قاضين 9:7 - Sindhi Bible7 ۽ جڏهن يوتام کي اها خبر ملي، تڏهن هو وڃي گرزيم جبل جي چوٽيءَ تي بيٺو، ۽ وڏي آواز سان سڏ ڪري هنن کي چوڻ لڳو تہ اي سڪم جا رهاڪو، منهنجي ڳالهہ ٻڌو، تہ خدا بہ اوهان جي ٻڌي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible7 جڏهن يوتام کي اها خبر پيئي تڏهن هو گرزيم جبل جي چوٽيءَ تي چڙهي بيٺو ۽ وڏي آواز سان سڏ ڪري هنن کي چوڻ لڳو تہ ”اي سڪم جا رهاڪؤ! منهنجي ڳالهہ ٻڌو تہ خدا بہ اوهان جي ٻڌي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
۽ سڀ اسرائيلي، ۽ سندن بزرگ، ۽ سندن عملدار، ۽ سندن قاضي، توڙي مسافر، ۽ ٻيا جيڪي منجهن پيدا ٿيا هئا، سي خداوند جي عهدنامي جي صندوق کڻڻ وارن لاوي ڪاهنن جي اڳيان، صندوق جي ٻنهي پاسن بيهي رهيا؛ انهن مان اڌ جيترا گرزيم جبل جي سامهون بيٺا، ۽ اڌ جيترا عيبال جبل جي سامهون؛ جيئن ڪ خداوند جي ٻانهي موسيٰ هنن کي اڳيئي حڪم ڏنو هو، تہ هو اسرائيل جي قوم کي دعا ڪن.