Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 10:14 - Sindhi Bible

14 سڀڪو ماڻهو جهنگلي ۽ نادان ٿي پيو آهي؛ سڀڪو سونارو پنهنجي اُڪريل مورت جي ڪري شرمندو ٿيو آهي: ڇالاءِ جو سندس پلٽيل مورت ڪوڙ آهي، ۽ منجهن ساهہ ڪونهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 اهو ڏسندي هر بت‌پرست ماڻهو بي‌سمجھہ ۽ اڻ‌ڄاڻ ثابت ٿئي ٿو. هر سونارو پنهنجي اُڪريل مورت مان نااميد ٿئي ٿو، ڇو تہ سندس اُڪريل مورتيون دوکو آهن، منجھن ساهہ ئي ڪونهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 10:14
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند آسمان مان بني آدم تي نگاهہ ڪئي، تہ ڏسي تہ ڪو سمجهو ماڻهو آهي جو خدا جو طالب هجي.


وحشي ماڻهوءَ کي انهن جي سڌ ڪانهي؛ نڪي بيوقوف اهي سمجهي ٿو.


اوهين جي اُمت ۾ وحشي آهيو سي ويچار ڪريو؛ ۽ اي بيوقوفو اوهين ڪڏهن سياڻا ٿيندا؟


جيڪي گهڙيل مورتن کي سجدو ڪري پوڄا ٿا ڪن، ۽ جيڪي بتن جي ڪري پاڻ کي پڏائين ٿا، سي سڀ شرمندا ٿين: اي سڀ معبودو اوهين هن جي اڳيان سجدو ڪريو.


يقيناً آءٌ ٻين ماڻهن کان زيادہ جهنگلي آهيان، ۽ انسان جهڙي سمجهہ ڪانہ اٿم.


اهي جي اُڪريل مورتن تي ڀروسو ٿا رکن، ۽ جي پلٽيل مورتن کي چون ٿا تہ اوهين خدا آهيو، سي پٺ تي ڦيريا ويندا، ۽ اهي ڏاڍا شرمندا ٿيندا.


ڏس، هن جا سڀ سنگتي شرمندا ٿيندا؛ ۽ ڪاريگر بہ، جي انسان آهن: ڀلي تہ اهي سڀ گڏ ٿي بيهن، اهي ڊڄندا ۽ گڏجي شرمندا ٿيندا.


اهي شرمندا ٿيندا، هائو، اهي سڀ پشيمان ٿيندا: جيڪي بتن جوڙڻ وارا آهن، سي سڀ منجهي پوندا.


آءٌ تنهنجي راستبازي ظاهر ڪندس؛ پر تنهنجن ڪمن مان توکي ڪوبہ فائدو نہ رسندو.


اُهي کجيءَ وانگي اُڀا ۽ سينگاريل آهن، پر ڳالهائين نہ ٿا: هو هلي نٿا سگهن، تنهن ڪري ضرور هنن کي کڻڻو ٿو پوي؛ انهن کان بہ نہ ڊڄو؛ اُهي برائي ڪري نہ سگهندا، ۽ نہ اُنهن کي ڀلائي ڪرڻ جي ڪا طاقت آهي.


پر اُهي سڀ جهنگلي ۽ بي عقل آهن: بتن جي تعليم فقط ڪاٺ آهي.


ڇالاءِ جو اُنهن خدا جي سچ جي بدران ڪوڙ کي قبوليو، ۽ مخلوقات جي عبادت ۽ بندگي ڪيائون، ۽ اُنهي خالق کي ڇڏي ڏنائون جو هميشہ جلال وارو آهي. آمين.


۽ جڏهن وري ٻئي ڏينهن صبح جو سوير اُٿيا تڏهن ڏسن تہ دجون خداوند جي صندوق اڳيان منهن ڀر زمين تي ڪريو پيو آهي؛ ۽ دجون جي سسي ۽ سندس هٿن جون ٻئي تريون در جي چانئٺ تي وڍيون پيون آهن؛ رڳو دجون جو ڌڙ باقي بچيل هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ