1 خداوند جو ڪلام جو خشڪ ساليءَ جي نسبت ۾ يرمياہ تي نازل ٿيو.
1 خداوند مون يرمياہ کي خشڪ ساليءَ جي باري ۾ فرمايو تہ
۽ آءٌ انهي کي ويران ڪري ڇڏيندس: ۽ نہ انهي جي ڇانگ ڪرڻ ۾ ايندي ۽ نہ گڏ؛ بلڪ اتي ڪانڊيرا ۽ ڪنڊا پيدا ٿيندا: آءٌ ڪڪرن کي بہ حڪم ڏيندس تہ انهيءَ تي مينهن نہ وسائين.
ڇالاءِ جو هو انهي وڻ وانگي ٿيندو جو پاڻيءَ جي ڀرسان پوکيل هجي، ۽ جو پنهنجون پاڙون نديءَ جي ڪناري تي پيو پکيڙي، انهن کي گرميءَ جي اچڻ جو ڪوبہ ڊپ نہ ٿيندو، ۽ سندس پن ساوا رهندا: ۽ خشڪ ساليءَ جي ڪابہ ڳڻتي نہ هونديس، ۽ نہ ڦر ڏيڻ کان بس ڪندو.
تنهن ڪري مينهن جهلجي ويو آهي، ۽ پوئين برسات بہ ڪانہ پئي آهي؛ انهي هوندي بہ تنهنجي پيشاني ڪسبيءَ جهڙي هئي، ۽ شرمندي ٿيڻ کان تو انڪار ڪيو.
اوهان جن بدڪارين اهي شيون ڦيرائي ڇڏيون آهن، ۽ اوهان جن گناهن اوهان کان چڱائي روڪي ڇڏي آهي.