Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 11:15 - Sindhi Bible

15 منهنجي گهر ۾ منهنجي محبوبہ جو ڪهڙو ڪم آهي، جڏهن ڏسجي ٿو تہ هن گهڻن سان بيشرمي ڪئي آهي، ۽ پاڪ گوشت تو منجهان نڪري هليو ويو آهي؟ جڏهن تون بڇڙائي ڪرين ٿي تڏهن خوش ٿي ٿين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 جنهن قوم سان آءٌ پيار ٿو ڪريان سا ڇا ٿي ڪري؟ ايتري گھڻي بدڪاري ڪرڻ بعد منهنجي هيڪل ۾ اچڻ جو کين ڪهڙو حق آهي؟ ڇا هو سمجھن ٿا تہ جانورن جون قربانيون ڪرڻ ۽ واعدن ڪرڻ سان هو پاڻ تان مصيبت ٽاري سگھندا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 11:15
29 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر بدڪار کي خدا چوي ٿو، تہ تنهنجو ڪهڙو ڪم جو منهنجا قانون پڌرا ڪرين، ۽ پنهنجي واتان منهنجي عهد جو بيان ڪرين.


پنهنجي ساڄي هٿ سان اسان کي بچاءِ، ۽ اسان کي جواب ڏي: تہ تنهنجا محبوب ڇڏايا وڃن.


شرارت ڪرڻ بي عقل جي لاءِ هڪڙي راند آهي: ۽ سمجهہ واري جي لاءِ ڏاهپ بہ ائين ئي آهي.


شريرن جي قرباني خداوند جي لاءِ ڪراهت جهڙي شيءِ آهي: پر سچن جي دعا اُن جي خوشي آهي.


جي برائي ڪرڻ ڪري خوش ٿين ٿا، ۽ بري ماڻهوءَ جي اڳرائيءَ ڪري خوشي ڪن ٿا:


شرير جي قرباني هڪڙي ڪراهت جهڙي شيءِ آهي؛ پر جڏهن هو اُها خراب دل سان آڻي ٿو تڏهن ڪيترو نہ وڌيڪ اُها ڪراهت جهڙي آهي!


جيئن ڪو ديوانو ماڻهو اُماڙيون، ۽ تير ۽ موت جا هٿيار اُڇلائي.


جيڪو شريعت جي ٻڌڻ کان پنهنجو ڪن ڦيرائي ٿو، تنهنجي دعا بہ نفرت جهڙي آهي.


خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ جنهن طلاق نامي جي ڪري مون تنهنجيءَ ماءُ کي ڇڏي ڏنو، سو ڪٿي آهي؟ يا منهنجي قرض خواهن مان ڪير آهي جنهن جي هٿ مون اوهان کي وڪڻي ڇڏيو؟ ڏسو، اوهانجين خطائن جي ڪري اوهين وڪاڻا هئا، ۽ اوهان جن ڏوهن جي ڪري اوهان جي ماءُ کي طلاق ڏني ويئي.


مون پنهنجو گهر ڇڏيو آهي، ۽ پنهنجو ورثو اُڇلائي ڇڏيو اٿم؛ مون پنهنجي دل جي پياري محبوبہ کي سندس دشمنن جي هٿن ۾ ڏئي ڇڏيو آهي.


مون تنهنجا ڪراهت جهڙا ڪم، يعني تنهنجون زناڪاريون، ۽ هڻڪارون، ۽ حرامڪاريءَ جي شهوت بازي، ميدان ۽ ٽڪرن جي مٿان ڏٺي آهي. اي يروشلم، ويل هجي توسان؛ تون پاڪ ڪين ٿيندينءَ؛ ڪيستائين اڃا بہ اهو حال رهندو؟


تڏهن خداوند مون کي چيو تہ جيتوڻيڪ موسيٰ ۽ سموئيل منهنجي اڳيان کڻي بيهن تہ بہ جيڪر منهنجي دل هن قوم ڏي ڪڏهن بہ نہ لڙي: انهن کي منهنجي نظر اڳيان ڪڍي ڇڏ تہ ڀلي هليا وڃن.


وڃ ۽ يروشلم جي ڪنن ۾ پڪار تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ مون کي تنهنجي جوانيءَ جي اُلفت ۽ تنهنجي شاديءَ واري محبت ياد آهي؛ جو تون بيابان ۾ يعني اڻ پوکيل زمين ۾ منهنجي پٺيان پئي هلئين.


ڇالاءِ جو نبي توڙي ڪاهن ٻئي ناپاڪ آهن؛ هائو، خداوند ٿو فرمائي، تہ مون پنهنجي گهر ۾ هنن جي شرارت ڏٺي آهي.


خداوند ٿو فرمائي، تہ اي بي وفا ٻار، موٽي اچو، ڇالاءِ جو آءٌ اوهان جي مڙس وانگي آهيان: ۽ آءٌ اوهان کي شهر مان هڪ هڪ، ۽ قبيلي مان ٻہ ٻہ ڪري وٺندس، ۽ اوهان کي صيون ۾ وٺي ايندس.


۽ جڏهن هن ڏٺو تہ بي وفا اسرائيل جي زنا ڪرڻ تي مون هن کي ڪڍي ڇڏيو هو ۽ طلاق نامو ڏنو هومانس، انهي هوندي بہ سندس ڀيڻ دغاباز يهوداہ ڊني ڪين؛ پر پاڻ بہ وڃي ڪسب ڪرڻ لڳي.


۽ خداوند مون کي چيو تہ اڃا بہ وڃ، وڃي هڪڙي زال سان محبت رک، جا پنهنجي يار جي پياري ۽ زناڪار هجي، جهڙي طرح خداوند بني اسرائيل سان محبت رکي ٿو، جيتوڻيڪ هو ڦري ٻين معبودن ڏانهن منهن ڪن ٿا، ۽ ڪشمش جون ٽڪيون پسند ڪن ٿا.


پر جڏهن بادشاهہ مهمانن جي ڏسڻ لاءِ اندر آيو، تڏهن اتي هڪڙو ماڻهو ڏٺائين، جنهن کي شاديءَ جا ڪپڙا پيل ڪين هئا.


۽ جڏهن يسوع کي ڏٺائين، تڏهن کيس پيرين پئي وڏي سڏ رڙ ڪري چيائين، تہ اي يسوع، خدا تعاليٰ جا فرزند، منهنجو توسان ڪهڙو واسطو؟ آئون توکي منٿ ٿو ڪريان تہ مون کي عذاب نہ ڏي.


سو انجيل جي نسبت هو اوهان جي خاطر دشمن آهن: پر چونڊ جي نسبت هو بزرگن جي خاطر پيارا آهن.


بدڪاريءَ ۾ خوش نٿي ٿئي، پر سچائيءَ ۾ خوش ٿي رهي.


پاڪ ماڻهن لاءِ سڀ شيون پاڪ آهن: پر جيڪي پليت ۽ بي دين آهن، تن جي لاءِ ڪجهہ بہ پاڪ نہ آهي؛ پر انهن جو عقل توڙي دل ٻئي ناپاڪ آهن.


پر هاڻي اوهين پنهنجي مغروريءَ جي ٻٽاڪ ٿا هڻو: اهڙيون ٻٽاڪون هڻڻ گناهہ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ