Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 11:16 - Sindhi Bible

16 خداوند توکي سهڻن ميون سان سينگاريل سائي زيتون جي وڻ جو نالو ڏنو: هڪڙي وڏي غلغلي جي آواز سان هن اُنهن تي باهہ ٻاري آهي، ۽ انهي جون ٽاريون ڀڄي پيون آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 مون خداوند کين سهڻن ميون سان سينگاريل سرسبز زيتون جي وڻ جو نالو ڏنو. پر هاڻ هڪڙي وڏي گجگوڙ سان آءٌ انهيءَ وڻ جي پنن کي ساڙي وجھندس ۽ ان جون ٽاريون ٽوڙي ڇڏيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 11:16
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو سج جي اڳيان سائو آهي، ۽ هن جون شاخون هن جي باغ ڏي وڃن ٿيون.


پر آءٌ تہ خدا جي گهر ۾ زيتون جي هڪڙي سائي وڻ وانگي آهيان: منهنجو ڀروسو هميشہ تائين خدا جي رحم تي آهي.


اها باهہ ۾ سڙي ويئي آهي، ۽ وڍجي ويئي آهي: اُهي تنهنجي منهن جي ڇينڀ ڪري تباهہ ٿا ٿين.


جو ماڻهو تنهنجي ساڄي هٿ آهي، يعني ابن آدم جنهن کي تو پنهنجي لاءِ مضبوط ڪيو آهي، تنهن تي هٿ رک.


ڇالاءِ جو ڏس، تنهنجا دشمن هل ٿا مچائين: ۽ جيڪي تو سان عداوت ٿا رکن تن ڪنڌ مٿي کنيو آهي.


جڏهن هن جا ڏار ڪومائبا، تڏهن اهي ڀڃي ڇڏيا ويندا، ۽ زالون اچي انهن کي باهہ ڏينديون؛ ڇالاءِ جو انهيءَ قوم کي سمجهہ ڪانهي، تنهن ڪري سندن خالق کي مٿن رحم نہ ايندو، ۽ سندن جوڙيندڙ مٿن مهرباني ڪانہ ڏيکاريندو.


انهيءَ هوندي بہ مون توکي عمدي ڊاک بلڪ چڱو ٻج ڪري پوکيو. تڏهن ڪيئن تون منهنجي لاءِ ڌاري قسم جي ڊاک جو خسيس ٿڏو ٿي پئين؟


خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ اوهان کي اوهان جن ڪمن موجب سزا ڏيندس: ۽ آءٌ انهي جي ٻيلي ۾ اهڙي باهہ ٻاريندس جو جيڪي بہ ان جي آس پاس آهي تنهن سڀ کي ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندي.


تنهن ڪري خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو منهنجو غصو ۽ منهنجو غضب هن هنڌ تي آهي؛ ماڻهوءَ توڙي جانور، جهنگ جي وڻن توڙي زمين جي ڦر تي اُهو اوتيو ويندو، ۽ اهو پيو ٻرندو ۽ اُجهامندو ئي ڪين.


هن جون ٽاريون پکڙنديون، ۽ هن جي سونهن زيتون جي وڻ جهڙي ٿيندي.


بلڪ هينئر ئي وڻن جي پاڙ تي ڪهاڙي رکي ويئي آهي، تنهنڪري جيڪو وڻ چڱو ڦل نٿو ڏئي، سو وڍي باهہ ۾ وجهبو.


جيڪڏهن ڪو مون ۾ نہ رهندو، تہ ٽاريءَ وانگر اُن کي ڪڍي ڦٽو ڪبو، ۽ اُهو سُڪي ويندو؛ ۽ پوءِ اُنهن کي ميڙي چونڊي باهہ ۾ ٿا وجهن، ۽ اُهي سڙي ڀسم ٿا ٿين.


تنهنجي سڄي ملڪ ۾ زيتون جا وڻ هوندا، پر تون انهن جو تيل ڪين مکيندين؛ ڇالاءِ جو تنهنجن زيتونن جو ڦر ڇڻي پوندو.


هي اُهي ٻہ زيتون جا وڻ آهن ۽ ٻہ شمعدان، جي زمين جي خداوند جي حضور ۾ بيٺا آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ