تي ائين ڪرندا جيئن ڇيڻا، ۽ جيئن لاباري ڪندڙ جي پٺيان ڪريل سٽا، ۽ ڪوبہ انهن کي گڏ ڪين ڪندو.


۽ هو ڪن ماڻهن کي چونڊي ڌار ڪندا جي انهي ڪم ۾ هميشہ مشغول رهندا؛ ۽ هو راهہ لنگهندڙن جا مڙهہ، جيڪي زمين تي رهجي ويا هوندا تن کي دفن ڪرڻ لاءِ ملڪ مان گذرندا تہ زمين صاف ٿي وڃي: ستن مهينن گذرڻ کانپوءِ هو تلاش ڪندا.


تنهنڪري خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ تنهنجي زال شهر ۾ هڪڙي ڪڃري ٿيندي، ۽ تنهنجا پٽ ۽ تنهنجون ڌيئرون ترار سان مرندا، ۽ تنهنجي زمين ڏور سان ورهائي ويندي؛ ۽ تون پاڻ اهڙيءَ زمين ۾ مرندين جا ناپاڪ آهي: ۽ اسرائيل ضرور پنهنجي ملڪ مان قيد ڪري ڪڍيو ويندو.


هنن کي ڇڏي ڏيو؛ هو انڌا سونهان آهن. جيڪڏهن انڌو انڌي جو سونهون ٿيندو تہ ٻئي کڏ ۾ ڪِرندا.


۽ مون هڪڙو وڏو آواز پاڪ جاءِ مان ايندو ٻُڌو، جنهن انهن ستن ملائڪن کي چيو تہ اوهين وڃي خدا جي قهر جا ست پيالا زمين تي اوتيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ