Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 10:25 - Sindhi Bible

25 جيڪي بت پرست توکي نٿا سڃاڻن تن کي، ۽ جيڪي قبيلا تنهنجو نالو وٺي نٿا سڏين، تن تي پنهنجو قهر اوتي وجهہ؛ ڇالاءِ جو هنن يعقوب کي ڳڙڪائي ڇڏيو آهي؛ هائو انهن انهي کي کائي کپائي ڇڏيو آهي، ۽ انهي جي رهڻ جي جاءِ ويران ڪري ڇڏي اٿن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

25 بلڪ پنهنجو غضب تون انهن قومن تي نازل ڪر، جيڪي تو کي نہ ٿيون مڃين، هائو، انهن پيڙهين تي جيڪي تنهنجو نالو نہ ٿيون وٺن، ڇاڪاڻ تہ انهن تنهنجي قوم کي ماري ڇڏيو آهي. هائو، انهن اسان کي بلڪل تباهہ ڪري ڇڏيو آهي ۽ اسان جي ملڪ کي مٽيءَ جا ڍير ڪري ڇڏيو اٿن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 10:25
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بيشڪ بدڪارن جا گهر اهڙا ئي آهن، ۽ اهڙي انهيءَ جي جاءِ آهي، جو خدا کي نٿو سڃاڻي.


سڀني بدڪارن کي ڪوبہ علم ڪونهي ڇا؟ اهي منهنجن ماڻهن کي ائين ٿا کائين، جيئن ماني کائبي آهي ۽ خداوند کي نٿا سڏين.


هن ڪنهن بہ قوم سان اهڙو سلوڪ نہ ڪيو آهي: هن جي فيصلن جي انهن کي خبر ڪانهي. اوهين خداوند جي تعريف ڪريو.


جڏهن بدڪار ماڻهو، جي منهنجا دشمن ۽ ويري آهن، منهنجو ماس کائڻ لاءِ مون تي ڪاهي آيا، تڏهن اهي ٿاٻا کائي ڪري پيا.


انهن تي پنهنجو غضب نازل ڪر، ۽ تنهنجي غصي جو جوش کين وڪوڙي وڃي.


انهي هوندي بہ اي يعقوب، تو مون کي نہ پڪاريو، بلڪ اي اسرائيل تون مون کان بيزار ٿي پيو آهيان.


ڪوبہ اهڙو ڪونهي جو تنهنجو نالو وٺي پڪاري، جو توتي ٽيڪ رکڻ لاءِ اُٿي کڙو ٿئي؛ ڇالاءِ جو تو پنهنجو منهن اسان کان لڪايو آهي، ۽ اسانجين بدڪارين جي ڪري اسان کي کپائي ڇڏيو اٿيئي.


ارامي اڳيان ۽ فلستي پٺيان؛ ۽ اهي وات پٽي اسرائيل کي ڳهي ويندا. ايتري هوندي بہ هن جي ڪاوڙ لهي نہ وئي آهي، پر هن جو هٿ اڃا ڊگهيريل آهي.


جيڪو ڪلام خداوند وٽان يرمياہ تي نازل ٿيو، تہ


تنهن ڪري جيڪي توکي ڳڙڪائين ٿا سي پاڻ ڳيسجي ويندا؛ ۽ تنهنجا سڀيئي مخالف قيد ٿي ويندا؛ ۽ جيڪي توکي لٽين ٿا سي پاڻ لٽجي ويندا، ۽ جيڪي توکي شڪار ڪن ٿا تن کي آءٌ شڪار لاءِ ڏيئي ڇڏيندس.


اسرائيل رلي ويل رڍ آهي؛ شينهن انهي کي ڀڄائي ڪڍيو آهي: پهرين اشور جو بادشاهہ انهي کي کائي ويو؛ ۽ پڇاڙيءَ ۾ هن بابل جي بادشاهہ نبوڪدرضر ان جا هڏ ڀڃي ڇڏيا آهن.


جن پئي لڌو اٿن تن سڀني هنن کي پئي ڳڙڪايو آهي: ۽ هنن جي دشمنن چيو تہ اسان جو قصور ڪونهي، ڇالاءِ جو هنن خداوند جو گناهہ ڪيو آهي، يعني خداوند، جو سندن ابن ڏاڏن جي اميد هو.


هن جي گهوڙن جو ڦوڪارو دان مان پيو ٻڌجي: هن جي مضبوط گهوڙن جي هڻڪار جي آواز تي سڄو ملڪ ڏڪي ٿو وڃي؛ ڇالاءِ جو هو اچي پهتا آهن؛ ۽ اهو ملڪ ۽ جيڪي اُن ۾ آهي، شهر ۽ جيڪي اُن ۾ رهن ٿا؛ هو سڀ ڳهي ويا آهن.


تو سڀ ڪنهن پاسي منهنجا خوف سڏي گڏ ڪيا، جيئن عيد جي ڏينهن ماڻهو گڏ ٿيندا آهن، ۽ ڪوبہ خداوند جي ڪاوڙ جي ڏينهن ڀڄي نہ ڇٽو ۽ نہ بچيو: جن کي مون ڪڏايو ۽ پالي وڏو ڪيو، تن کي منهنجي دشمن ماري کپائي ڇڏيو.


۽ انهن کي بہ جي خداوند کان ڦري ويا آهن؛ ۽ جن خداوند کي نہ ڳوليو آهي ۽ نہ سندس ڪا پڇا ڪئي اٿن.


تنهنڪري خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهين منهنجي لاءِ انهيءَ ڏينهن تائين ترسو، جنهن ڏينهن آءٌ اُٿي انهن جو شڪار ڪريان: ڇالاءِ جو منهنجو ارادو آهي تہ آءٌ قومن ۽ بادشاهتن کي گڏ ڪريان، انهيءَ لاءِ تہ انهن تي پنهنجو غصو ۽ پنهنجو سخت قهر ڇنڊيان؛ ڇالاءِ جو سڄي زمين منهنجي غيرت جي باهہ سان چٽ ڪئي ويندي.


۽ آءٌ انهن قومن تي تمام ناراض آهيان جي آرام ۾ آهن؛ ڇالاءِ جو جڏهن آءٌ ٿورو ئي ناراض هوس، تہ هنن برائي ڪري گهڻي مار ڪٽ ڪئي.


اي سچا بابا، دنيا توکي نہ سڃاتو، پر مون توکي سڃاتو آهي؛ ۽ هنن پاڻ ڄاتو آهي تہ تو مون کي موڪليو آهي؛


ڇالاءِ جو مون گهُمندي گهُمندي اوهان جي عبادت جي شين تي غور ڪيو، تہ هڪڙي قربانگاهہ ڏٺيم جنهن تي لکيل هو، ”نامعلوم خدا جي لاءِ.“ سو جنهن جي ڄاڻڻ سڃاڻڻ کانسواءِ اوهين عبادت ٿا ڪريو، تنهن جي آئون اوهان کي خبر ٿو ڏيان.


راستباز ٿيڻ لاءِ هوش ۾ اچو ۽ گناهہ نہ ڪريو، ڇالاءِ جو ڪن کي خدا جي ڪابہ خبر ڪانهي: آئون اوهان کي انهي لاءِ ٿو چوان تہ من شرم اچيوَ.


نہ شهوت جي جوش ۾، جيئن ڪ غير قوم وارا ڪندا آهن، جي خدا کي نٿا سڃاڻن؛


۽ جيڪي خدا کي نٿا سڃاڻن ۽ جيڪي اسان جي خداوند يسوع جي خوشخبري نٿا مڃين، تن کان بدلو وٺندو.


۽ مون هڪڙو وڏو آواز پاڪ جاءِ مان ايندو ٻُڌو، جنهن انهن ستن ملائڪن کي چيو تہ اوهين وڃي خدا جي قهر جا ست پيالا زمين تي اوتيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ