Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 10:20 - Sindhi Bible

20 منهنجو تنبو لٽجي ويو آهي، ۽ منهنجون سڀ طنابون ڇڄي پيون آهن: منهنجا ٻار مون وٽان هليا ويا آهن ۽ موجود ناهن: ڪوبہ ڪونهي جو وري منهنجو تنبو هڻائي ۽ منهنجا پردا کڙا ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 اسان جا گھر ڊاهي تباهہ ڪيا ويا آهن. اسان جا ٻار اسان کان کسيا ويا آهن، ڪوبہ ڪونهي جيڪو اسان جي پناهہ لاءِ وري گھر جوڙي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 10:20
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪو مون کي ڏسي ٿو، تنهن جي اک وري مون کي نہ ڏسندي. تنهن جون اکيون مون تي هونديون پر آءٌ ڪونہ هوندس.


شرير اونڌا اُڇلايا وڃن ٿا ۽ هستيءَ ۾ ناهن: پر سچن جو گهر قائم بيٺو رهندو.


مون پنهنجو ڪلام تنهنجي وات ۾ وڌو آهي، ۽ توکي پنهنجي هٿ جي پاڇي سان ڍڪيو اٿم، انهي لاءِ تہ آسمانن کي قائم ڪريان، ۽ زمين جو بنياد وجهان، ۽ صيون کي چوان تہ تون منهنجي اُمت آهين.


جي پٽ هن ڄڻيا آهن تن مان اهڙو ڪوبہ ڪونهي جو هن جي رهبري ڪري؛ نڪي جيڪي پٽ هن پاليا آهن تن مان ڪو اهڙو آهي جو هن جو هٿ وٺي.


پنهنجي تنبوءَ جي جاءِ ڪشادي ڪر، ۽ پنهنجي جاءِ جي پردن کي پکيڙ؛ ڍرائي نہ ڪر؛ پنهنجون طنابون ڊگهيون ڪر، ۽ پنهنجا ڪِلا مضبوط ڪر.


خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ توکي وري تندرست ڪندس ۽ تنهنجا ڦٽ ڇُٽائيندس؛ ڇالاءِ جو هنن توکي رد ڪيل سڏيو آهي، ۽ چيو اٿن تہ اهو صيون آهي جنهن جي ڪوبہ ڳولا ڪانہ ٿو ڪري.


خداوند ٿو فرمائي، تہ رامہ ۾ هڪڙو رئڻ ۽ رڙڻ جو آواز ٿو ٻڌجي؛ راخل پنهنجي ٻارن لاءِ روئي ٿي ڇالاءِ جو اُهي موجود ناهن، ۽ هن کي ڪابہ تسلي نٿي اچي.


شڪست تي شڪست جو هل پيو پوي؛ ڇالاءِ جو سارو ملڪ لٽجي ويو آهي: منهنجا تنبو اوچتو، ۽ منهنجا پردا هڪڙي پل ۾ لٽجي ويا آهن.


ان جا دشمن غالب پيا آهن، ان جا ويري خوش پيا گذارين؛ ڇالاءِ جو خداوند اُن کي سندس گهڻين بدڪارين سبب ڏک ڏنو آهي: ان جا ننڍا ٻار دشمن جي اڳيان قيد ٿي ويا آهن.


منهنجي اُمت جي زالن کي اوهين سندن مزي جهڙن گهرن مان ڪڍي ٿا ڇڏيو؛ ۽ منهنجو جلال سندن ننڍڙن ٻارن کان هميشہ لاءِ کسي ٿا وڃو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ