پر منهنجي قوم مون کي وساري ڇڏيو آهي، هنن باطل شين لاءِ لوبان ساڙيو آهي؛ ۽ هن انهن کي سندن واٽن ۾، يعني قديم رستن تي گمراهہ ڪيو، تہ هو گس وٺي وڃن، ۽ انهي رستي تي هلن جو ٺاهيو نہ ويو آهي،
۽ آءٌ مصر جي معبودن جي گهرن ۾ باهہ ٻاريندس؛ ۽ هو انهن کي ساڙيندو ۽ انهن کي قيد ڪري وٺي ويندو: ۽ هو مصر جو ملڪ چوڌاري ائين ويڙهيندو جيئن ڪو ڌنار پنهنجي چادر ڍڪيندو آهي؛ پوءِ هو اُتان صحيح سلامت هليو ويندو.
جيڪو خدا ناهي تنهن جي سبب انهن مون کي غيرت ڏياري آهي؛ ۽ پنهنجين اجاين ڳالهين جي ڪري مون کي ڪاوڙايو اٿن: سو آءٌ بہ انهن کي اهڙن ماڻهن جي سبب غيرت ڏياريندس جي اُمت نہ آهن؛ ۽ هڪڙيءَ بي عقل قوم جي ڪري کين ڪاوڙائيندس.
۽ جڏهن وري ٻئي ڏينهن صبح جو سوير اُٿيا تڏهن ڏسن تہ دجون خداوند جي صندوق اڳيان منهن ڀر زمين تي ڪريو پيو آهي؛ ۽ دجون جي سسي ۽ سندس هٿن جون ٻئي تريون در جي چانئٺ تي وڍيون پيون آهن؛ رڳو دجون جو ڌڙ باقي بچيل هو.