15 اوهين ٻڌو ۽ ڪن ڏيو؛ مغرور نہ ٿيو؛ ڇالاءِ جو خداوند فرمايو آهي.
15 اي بني اسرائيل! خداوند جو فرمان ٻڌو، هٺيلا نہ ٿيو، بلڪ انهيءَ تي عمل ڪريو.
جيڪو پنهنجي دل ۾ مغرور آهي تنهن کان خداوند کي نفرت ٿي اچي: بيشڪ هو اڻ سزا ڏنل رهجي نہ ويندو.
اي آسمان ٻڌو، ۽ اي زمين ڪن ڏي، ڇالاءِ جو خداوند فرمايو آهي: تہ ٻارن کي مون پالي وڏو ڪيو آهي، پر اهي مون کان باغي ٿيا آهن.
اوهان مان ڪير آهي جو انهيءَ ڏانهن ڪن ڏيندو؟ جو ايندڙ وقت بابت غور سان ٻڌندو؟
خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ انهيءَ وانگي آءٌ يهوداہ جي وڏائي ۽ يروشلم جي وڏي مغروري خراب ڪندس.
رڳو هيتري پڪ ڄاڻو تہ جي اوهين مون کي ماري وجهندا، تہ اوهين هڪڙي بيگناهہ جو خون پنهنجي مٿان، ۽ هن شهر تي، ۽ اُن جي رهاڪن تي آڻيندا، ڇالاءِ جو خداوند سچ پچ مون کي اوهان ڏي موڪليو آهي، تہ اهي سڀ ڳالهيون ڪري اوهان جن ڪنن تي وجهان.
اي پير مرد اوهين ٻڌو، ۽ هن ملڪ جا سڀ رهاڪو اوهين ڪَن ڏيو. ڪڏهن اهڙي ڳالهہ اوهانجن ڏينهن ۾، يا اوهان جي ابن ڏاڏن جي ڏينهن ۾ ٿي آهي؟
۽ خداوند مون کي ڌڻ جي پٺيان وڃڻ کان کڻي ورتو، ۽ خداوند مون کي چيو تہ وڃي منهنجي قوم اسرائيل وٽ نبوت ڪر.
خداوند جي حضور ۾ پاڻ کي نماڻو ڪريو تہ هو اوهان کي سرفراز ڪندو.
جنهن کي ڪَن آهن سو ٻُڌي تہ روح ڪليسيائن کي ڇا ٿو چوي.