Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 13:26 - Sindhi Bible

26 تنهن ڪري آءٌ بہ تنهنجي دامن تنهنجي ئي منهن تي کوليندس، ۽ تنهنجي اوگهڙ ظاهر ڪندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

26 سو اي يروشلم جي وسندي! خداوند پاڻ تنهنجا ڪپڙا لاهيندو ۽ تنهنجو شرم اُگھاڙيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 13:26
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنجي اوگهڙ پڌري ٿيندي، هائو، تنهنجي شرمندگي ڏسڻ ۾ ايندي: آءٌ وير وٺندس، ۽ ڪوبہ ماڻهو قبول نہ ڪندس.


۽ جي تون پنهنجي دل ۾ چوندين تہ هي مصيبتون منهنجي سر تي ڇو آيون آهن؟ تنهنجي گناهہ جي وڏائيءَ ڪري تنهنجي دامن کولي وئي آهي، ۽ تنهنجن کڙين کي عذاب ڏنو ويو آهي.


پر مون عيسوءَ کي اگهاڙو ڪيو آهي، مون هنن جون ڳجهيون جايون ظاهر ڪيون آهن، جنهن ڪري هو پاڻ کي لڪائي نہ سگهندو: هن جو نسل لٽجي ويو آهي، ۽ هن جا ڀائر، ۽ هن جا پاڙيسري، ۽ هو پاڻ نيست نابود ٿي ويو آهي.


يروشلم جي ڌيءَ وڏا گناهہ ڪيا آهن؛ تنهن ڪري هوءَ هڪڙي ناپاڪ شيءِ جهڙي ٿي پئي آهي: جيڪي اڳي عزت ڏيندا هئس سي سڀ هاڻي ڌڪارينس ٿا، ڇالاءِ جو انهن سندس اوگهڙ ڏٺي آهي: هائو؛ هوءَ ٿڌا ساهہ کڻي ٿي، ۽ پٺتي موٽي ٿي.


ڏس آءٌ تنهنجا اُهي سڀ سينڌ گڏ ڪندس، جن سان تو مزا پئي ماڻيا آهن، ۽ اُهي سڀ جن کي تو پيار پئي ڪيو آهي، ۽ اُهي سڀ جن کي تو پئي ڌڪاريو آهي؛ انهن کي هر طرف کان آءٌ تنهنجي برخلاف گڏ ڪندس، ۽ هنن جي اڳيان تنهنجي اوگهڙ ظاهر ڪندس، تہ ڀلي اُهي تنهنجي اوگهڙ ڏسن.


۽ هو توسان دشمنيءَ جي هلت ڪندا، ۽ تنهنجو سڀ پورهيو کڻي ويندا، ۽ توکي اُگهاڙو ننگو ڇڏي ويندا؛ ۽ تنهنجي زناڪارين جي اوگهڙ، تنهنجي شهوت پرستي، توڙي تنهنجون زناڪاريون ظاهر ٿي پونديون.


هاڻي آءٌ سندس يارن جي اڳيان سندس شهوت پرستي ظاهر ڪندس، ۽ ڪوبہ هن کي منهنجي هٿان نہ ڇڏائيندو.


۽ آءٌ هن جون ڊاکون، ۽ هن جا انجير جا وڻ برباد ڪري ڇڏيندس، جنهن جي نسبت ۾ هن چيو آهي تہ اهي منهنجن سينڌن جي ڏنل خرچي آهن: ۽ آءٌ انهن کي ٻيلو ڪري ڇڏيندس، ۽ جهنگ جا مرون اُنهن کي پيا کائيندا.


لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ ڏس آءٌ تنهنجي برخلاف آهيان؛ آءٌ تنهنجو دامن اُٿلائي تنهنجي منهن تي وجهندس، ۽ قومن ۾ توکي اُگهاڙو ۽ بادشاهتن ۾ توکي بي شرم ڪندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ