Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 11:21 - Sindhi Bible

21 تنهن ڪري خداوند عنتوت جي ماڻهن جي نسبت هيئن ٿو فرمائي، يعني جي ماڻهو تنهنجي حياتيءَ جي پٺيان آهن، ۽ چون ٿا تہ خداوند جي نالي سان نبوت نہ ڪر متان اسان جي هٿان مري پوين:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

21 منهنجي شهر عنتوت جي رهاڪن مون کي مارڻ ٿي گھريو ۽ انهن مون کي چيو هو تہ ”تون پنهنجو پيغام خداوند جي نالي سان نہ ٻڌائيندو ڪر، نہ تہ اسين تو کي ماري ڇڏينداسين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 11:21
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اُهي غيب ڏسڻ واري کي چون ٿا تہ غيب نہ ڏسو، ۽ نبين کي چون ٿا تہ اسان کي نبوت جون سچيون ڳالهيون نہ ٻڌايو؛ اسان کي وڻندڙ ڳالهيون ٻڌايو، ۽ ڪوڙي نبوت ڪريو.


يرمياہ بن خلقياہ جون ڳالهيون، جو عنتوتيءَ جي ڪاهنن منجهان ۽ بنيمين جي ملڪ ۾ هو،


۽ اُهي تو سان وڙهندا؛ پر اُهي توتي غالب نہ پوندا: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ توکي ڇڏائڻ جي لاءِ آءٌ تو سان آهيان.


ڇالاءِ جو مون گهڻن جو الزام ۽ هر طرف خوف ٻڌو آهي، منهنجا سڀ گهاٽا دوست بہ منهنجي ٿرڪڻ لاءِ منتظر آهن ۽ چون ٿا تہ هن جي شڪايت ڪريو تہ پوءِ اسين بہ هن جي شڪايت ڪنداسين: شايد هو ٺڳجي پوي، ۽ اسين هن تي غالب پئون ۽ هن کان پنهنجو وير وٺون.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن يرمياہ اُهي سڀ ڳالهيون سڀني ماڻهن کي ٻڌائي بس ڪيون جن جي ٻڌائڻ لاءِ خداوند حڪم ڪيو هوس، تڏهن ڪاهنن ۽ نبين ۽ سڀني ماڻهن اچي جهليس، ۽ چيائونس تہ تون ضرور مرندين.


ڏس تنهنجي چاچي سلوم جو پٽ حنم ايل تو وٽ ايندو، ۽ چوندو تہ منهنجي ٻني، جا عنتوت ۾ آهي، سا پنهنجي لاءِ خريد ڪر. ڇالاءِ جو ان جي لاءِ پئسا ڏئي وري ڇڏائي وٺڻ جو حق تنهنجو آهي.


اُنهن کي آءٌ سندن دشمنن، ۽ سندن جان جي ڳوليندڙن جي هٿن ۾ ڏئي ڇڏيندس: ۽ انهن جا مڙهہ هوا جي پکين ۽ زمين جي جانورن جي قوت ٿيندا.


پر اوهان نذيرين کي شراب پياريو؛ ۽ نبين کي حڪم ڏيئي چيو تہ نبوت نہ ڪريو.


ڇالاءِ جو پٽ پيءُ جي بي عزتي ٿو ڪري؛ ڌيءَ پنهنجي ماءُ سان وڙهڻ لاءِ سنبري ٿي اچي؛ نهن پنهنجي سس سان؛ ماڻهوءَ جا دشمن خود سندس گهر وارا آهن.


۽ ڀاءُ ڀاءُ کي موت لاءِ جهلائيندو، ۽ پيءُ پنهنجي ٻار کي، ۽ اولاد مائٽن جي برخلاف کڙو ٿيندو، ۽ هنن کي مارائي وجهندو.


۽ انهن آبادگارن سندس نوڪرن کي جهلي هڪڙي کي مار ڏنائون، ۽ ٻئي کي قتل ڪيائون ۽ ٽئين کي سنگسار ڪيائون.


۽ ٻين وري هن جي نوڪرن کي جهلي بي عزت ڪري ماري وڌو.


۽ چيائين تہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ ڪنهن بہ نبيءَ جو پنهنجي وطن ۾ قدر نٿو ٿئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ