پر اليشع پنهنجي گهر ويٺو هو ۽ ساڻس گڏ بزرگ ويٺا هئا؛ ۽ بادشاهہ هڪڙو ماڻهو پنهنجي اڳيان موڪليو: پر انهيءَ کان پهرين قاصد وٽس آيو، هن انهن بزرگن کي چيو تہ ڏسو، ڪيئن نہ هن خونيءَ جي پٽ منهنجي سسي لاهڻ لاءِ ماڻهو موڪليو آهي؟ ڏسو جڏهن اهو قاصد اچي تڏهن در پوري ڇڏجو، ۽ در تان ڌڪي ڪڍجوس: هن جي ڌڻيءَ جي پيرن جو دٻڪو هن جي پٺيان نٿو اچي ڇا؟