Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 9:9 - Sindhi Bible

9 پر زيتون جي وڻ انهن کي چيو تہ آءٌ پنهنجو سڻڀ ڇڏي ڏيان ڇا، جنهن سان منهنجي وسيلي ماڻهو خدا کي ۽ انسان کي تعظيم ٿا ڏين، ۽ وڃي ٻين وڻن تي هيڏي هوڏي لُڏان؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 پر زيتون جي وڻ کين چيو تہ ’وڻن مٿان لهرائڻ خاطر ڇا آءٌ پنهنجو سڻڀ ڇڏي ڏيان، جنهن سان معبودن ۽ انسانن کي تعظيم ڏني ويندي آهي؟‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 9:9
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ خداوند شيطان کي چيو تہ تون ڪٿان ٿو اچين؟ تڏهن شيطان خداوند کي ورندي ڏيئي چيو تہ زمين تان هيڏي هوڏي گشت ڪندو، ۽ انهيءَ تي هيٺ مٿي گهمندو ٿو اچان.


۽ خداوند شيطان کي چيو تہ تون ڪٿان ٿو اچين؟ ۽ شيطان خداوند کي ورندي ڏيئي چيو تہ زمين تي هيڏي هوڏي گشت ڪندو، ۽ انهيءَ تي هيٺ مٿي گهمندو ٿو اچان.


۽ شراب جو ماڻهن جي دل کي خوش ٿو ڪري، ۽ تيل جو سندن چهري کي چمڪائي ٿو ۽ ماني جا ماڻهوءَ کي طاقت ٿي ڏئي.


مون کي پنهنجو بندو دائود ملي ويو آهي؛ ۽ انهي کي پنهنجي پاڪ تيل سان مسح ڪيو اٿم:


۽ فطيري ماني، ۽ تيل ۾ ڳوهيل فطيري ڍوڍا، ۽ تيل مکيل فطيري ٽڪيون: اهي سڀ ميدي جون جوڙج،


پوءِ مسح ڪرڻ جو تيل کڻي، اهو سندس مٿي تي وجهج، ۽ کيس مسح ڪج.


روشنائيءَ جي لاءِ شمعدان ۽ انهي جا ٿانو، انهي جا ڏيئا ۽ ٻارڻ جو تيل؛


۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو خداوند جي حضور ۾ کاڌي جي قرباني پيش ڪري، تہ انهي جي قرباني ميدي جي هئڻ گهرجي؛ هو انهي تي تيل اوتي ۽ مٿس لوبان رکي:


تہ ڪيئن خدا، پاڪ روح ۽ قدرت سان يسوع ناصريءَ کي مسح ڪيو: پوءِ اُهو ڀلايون ڪندو، ۽ جن کي شيطان ستائيندو هو، تن کي ڇُٽائيندو پئي گهُميو، ڇالاءِ جو خدا هن سان هو.


ڇالاءِ تہ سچ پچ هن شهر ۾ تنهنجو پاڪ بندو يسوع، جنهن کي تو مسح ڪيو هو، تنهن جي برخلاف هيروديس توڙي پنطس پلاطس، غير قومن ۽ اسرائيل جي اُمتن سوڌو اچي گڏ ٿيا،


۽ انهي قدوس اوهان کي مسح ڪيو آهي، ۽ اوهين سڀ ڳالهيون ڄاڻو ٿا.


تڏهن وڻن انجير جي وڻ کي چيو تہ تون اچي اسان تي بادشاهي ڪر.


ڪنهن زماني ۾ وڻ اُٿيا تہ پنهنجي مٿان ڪنهن کي مسح ڪري بادشاهہ ڪن؛ ۽ زيتون جي وڻ کي چيائون تہ تون اسان تي بادشاهي ڪر.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ