Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 1:17 - Sindhi Bible

17 تنهن ڪري تون پنهنجي ڪمر ٻڌ ۽ اُٿ ۽ جيڪو حڪم آءٌ توکي ڏيان اهو انهن کي ٻڌاءِ: انهن کي ڏسي ڊڄ نہ، متان انهن جي اڳيان آءٌ توکي حيران پريشان ڪري ڇڏيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 سو تون سندرو ٻڌي تيار ٿيءُ! جيڪو حڪم آءٌ تو کي ڏيان سو وڃي انهن کي ٻڌاءِ. انهن کان نہ ڊڄ، نہ تہ آءٌ تو کي انهن اڳيان گھڻو ڊنل بڻائيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 1:17
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ خداوند جو هٿ ايلياہ تي هو: ۽ هن اُٿي پنهنجي ڪمر ٻڌي، ۽ اخي آب جي اڳيان ڊوڙندو يزرعيل جي دروازي تائين ويو.


۽ خداوند جي ملائڪ ايلياہ کي چيو تہ هن سان لهي وڃ: ۽ هن کان نہ ڊڄ. تڏهن هو اُٿيو ۽ هن سان گڏجي بادشاهہ ڏي لهي ويو.


تنهن تي هن جيحازيءَ کي چيو تہ پنهنجي ڪمر ٻڌ، ۽ منهنجي لٺ پنهنجي هٿ ۾ کڻ، ۽ پنهنجو رستو وٺي وڃ: جيڪڏهن توکي ڪو ماڻهو گڏجي تہ اُنهيءَ کي سلام نہ ڪج؛ ۽ جيڪو توکي سلام ڪري تہ اُنهيءَ کي سلام جو جواب نہ ڏج: ۽ منهنجي لٺ ٻار جي منهن تي کڻي رکج.


۽ اليشع نبيءَ، نبين جي پٽن مان هڪڙي کي سڏي چيو تہ پنهنجي ڪمر ٻڌ ۽ هيءَ تيل جي ڪُپي پنهنجن هٿن ۾ کڻي رامات جلعاد ڏانهن وڃ.


هاڻي مڙس ٿي پنهنجي چيلهہ ٻڌ؛ ڇالاءِ جو آءٌ توکان پڇندس ۽ تون مون کي بيان ڪري ٻڌاءِ.


تڏهن هن چيو تہ يقين ڪري ڄاڻ تہ آءٌ تو ساڻ هوندس؛ ۽ مون توکي موڪليو آهي تنهنجي هيءَ نشاني ٿيندي: تہ جڏهن تون انهن ماڻهن کي مصر مان ڪڍي ايندين، تڏهن هن جبل تي خدا جي عبادت ڪندين.


جيڪو حڪم آءٌ توکي ڏيان ٿو سو تون ٻڌائج، ۽ تنهنجو ڀاءُ هارون فرعون کي چوندو تہ بني اسرائيل کي پنهنجي ملڪ مان وڃڻ ڏي.


ڇالاءِ جو ڏس، مون توکي اڄوڪي ڏينهن هن سڄي ملڪ جي سامهون يهوداہ جي بادشاهن، اميرن، ڪاهنن، ۽ ملڪ جي ماڻهن جي سامهون هڪڙو ڪوٽ جهڙو شهر، ۽ لوهہ جو ٿنڀ، ۽ پتل جون ڀتيون ڪيو آهي.


جيڪي مون کي ستائين ٿا، سي ڀلي تہ شرمندا ٿين، پر مون کي شرمندو ٿيڻ نہ ڏي؛ ڀلي تہ هو حيران پريشان ٿين، پر مون کي حيران پريشان ٿيڻ نہ ڏي: هنن تي مصيبت جو ڏينهن آڻ ۽ ٻيڻي تباهيءَ سان هنن کي تباهہ ڪر.


خداوند ٿو فرمائي، تہ جنهن نبيءَ ڪو خواب ڏٺو هجي سو ڀلي تہ خواب ٻڌائي؛ ۽ جنهن وٽ منهنجو ڪلام هجي سو ڀلي تہ ايمانداريءَ سان منهنجو ڪلام ٻڌائي، ڪڻڪ جو بهہ سان ڪهڙو واسطو؟


تڏهن يرمياہ سڀني اميرن کي ۽ سڄي قوم کي مخاطب ٿي چيو، تہ خداوند مون کي موڪليو تہ هن گهر ۽ هن شهر جي برخلاف اُهي ڳالهيون نبوت ڪري ٻڌايان جي اوهان ٻڌيون آهن.


خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ خداوند جي گهر جي ايوان ۾ اُٿي بيهہ ۽ جيڪي يهوداہ جا شهر خداوند جي گهر ۾ سجدي ڪرڻ لاءِ ٿا اچن، تن سڀني کي اُهي سڀ ڳالهيون ٻڌاءِ، جن جي ٻڌائڻ لاءِ آءٌ توکي حڪم ٿو ڏيان؛ هڪڙو لفظ بہ پٺتي نہ رک.


۽ باروڪ بن نيرياہ، يرمياہ نبيءَ جي ڏنل حڪم موجب تعميل ڪئي، ۽ ڪتاب ۾ خداوند جون جيڪي ڳالهيون هيون سي هن خداوند جي گهر ۾ پڙهي ٻڌايون.


جنهن ڏينهن مون توکي سڏ ڪيو انهيءَ ڏينهن تون مون کي ويجهو آئين: تو چيو تہ ڊڄ نہ.


اُٿي نينوہ ڏي وڃ، جو وڏو شهر آهي، ۽ جيڪي آءٌ توکي چوان، انهي جي منادي ڪري ٻڌاءِ.


پنهنجي ڪمر ڪشيل ۽ پنهنجا ڏيئا ٻرندا رکو؛


۽ ڪهڙيءَ طرح جيڪي ڳالهيون اوهان جي فائدي جون هيون، سي اوهان کي ٻُڌائڻ کان نہ هٽيس، ۽ اوهان کي جماعت ۾ توڙي گهر گهر تعليم ڏيندو رهيس.


ڇالاءِ جو آئون خدا جي ساري مرضي اوهان کي ٻُڌائڻ کان نہ هٽيس.


ڇالاءِ جو جيڪڏهن آئون انجيل جي منادي ٿو ڪريان، تہ مون کي فخر ڪرڻ جو سبب ڪونهي، ڇالاءِ جو اهو منهنجو فرض آهي. ۽ جيڪڏهن انجيل جي منادي نہ ڪريان، تہ منهنجي حال تي افسوس!


پر اوهان کي اڳيئي خبر آهي تہ فلپيءَ ۾ ڏکن سهڻ ۽ بي عزت ٿيڻ کانپوءِ بہ، پنهنجي خدا ۾ همت جهلي مخالفت جو سامهون ڪري اسان اوهان کي خدا جي خوشخبري ٻُڌائي.


تنهنڪري سمجهہ جو سندرو ٻُڌي هوشيار ٿيو، ۽ انهي فضل جي ڪامل اُميد رکو، جو يسوع مسيح جي ظهور وقت اوهان تي ٿيڻو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ