Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 11:22 - Sindhi Bible

22 تنهن ڪري لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ هنن کي سزا ڏيندس: جوان ماڻهو ترار سان مرندا: هنن جا پٽ ۽ هنن جون ڌيئرون ڏڪار سان مرنديون؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 تنهنڪري قادرِمطلق خداوند فرمايو تہ ”ڏس، آءٌ هنن کي اها سزا ڏيندس جو هنن جا جوان جنگ ۾ مرندا ۽ سندن ٻار ڏڪار سببان مرندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 11:22
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنڪري هن انهن جي مٿان ڪسدين جو بادشاهہ آندو، جنهن سندس پاڪ مڪان وارو گهر، ۽ سندن جوان ماڻهو ترار سان ڪُٺا، ۽ نہ ڪنهن جوان مرد تي رحم ڪيائين، ۽ نہ جوان زال تي، ۽ نہ پير مرد تي، نہ تمام ڪراڙي تي: سڀني کي هن انهي جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو.


تنهن ڪري سندن اولاد ڏڪار کي ڏيئي ڇڏ، ۽ کين ترار جي طاقت جي حوالي ڪري ڇڏ؛ ڀلي تہ هنن جون زالون بي اولاد ۽ بيوہ ٿين؛ ڀلي تہ هنن جا مرد ماڻهو ڪُسي وڃن، ۽ هنن جا جوان ماڻهو جنگ ۾ ترار سان مارجي وڃن.


خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ اوهان کي اوهان جن ڪمن موجب سزا ڏيندس: ۽ آءٌ انهي جي ٻيلي ۾ اهڙي باهہ ٻاريندس جو جيڪي بہ ان جي آس پاس آهي تنهن سڀ کي ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندي.


ڇالاءِ جو جيڪي مصر جي زمين ۾ رهن ٿا تن کي آءٌ سزا ڏيندس، جيئن مون يروشلم کي ترار سان ۽ ڏڪار سان، ۽ مرض سان سزا ڏني آهي:


تنهن ڪري خداوند ٿو فرمائي تہ اُن جا جوان ماڻهو سندس گهٽين ۾ ڪِرندا ۽ سڀ جنگي مرد انهيءَ ڏينهن چپ ڪرايا ويندا.


ڇالاءِ جو موت اسان جن درين منجهہ چڙهي آيو آهي، ۽ اسان جن محلاتن ۾ گهڙي آيو آهي؛ تہ ٻارن کي گهٽين مان، ۽ جوان ماڻهن کي چونڪ مان وڍي ڇڏي.


جوان ۽ ٻڍو ماڻهو ٻئي گهٽين ۾ زمين تي سُتا پيا آهن؛ منهنجون ڪنواريون ڇوڪريون ۽ منهنجا جوان ماڻهو ترار سان مارجي ويا آهن: تو انهن کي پنهنجي ڪاوڙ جي ڏينهن ڪُٺو آهي؛ تو ڪوس ڪيو اهي، ۽ رحم ڪونہ ڪيو اٿيئي.


مون اوهان ۾ مري موڪلي آهي، جيئن ڪ مصر ۾ موڪلي هيم: اوهان جي جوانن کي مون ترار سان قتل ڪيو آهي ۽ اوهان جا گهوڙا قيد ڪرايا اٿم؛ ۽ اوهان جي لشڪرگاهہ جي بدبوءِ اوهانجين ناسن تائين آندي اٿم: انهي هوندي بہ خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهين مون ڏي نہ موٽيا آهيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ