Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 13:20 - Sindhi Bible

20 پنهنجون اکيون مٿي کڻو، ۽ جيڪي اُتر کان اچن ٿا تن کي ڏسو: جيڪو ڌڻ، يعني سهڻو ڌڻ توکي ڏنو ويو هو سو ڪٿي آهي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 اي يروشلم جي وسندي! پنهنجيون اکيون کڻي اتر کان چڙهائي ڪري آيل پنهنجي دشمنن کي ڏس. هاڻ ٻڌاءِ تہ تنهنجي ملڪ جو پاليل ڌڻ ڪٿي آهي؟ هائو، تنهنجا اهي رهاڪو ڪٿي آهن جن تي تو کي وڏو ناز هو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 13:20
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

رعيت جي گهڻائيءَ ۾ بادشاهہ جو فخر آهي: پر رعيت جي گهٽتائيءَ ۾ بادشاهہ جي هلاڪت آهي.


تڏهن خداوند مون کي چيو تہ اُتر منجهان ملڪ جي سڀني رهاڪن تي خرابي ڪاهي پوندي.


ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ اُتر جي حڪومتن مان سڀني قبيلن کي سڏيندس؛ ۽ اُهي ايندا ۽ انهن مان هرڪو پنهنجو تخت يروشلم جي دروازن جي لنگهہ تي، ۽ آسپاس ان جي ڀتين جي سامهون ۽ يهوداہ جي سڀني شهرن جي سامهون قائم ڪندو.


ڏس، هڪڙو افواهي آواز، هڪڙو وڏو هنگامو اُتر واري ملڪ کان ٿو اچي، انهي لاءِ تہ يهوداہ جي شهرن کي ويران ڪري گدڙن جي جوءِ ڪري ڇڏي.


پر جي اوهين نہ ٻڌندا تہ منهنجو روح ڳجهيءَ طرح اوهان جي مغروريءَ جي ڪري رئندو؛ ۽ منهنجون اکيون زار زار رئنديون ۽ ڳوڙها وهائينديون، ڇالاءِ جو خداوند جو ڌڻ قيد ٿي ويو آهي.


تنهن ڪري خداوند اسرائيل جو خدا منهنجي قوم جي ڌنارن جي برخلاف هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهان منهنجو ڌڻ ڇڙ وڇڙ ڪري ڇڏيو آهي، ۽ انهي کي هڪالي ڪڍيو آهي، ۽ انهي جي خبر نہ لڌي اٿوَ؛ ڏسو، خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ اوهان جن ڪرتوتن جي بڇڙائي سبب اوهان جي خبر لهندس.


۽ جيڪي سلامت هئا سي خداوند جي خوفناڪ ڪاوڙ سبب چپ ڪرايا ويا آهن.


خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ڏس، اُتر واري ملڪ مان هڪڙي قوم اچي ٿي؛ ۽ زمين جي تمام پرانهن ڀاڱن مان هڪڙي وڏي اُمت اُٿاري ويندي.


ڇالاءِ جو ڏسو، آءٌ ڪسدين کي، جا ڪَرڙي ۽ اُٻري قوم آهي، اُٿاري کڙو ڪندس: جي سڄي زمين تي هلن ٿا ۽ اُهي جايون هٿ ٿا ڪن جي سندن ناهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ