Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 9:54 - Sindhi Bible

54 تنهن تي هن جلدي ڪري پنهنجي زرهہ بردار جوان کي ڪوٺي چيو تہ پنهنجي ترار ڪڍي مون کي مار، متان ماڻهو منهنجي نالي ائين چون تہ هڪڙي زال هن کي ماري وڌو، ۽ انهيءَ جوان ترار هن مان آرپار لنگهائي وڌي، ۽ هو مري ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

54 تنهن تي هن جلدي پنهنجي هٿياربردار جوان کي سڏي چيو تہ ”پنهنجي تلوار ڪڍي مون کي مار، تہ جيئن منهنجي باري ۾ ائين چوڻ ۾ نہ اچي تہ ’هڪڙي عورت هن کي ماري وڌو.‘“ سو سندس هٿياربردار تلوار منجھس ٽُنبي ڏني ۽ هو مري ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 9:54
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن آءٌ وڃي سندس پاسي ۾ بيٺس ۽ کيس قتل ڪيم، جو مون کي پڪ هئي تہ ڪرڻ کان پوءِ هو جيئرو رهي نہ سگهندو: پوءِ مون سندس مٿي تان ڇٽ لاهي، ۽ سندس ٻانهن مان ڪنگڻ لاهي ورتو، ۽ اهي آءٌ هتي پنهنجي ڌڻيءَ وٽ کڻي آيو آهيان.


۽ جڏهن هن منهن ورائي نهاريو تڏهن مون کي ڏسي سڏيائين: ۽ مون ورندي ڏئي چيو تہ اِجهو آءٌ حاضر آهيان.


۽ هن مون کي چيو تہ آءٌ توکي منٿ ٿو ڪريان تہ بيهہ ۽ مون کي قتل ڪر، ڇالاءِ جو آءٌ مصيبت ۾ آهيان، ۽ مون ۾ اڃا جان آهي.


صلق عموني، نحري بيروتي، جي يوآب بن ضروياہ جا زرهہ بردار هئا؛


تڏهن سائول پنهنجي زرهہ بردار کي چيو تہ پنهنجي ترار ڪڍي مون مان لنگهائي ڏي؛ تہ متان هي اڻ طهريل اچي مون سان نامناسب هلت ڪن. پر هن جي زرهہ بردار ائين نہ ڪيو؛ ڇالاءِ جو هو ڏاڍو ڊنو. تنهنڪري سائول پنهنجي ترار ڪڍي انهيءَ تي ڪِري پيو.


۽ جڏهن سندس زرهہ بردار ڏٺو تہ سائول مري ويو آهي، تڏهن هو پاڻ بہ پنهنجي ترار تي ڪِري پيو ۽ مري ويو.


صلق عموني، نحرئي بيروتي، جو يوآب بن ضروياہ جو زرهہ بردار هو؛


تڏهن هن چيس تہ آءٌ بيشڪ توسان هلنديس: انهيءَ هوندي بہ جيڪو سفر تون ڪرين ٿو، تنهن ۾ تنهنجي عزت آبرو نہ رهندي، ڇالاءِ جو خداوند سيسرا کي هڪڙيءَ زال جي هٿ وڪڻي ڇڏيندو. ۽ دبورہ اُٿي ۽ برق سان گڏجي قادس ڏانهن ويئي.


۽ جڏهن اسرائيل جي ماڻهن ڏٺو تہ ابيملڪ مري ويو آهي، تڏهن اُهي سڀ اُٿي پنهنجن گهرن ڏانهن موٽي ويا.


۽ فوجي ماڻهن يونتن ۽ سندس زرهہ بردار کي ورندي ڏيئي چيو تہ اسان وٽ چڙهي اچو تہ اوهان کي هڪڙي شيءِ ڏيکاريون، ۽ يونتن پنهنجي زرهہ بردار کي چيو تہ منهنجي پٺيان اچ: ڇالاءِ جو خداوند هنن کي اسرائيل جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي.


۽ يونتن پنهنجن هٿن ۽ پيرن سان مٿي چڙهيو، ۽ سندس زرهہ بردار پٺيانس لڳو: ۽ هو يونتن جي اڳيان شڪست کائي ڪِريا؛ ۽ سندس زرهہ بردار بہ سندس پٺيان هنن کي قتل ڪيو.


۽ اهو پهريون ڪوس، جو يونتن ۽ سندس زرهہ بردار هنن ۾ وڌو، تنهن ۾ اٽڪل ويهہ ماڻهو زمين جي هڪڙي ايڪڙ جي هر کيڙڻ جي ڪياڙيءَ جيتري ٽڪر جي اڌ ۾ مارجي ويا.


تڏهن سائول اُنهن ماڻهن کي چيو جي ساڻس هئا تہ شمار ڪريو ۽ ڏسو تہ اسان مان ڪير نڪري ويو آهي، ۽ جڏهن هنن شمار ڪيو تڏهن ڏسن تہ يونتن ۽ سندس زرهہ بردار آهن ئي ڪونہ.


۽ هن جي زرهہ بردار کيس چيو تہ جيئن تنهنجي دل چوي تيئن ڪر؛ ڦري هل، ڏس آءٌ تنهنجي مرضيءَ موجب توسان آهيان.


۽ دائود سائول وٽ آيو، ۽ اڳيان اچي بيهي رهيس: ۽ هو انهي کي ڏاڍو وڻيو ۽ سندس زرهہ بردار ٿيو.


انهي طرح سائول ۽ سندس ٽيئي پٽ، ۽ سندس زرهہ بردار، ۽ سندس سڀ ماڻهو ساڳئي ڏينهن گڏ مئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ