Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 13:13 - Sindhi Bible

13 تڏهن تون انهن کي چئج تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو، آءٌ هن ملڪ جي سڀني رهاڪن کي، يعني جيڪي بادشاهہ دائود جي تخت تي ويهن ٿا تن کي، ۽ ڪاهنن کي، ۽ نبين کي، ۽ يروشلم جي سڀني رهاڪن کي، نشي سان ڀري ڇڏيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 تڏهن تون کين مون خداوند جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ آءٌ سندن ملڪ يهوداہ جي سڀني رهاڪن کي، يعني جيڪي بادشاهہ دائود جي تخت تي ويهن ٿا تن کي، ڪاهنن کي، نبي سڏائيندڙن کي ۽ يروشلم جي سڀني رهاڪن کي ڄڻ تہ نشو پيئاري مدهوش ڪري ڇڏيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 13:13
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تو پنهنجي قوم کي سختي ڏيکاري آهي: تو اسان کي آٿڙائڻ وارو شراب پياريو آهي.


ڇالاءِ جو خداوند جي هٿ ۾ هڪڙو پيالو آهي، جنهن ۾ ڳاڙهو شراب آهي، اُهو گڏيل شراب آهي: هو اُنهيءَ مان اوتي ٿو ڪڍي؛ ۽ زمين جا سڀيئي بڇڙا ماڻهو انهي جي تري جو نچوڙ پيئندا.


اوهين ترسو ۽ حيران ٿيو؛ خوشيون ڪريو ۽ مست ٿيو: اهي نشي ۾ آهن پر شراب سان نہ، اهي آٿڙن ٿا پر نشي جي ڪري نہ؛


۽ جيڪي توتي ظلم ٿا ڪن تن کي آءٌ سندن ئي گوشت کارائيندس؛ ۽ اُهي مٺي شراب وانگي پنهنجو رت پي مست ٿيندا: تڏهن سڀني ماڻهن کي خبر پوندي تہ آءٌ خداوند، يعقوب جو قادر خدا، تنهنجو نجات ڏيندڙ آهيان، آءٌ تنهنجو ڇڏائيندڙ آهيان.


اي يروشلم، جاڳ، جاڳ، اُٿي کڙو ٿيءُ، تو خداوند جي هٿان سندس ڪاوڙ جو پيالو پيتو آهي؛ تو سخت نشو ڏيندڙ پيالو پي خالي ڪيو آهي.


تنهن ڪري هاڻي اي ڏکويل، تون جا مست ٿي آهين، پر شراب سان نہ، هي ٻڌ:


۽ غصي ۾ مون قومن کي لتاڙيو، ۽ ڪاوڙ ۾ انهن کي مست ڪيم، ۽ انهن جو رت زمين تي وهائي ڇڏيم.


تنهن ڪري تون هنن کي هيءُ ڪلام چئُہ، تہ خداوند، اسرائيل جو خدا، هيئن ٿو فرمائي، تہ سڀڪا سانداري شراب سان ڀربي، ۽ هو توکي چوندا تہ اسان کي خبر ناهي ڇا تہ سڀ ڪا سانداري شراب سان ڀربي؟


۽ لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي تہ تون انهن کي چئُہ، تہ اوهين پيو ۽ مست ٿيو ۽ قئي ڪريو، ۽ ڪري پئو ۽ جيڪا ترار آءٌ اوهان ۾ موڪليندس تنهنجي سبب وري نہ اُٿو.


ڇالاءِ جو ڏسو، جيڪو شهر منهنجي نالي سان ٿو سڏجي، تنهن ۾ آءٌ خرابي ڪرڻ شروع ٿو ڪريان، تہ ڇا اوهين سزا کائڻ کان صاف ڇٽي ويندا؟ اوهين سزا کان ڇٽي نہ ويندا: ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند فرمائي ٿو، تہ آءٌ زمين جي سڀني رهاڪن تي ترار آڻيندس.


۽ آءٌ ان جي اميرن ۽ ان جي ڏاهن ماڻهن کي، اُن جي حاڪمن ۽ ان جي نائبن کي، ۽ ان جي بهادر مردن کي نشئي ڪندس؛ ۽ هو هميشہ واري ننڊ ۾ سمهي رهندا ۽ نہ جاڳندا؛ ائين اهو بادشاهہ ٿو فرمائي، جنهن جو نالو لشڪرن جو خداوند آهي.


بابل خداوند جي هٿ ۾ هڪڙو سونو پيالو ٿي رهيو آهي، جنهن سڄي زمين کي مست ڪري ڇڏيو آهي: قومن ان جي شراب مان پئي پيتو آهي؛ تنهن ڪري قومون ديوانيون آهن.


تون وڏائيءَ جي بدلي شرم سان ڀريل آهين: تون بہ پي اڻ طهريل جهڙو ٿيءُ: خداوند جي ساڄي هٿ وارو پيالو تو ڏي ڦيرايو ويندو، ۽ تنهنجي وڏائي ڦري خراب خواري ٿي پوندي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ