Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 12:11 - Sindhi Bible

11 هنن اُنهي کي ويران ڪري ڇڏيو آهي؛ اُهو ويران ٿي مون وٽ دانهون ٿو ڪري؛ سڄو ملڪ ويران ڪيو ويو آهي؛ ڇالاءِ جو ڪنهن بہ ماڻهوءَ جي دل ۾ انهي جي ڳڻتي ڪانهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 هنن ان کي ويران ڪري ڇڏيو آهي، ويران ٿي اهو منهنجي اڳيان دانهون پيو ڪري. سڄو ملڪ بيابان بڻجي ويو آهي، پر ڪنهن کي بہ انهيءَ جي پرواهہ ڪانهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 12:11
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ماتم جي گهر ۾ وڃڻ، خوشيءَ جي مجلس واري گهر ۾ وڃڻ کان بهتر آهي: ڇالاءِ جو اُها سڀني ماڻهن جي پڇاڙي آهي؛ ۽ جيئرا اها ڳالهہ پنهنجي دل تي رکندا.


تنهن ڪري هن پنهنجيءَ ڪاوڙ جو جوش، ۽ جنگ جو زور انهيءَ تي ليٽائي وڌو؛ جنهن ڪري انهيءَ کي چوڌاري باهہ وڪوڙي وئي، تنهن هوندي بہ انهيءَ کي خبر ڪانہ پئي؛ باهہ ساڙي ڇڏيس تہ بہ هن اها ڳالهہ دل تي نہ رکي.


راستباز تباهہ ٿو ٿئي، ۽ ڪنهن کي بہ اها ڳالهہ دل ۾ نٿي اچي؛ رحم وارا ماڻهو کڄيو وڃن، ۽ ڪنهن کي بہ اهو خيال نٿو اچي تہ راستباز ماڻهوءَ کي خرابيءَ جي ڪري پاسي ڪيو ٿو وڃي.


ڏس، هڪڙو افواهي آواز، هڪڙو وڏو هنگامو اُتر واري ملڪ کان ٿو اچي، انهي لاءِ تہ يهوداہ جي شهرن کي ويران ڪري گدڙن جي جوءِ ڪري ڇڏي.


جيڪي بت پرست توکي نٿا سڃاڻن تن کي، ۽ جيڪي قبيلا تنهنجو نالو وٺي نٿا سڏين، تن تي پنهنجو قهر اوتي وجهہ؛ ڇالاءِ جو هنن يعقوب کي ڳڙڪائي ڇڏيو آهي؛ هائو انهن انهي کي کائي کپائي ڇڏيو آهي، ۽ انهي جي رهڻ جي جاءِ ويران ڪري ڇڏي اٿن.


يهوداہ ماتم ڪري ٿو ۽ انهن جون منڊيون ملول آهن، اهي ڪارن ڪپڙن ۾ زمين تي ويٺا آهن؛ ۽ يروشلم جي دانهن مٿي چڙهي وئي آهي.


۽ آءٌ هن شهر کي هڪڙي عبرت ۽ شوڪار جو باعث بنائيندس؛ جيڪو انهي وٽان لنگهندو سو حيرت ۾ پوندو، ۽ ان جي سڀني آفتن جي سبب شوڪارا ڀريندو.


ڇالاءِ جو زمين زناڪارن سان ڀرجي ويئي آهي؛ لعنت جي ڪري ملڪ ۾ ماتم آهي؛ بيابان جا چراگاهہ سڪي ويا آهن؛ ۽ هنن جو رستو خراب آهي، ۽ هنن جو زور حقي ناهي.


۽ هي سڄو ملڪ ويران ۽ حيرت جو سبب ٿيندو؛ ۽ اُهي قومون ستر ورهيہ بابل جي بادشاهہ جي غلامي ڪنديون.


شڪست تي شڪست جو هل پيو پوي؛ ڇالاءِ جو سارو ملڪ لٽجي ويو آهي: منهنجا تنبو اوچتو، ۽ منهنجا پردا هڪڙي پل ۾ لٽجي ويا آهن.


ڇالاءِ جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ سارو ملڪ ويران ٿي ويندو؛ انهي هوندي بہ آءٌ ان کي اصل تباهہ ڪري نہ ڇڏيندس.


زمين ماتم ڪندي ۽ مٿي آسمان ڪارا ٿيندا: ڇالاءِ جو آءٌ ائين چئي چڪو آهيان، ۽ مون اهڙو ارادو ڪيو آهي ۽ ڦريو نہ آهيان، نڪي انهي کان آءٌ پٺ تي ڦرندس.


اي يروشلم، تون ڪي سمجهہ، متان منهنجو روح تو کان ڇڄي ڌار ٿئي؛ متان آءٌ توکي ويران ڪري ڇڏيان، ۽ اهڙي زمين ڪريان جنهن ۾ ڪوبہ ڪونہ رهي.


جبلن جي لاءِ آءٌ رئڻ ۽ رڙڻ شروع ڪندس ۽ بيابان جي چراگاهن لاءِ ماتم ڪندس، ڇالاءِ جو اُهي اهڙا سڙي ويا آهن جو ڪوبہ انهن مان نٿو لنگهي؛ ۽ نہ ماڻهو ڍورن جو آواز ٻڌي سگهن ٿا: هوا جا پکي توڙي جانور ڀڄي هليا ويا آهن.


۽ آءٌ يروشلم کي ڍير، ۽ گدڙن جي جوءِ ڪندس؛ ۽ آءٌ يهوداہ جي شهرن کي اهڙو ويران ڪندس جو ڪوبہ اُتي رهڻ وارو ڪونہ هوندو.


خداوند ٿو فرمائي تہ انهن ڳالهين ڪري آءٌ هنن کي سزا نہ ڏيندس ڇا؟ اهڙي قوم کان منهنجو روح وير نہ وٺندو ڇا؟


ٻني ويران ٿي ويئي آهي، ملڪ ماتم ٿو ڪري، ڇالاءِ جو اَن زيان ٿيو آهي، نئون شراب سُڪي ويو آهي، تيل گهٽجي ويو آهي.


۽ آءٌ ملڪ کي ويران ڪندس: ۽ جيڪي اوهان جا دشمن انهي ۾ رهندا هوندا سي انهي ڪري عجب ۾ پوندا.


تہ ملڪ جي سڀني ماڻهن ۽ ڪاهنن کي چئُہ، تہ جڏهن اوهان پنجين ۽ ستين مهيني ۾ اهي ستر سال روزا رکيا ۽ ماتم ڪيو، تہ ڇا منهنجي لاءِ، بلڪ خاص منهنجي لاءِ، روزا رکندا هئا ڇا؟


لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ جي اوهين نہ ٻُڌندا، ۽ منهنجي نالي جي تعظيم پنهنجين اکين آڏو نہ رکندا، تہ پوءِ آءٌ اوهان تي لعنت آڻيندس، ۽ اوهان جي نعمتن تي لعنت وجهندس: بلڪ مون انهن تي اڳيئي لعنت وڌي آهي، ڇالاءِ جو اوهان انهي ڳالهہ کي پنهنجين اکين آڏو نہ رکيو آهي.


اسان کي خبر آهي تہ ساري مخلوقات هن وقت تائين گڏجي پيئي ڪنجهي ۽ سور کائي،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ