Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 10:13 - Sindhi Bible

13 جڏهن هو پنهنجو آواز ڪڍي ٿو تڏهن آسمان ۾ پاڻيءَ جو گوڙ مچي ٿو، ۽ زمين جي ڪنارن کان هو بخار مٿي چاڙهي ٿو؛ هو مينهن جي لاءِ وڄ جوڙي ٿو، ۽ پنهنجن خزانن مان واءُ آڻي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 هن جي هڪل تي آسمان جي مٿان واري پاڻيءَ ۾ گجگوڙ ٿئي ٿي. ڌرتيءَ جي ڇيڙن کان هو بادل اٿاري آڻي ٿو، مينهن سان گڏ هو وڄ موڪلي ٿو، ۽ پنهنجي گدام مان آنڌي اماڻي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 10:13
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اڃا تائين زمين تي ڪابہ نباتات ۽ جهنگ جا ٻوٽا ڪونہ اُڀريا هئا: ڇوتہ خداوند خدا زمين تي مينهن ڪونہ وسايو هو، ۽ نڪو انسان هو جو زمين تي پوک ڪري؛


پوءِ ايلياہ اخي آب کي چيو تہ اُٿي کاءُ پيءُ: ڇالاءِ جو گهڻي مينهن جو آواز ٿو اچي.


تون برف جي خزانن ۾ گهڙيو آهين ڇا؟ يا تو ڳڙن جا خزانا ڏٺا آهن ڇا،


هو پنهنجي بالاخانن مان جبلن تي مينهن ٿو وسائي: تنهنجيءَ ڪاريگريءَ جي ڦل سان زمين ڍءُ ٿي ڪري.


انهن کي ڪن آهن پر ٻڌن نٿا؛ ۽ نڪي وات سان ساهہ ٿا کڻن.


هو زمين جي ڇيڙن کان بخار جا بادل ٿو اُٿاري؛ ۽ مينهن لاءِ وڄ پيدا ٿو ڪري؛ ۽ واءُ کي پنهنجي خزانن مان ٿو ڪڍي.


جو آسمان کي ڪڪرن سان ڍڪي ٿو، جو زمين لاءِ مينهن تيار ٿو ڪري، ۽ جبلن تي گاهہ ٿو اُڀرائي.


خداوند آسمان مان گجگار ڪئي، ۽ خدا تعاليٰ پنهنجو آواز ڪڍيو، تہ ڳڙا ۽ ٽانڊا وسيا.


انهيءَ جي، جو مدامي آسمانن جي آسمان تي سواري ٿو ڪري؛ ڏس، هو پنهنجو آواز ٿو ٻڌائي، جو قدرت وارو آواز آهي.


تڏهن موسيٰ پنهنجي لٺ آسمان ڏانهن ڊگهيري ۽ خداوند گجگوڙ ۽ ڳڙا موڪليا، ۽ زمين تي باهہ وسڻ لڳي؛ ۽ خداوند مصر جي ملڪ تي ڳڙا وسايا.


غير قومن جي اجاين شين مان اهڙيون ڪي آهن ڇا جي مينهن پيدا ڪري سگهن؟ يا آسمان ڪي برسات آڻي سگهندا ڇا؟ اي خداوند! اسان جا خدا، تون اُهو ناهين ڇا؟ تنهن ڪري اسين تنهنجي خدمت ۾ اُميدوار رهنداسين؛ ڇالاءِ جو تو اهي سڀ شيون جوڙيون آهن.


خداوند ٿو فرمائي تہ هن هنڌ سان، ۽ انهي جي رهاڪن سان بہ آءٌ ائين ڪندس، يعني هن شهر کي توفت جهڙو ڪندس:


نڪي هو پنهنجي دل ۾ چون ٿا اچو تہ هاڻي خداوند پنهنجي خدا کان ڊڄون، جو پوري موسم ۾ مينهن ڏئي ٿو؛ جهڙو اڳيون تهڙو پويون؛ جو انسان جي لاءِ فصل جا مقرر ڪيل هفتا قائم ٿو ڪري.


جڏهن هو هڪل ٿو ڪري تڏهن آسمانن ۾ پاڻيءَ جو جوش پيدا ٿئي ٿو، ۽ هو زمين جي ڪنارن کان ٻاڦ اُٿاري ٿو؛ هو زمين جي لاءِ وڄ جوڙي ٿو، ۽ پنهنجن خزانن مان واءُ ڪڍي ٿو،


ڇالاءِ جو ڏس، جيڪو جبل جوڙي ٿو، ۽ واءُ پيدا ڪري ٿو، ۽ ماڻهوءَ کي سندس دل جي ڳالهہ ٻڌائي ٿو، جو صبح کي ڦيرائي اونداهي ڪري ٿو، ۽ زمين جي مٿانهين جاين تي هلي ٿو؛ خداوند، لشڪرن جو خدا انهي جو نالو آهي.


پوئين مينهن جي موسم ۾، خداوند کان گهُرو تہ مينهن وسائي. هائو، خداوند کان، جو بجلي ٿو چمڪائي؛ هو ججهو مينهن موڪليندو، ۽ هر ڪنهن لاءِ ٻنيءَ ۾ گاهہ اُڀرندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ