Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 11:13 - Sindhi Bible

13 ڇالاءِ جو اي يهوداہ، جيترا تنهنجا شهر آهن اوترا تنهنجا معبود آهن؛ ۽ جيتريون يروشلم جون گهٽيون آهن اوتريون اوهان انهيءَ شرم جهڙي شيءِ جي لاءِ قربانگاهون ٺاهيون آهن، يعني بعل جي لاءِ لوبان ساڙڻ واسطي قربانگاهون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 يهوداہ ۾ ايترا تہ معبود آهن جيترا سندن ڳوٺ آهن ۽ جيتريون يروشلم ۾ گھٽيون آهن اوتريون ئي اوهان انهيءَ ڪراهت جهڙي شيءِ بعل ديوتا جي واسطي قربان‌گاهون ٺاهيون آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 11:13
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جيڪي قربانگاهون يروشلم جي اڳيان هيون، جي بربادي واري جبل جي سڄي هٿ پاسي، اسرائيل جي بادشاهہ سليمان صيدانين جي ڪراهت جهڙي بت عستارات، ۽ موآب جي ڪراهت جهڙي بت ڪموس، ۽ بني عمون جي ڪراهت جهڙي بت ملڪوم جي لاءِ جوڙايون هيون، تن کي بادشاهہ پليت ڪرائي ڇڏيو.


۽ يهوداہ جي سڀ ڪنهن شهر ۾ هن ٻين معبودن جي لاءِ لوبان ساڙڻ واسطي مٿانهيون جايون ٺهرايون، ۽ خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا کي ڪاوڙ ڏياريائين.


انهن جو ملڪ بتن سان بہ ڀريل آهي، هو پنهنجن هٿن جي ڪم، جو سندن آڱرين جو جڙيل آهي، تنهن جي بندگي ٿا ڪن.


ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند، جنهن توکي زمين ۾ لڳايو، تنهن توتي خرابيءَ جو حڪم جاري ڪيو آهي، ۽ انهي جو سبب اسرائيل جي گهراڻي ۽ يهوداہ جي گهراڻي جي اُها بڇڙائي آهي جا هنن پنهنجي لاءِ ڪئي آهي، جو بعل جي اڳيان لوبان ساڙي مون کي ڪاوڙ ڏياري اٿن.


يهوداہ جو گناهہ لوهہ جي قلم سان، ۽ هيري جي نوڪ سان لکيو ويو آهي: اهو سندن دل جي تختيءَ تي ۽ سندن قربانگاهن جي سڱن تي اُڪريو ويو آهي؛


پر منهنجي قوم مون کي وساري ڇڏيو آهي، هنن باطل شين لاءِ لوبان ساڙيو آهي؛ ۽ هن انهن کي سندن واٽن ۾، يعني قديم رستن تي گمراهہ ڪيو، تہ هو گس وٺي وڃن، ۽ انهي رستي تي هلن جو ٺاهيو نہ ويو آهي،


ڇالاءِ جو هنن مون کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ هن جاءِ کي ناپاڪ ڪيو اٿن، ۽ انهي ۾ انهن ٻين معبودن جي لاءِ لوبان پئي ساڙيو آهي جن معبودن جي نہ کين، نہ سندن ابن ڏاڏن کي ۽ نہ يهوداہ جي بادشاهن کي خبر هئي؛ ۽ هن جاءِ کي بي گناهہ ماڻهن جي رت سان ڀري ڇڏيو اٿن؛


۽ بعل جي واسطي مٿانهان مڪان ٺاهيا اٿن، انهي لاءِ تہ پنهنجن پٽن کي سوختني قربانيءَ لاءِ بعل جي اڳيان باهہ ۾ ساڙين؛ جڏهن تہ مون اهڙو حڪم ڪونہ ڏنو، ۽ نہ ڪو ذڪر ڪيم، ۽ نہ ڪو اهڙو خيال منهنجي دل ۾ آيو:


پر جيڪي معبود تو پنهنجي لاءِ جوڙيا سي ڪٿي آهن؟ جي اُهي توکي تنهنجي مصيبت جي وقت بچائي سگهن تہ ڀلي اُٿن: ڇالاءِ جو اي يهوداہ، جيترا تنهنجا شهر آهن اوترا تنهنجا معبود آهن.


پر اها خواري جهڙي شيءِ اسان جي جوانيءَ کان وٺي اسان جي ابن ڏاڏن جو پورهيو کائي وئي آهي؛ انهن جا ڌڻ ۽ گلا، انهن جا پٽ ۽ انهن جون ڌيئرون بہ کائي ويئي آهي.


اچو تہ اسين پنهنجي شرم ۾ پئجي رهون، ۽ اسان جي خواري اسان کي ڍڪي ڇڏي: ڇالاءِ جو اسان ۽ اسان جي ابن ڏاڏن پنهنجي جوانيءَ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين خداوند پنهنجي خدا جو گناهہ پئي ڪيو آهي: ۽ اسان خداوند پنهنجي خدا جو حڪم نہ پئي مڃيو آهي.


۽ هنن بعل جا اُهي مٿانهان مڪان جوڙيا، جي هنوم جي واديءَ ۾ آهن، انهي لاءِ تہ پنهنجن پٽن ۽ پنهنجن ڌيئن کي مولڪ جي لاءِ باهہ مان لنگهائين؛ جنهن جي ڪرڻ لاءِ مون نہ هنن کي حڪم ڏنو، نڪي اها ڳالهہ منهنجي دل ۾ آئي تہ هو اهڙو ڪراهت جهڙو ڪم ڪن، ۽ يهوداہ کان گناهہ ڪرائين.


جيڪو لوبان يهوداہ جي شهرن ۽ يروشلم جي گهٽين ۾ اوهان، ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن، اوهان جن بادشاهن، ۽ اوهان جن اميرن ۽ ملڪ جي ماڻهن ساڙيو، سو خداوند کي ياد نہ هو ڇا ۽ اُهو اُن جي دل ۾ نہ آيو ڇا؟


پر هنن نہ ٻڌو ۽ نہ ڪن ڏيئي پنهنجي شرارت کان باز آيا، ۽ نہ ٻين معبودن لاءِ لوبان ساڙڻ ڇڏيائون.


تنهن کان سواءِ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ موآب مان انهيءَ کي نيست نابود ڪري ڇڏيندس جو مٿانهين مڪان تي قربانيون ٿو چاڙهي، ۽ جو پنهنجن معبودن لاءِ لوبان ٿو ساڙي.


اوهين چوري ۽ خون ۽ زنا ڪندا ڇا، ۽ ڪوڙو قسم کڻندا، ۽ بعل جي اڳيان لوبان ساڙيندا، ۽ جن ٻين معبودن کي اوهين نہ سڃاڻندا هئا تن جي پيروي ڪندا ڇا؟


تو پنهنجي لاءِ گنبذ ٺاهيو آهي، ۽ سڀ ڪنهن گهٽيءَ ۾ هڪڙو عاليشان مڪان ٺاهيو اٿيئي.


اسرائيل هڪڙي گهاٽي ڊاک آهي، جا پنهنجو ڦر جهلي ٿي: پنهنجي ججهي ميوي موافق هن پنهنجون قربانگاهون بہ وڌايون آهن؛ پنهنجي زمين جي چڱائيءَ موافق هنن سهڻا ٿنڀ جوڙيا آهن.


يقيناً جلعاد ۾ بدڪاري آهي: اُهي نسوري بيهودگي آهن؛ هو جلجال ۾ ڍڳا قرباني ٿا ڪن: هائو، هنن جون قربانگاهون اهڙيون آهن جهڙا ٻنين جي کيڙين ۾ ڍڳ.


مون اسرائيل کي بيابان ۾ ڊاک وانگر لڌو؛ مون اوهانجن ابن ڏاڏن کي اهڙو ڏٺو جهڙو انجير جي وڻ جي پهرين موسم جو پهريون پڪل ڦر: پر هو بعل فغور وٽ ويا، ۽ انهي ڪراهت جهڙي شيءِ جي لاءِ هنن پاڻ کي ڌار ڪري رکيو، ۽ انهي وانگر ڪراهت جهڙا ٿيا جنهن کي پيار ڪندا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ