Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 14:13 - Sindhi Bible

13 تڏهن مون چيو تہ هاءِ، اي خداوند خدا، ڏس، نبي هنن کي چون ٿا تہ اوهين ترار نہ ڏسندا، نڪي اوهان ۾ ڏڪار پوندو! پر آءٌ اوهان کي هن هنڌ يقيناً خير سلامتي ڏيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 تڏهن مون چيو تہ ”هاءِ! اي خداوند خدا! اهي نبي سڏائيندڙ آهن جيڪي تنهنجو نالو کڻي ماڻهن کي چوندا رهندا آهن تہ ’نہ ڪو اوهان سان جنگ ڪرڻ ايندو ۽ نہ ئي اوهين ڏڪار ۾ ڦاسندا، بلڪ هن ملڪ ۾ اوهين خير ۽ سلامتيءَ سان گذاريندا.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 14:13
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن جا پهريدار انڌا آهن، اهي سڀ بي علم آهن؛ اهي سڀ گونگا ڪتا آهن، اهي ڀونڪي نٿا سگهن؛ اهي خواب پيا لهن؛ ۽ انهن کي سستي پسند آهي.


تڏهن مون چيو تہ هاءِ، اي خداوند خدا! ڏس آءٌ ڳالهائي نٿو سگهان: ڇالاءِ جو آءٌ ٻار آهيان.


۽ تون، اي فشحور، ۽ جيڪي تنهنجي گهر ۾ رهن ٿا سي سڀ قيد ٿي ويندا: ۽ تون بابل ۾ ويندين، ۽ اتي تون مرندين ۽ اُتيئي دفن ٿيندين، نہ رڳو تون پر سڀيئي تنهنجا دوست جن وٽ تو ڪوڙي نبوت ڪئي آهي.


جيڪي مون کي ڌڪارين ٿا تن کي هو هميشہ پيا چون تہ خداوند فرمايو آهي تہ اوهان وٽ خير سلامتي هوندي؛ ۽ جيڪي پنهنجي دل جي نٺرائي پٺيان ٿا هلن تن مان هر هڪ کي هو چون ٿا تہ اوهان تي ڪابہ خرابي نہ ايندي.


هاڻي اوهان جا اُهي نبي ڪٿي آهن جن اوهان کي پيشنگوئي ڪري چيو تہ بابل جو بادشاهہ اوهان تي يا هن ملڪ تي ڪاهي نہ ايندو؟


تڏهن مون چيو تہ هاءِ اي خداوند خدا! يقيناً تو هن قوم سان ۽ يروشلم سان ڏاڍي دغا ڪئي آهي جو چيو اٿيئي تہ اوهين سلامت رهندا؛ پر حقيقت ڪري ترار اچي جان تائين پهتي آهي.


هنن خداوند کان منڪر ٿي چيو آهي تہ هي اُهو ناهي؛ نڪي خرابي اسان جي مٿان ايندي، نڪي اسين ترار يا ڏڪار ڏسنداسين:


۽ نبي هوا ٿي ويندا ۽ ڪلام انهن ۾ ڪونهي: انهن سان اهو حال ڪيو ويندو.


نبي ڪوڙي پيشنگوئي ٿا ڪن، ۽ ڪاهن انهن جي وسيلي حڪم هلائين ٿا؛ ۽ منهنجي قوم کي اهو حال پسند آهي: پر نيٺ اوهين ڇا ڪندا؟


هنن سلامتي، سلامتي، چئي منهنجي قوم جي ڦٽ جو ڪچو علاج ڪيو آهي، پر حقيقت ڪري سلامتي ڪانهي.


۽ هنن سلامتي، سلامتي، چئي منهنجي قوم جي ڌيءَ جي ڦٽ جو ڪچو علاج ڪيو آهي؛ پر حقيقت ڪري سلامتي ڪانهي.


ڇالاءِ جو اسرائيل جي گهراڻي ۾ وري اڳتي ڪوبہ باطل رويا نہ ٿيندو، ۽ نہ خوشامد جهڙي فال نڪرندي.


ڇالاءِ جو ڪوڙ سان، جن سچارن کي مون غمگين نہ ڪيو آهي، تن جي دل کي اوهان رنج ڪيو آهي؛ ۽ شرير جي هٿن کي زور وارو ڪيو اٿوَ، تہ اُهو پنهنجي خراب رستي کان باز نہ اچي ۽ جيئرو نہ رهي.


انهن جا سردار انعام لاءِ عدالت ٿا ڪن، ۽ انهن جا ڪاهن ڀاڙو وٺي تعليم ٿا ڏين، ۽ نبي پئسن تي غيب گوئي ٿا ڪن، انهي هوندي بہ هو خداوند تي ڀروسو رکڻ ٿا گهرن ۽ چون ٿا تہ خداوند اسان جي وچ ۾ ناهي ڇا؟ اسان تي ڪابہ خرابي نہ ايندي.


پر انهيءَ اُمت ۾ بہ ڪوڙا نبي پيدا ٿيا، جيئن ڪ اوهان ۾ بہ ڪوڙا اُستاد پيدا ٿيندا، جي ڳجهہ ڳوهہ ۾ برباد ڪندڙ بدعتون شروع ڪندا، ۽ ايتري قدر جو انهي ڌڻيءَ جو بہ انڪار ڪندا، جنهن کين خريد ڪيو، ۽ هو پاڻ کي جلد ئي برباد ڪري ڇڏيندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ