Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 9:53 - Sindhi Bible

53 تڏهن ڪنهن زال جنڊ جو مٿيون پڙ کڻي ابيملڪ جي مٿي تي اُڇلايو، جنهنڪري هن جي کوپڙي ڀڄي پئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

53 تڏهن ڪنهن عورت جنڊ جو مٿيون پُڙ کڻي ابيملڪ جي مٿي تي اڇلائي ڏنو ۽ سندس کوپڙي ڀڃي وڌائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 9:53
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يربست جي پٽ ابيملڪ کي ڪنهن ماريو؟ هن تي هڪڙيءَ زال ڀت تان جنڊ جو مٿيون پڙ ڪين اُڇلائي وڌو هو ڇا جنهنڪري هو تيبض ۾ مري ويو؟ ڇو اوهين ڀت کي اهڙا ويجها ويا؟ تڏهن تون چئجانءِ تہ تنهنجو نوڪر اورياہ حتي بہ مارجي ويو آهي.


حقيقت ائين ناهي: پر افرائيم جي ڪوهستان جو هڪڙو ماڻهو، جنهن جو نالو سبع بن بڪري آهي، تنهن بادشاهہ تي، يعني دائود تي، پنهنجو هٿ کنيو آهي: رڳو انهي جي ٻانهن ڪڍي ڏي تہ آءٌ شهر مان هليو ويندس. ۽ زال يوآب کي چيو تہ ڏس، انهيءَ جي سسي ڀت تان اُڇلائي توکي ڏني ويندي.


اهو بدڪارن جي لاءِ آفت نہ آهي ڇا؟ ۽ گناهہ ڪندڙن جي لاءِ مصيبت ناهي ڇا؟


تنهن ڪري اوهين خداوند جي اُها رٿ ٻڌو جا هن ادوم جي برخلاف ڪئي آهي؛ ۽ هن جا اُهي ارادا، جي هن تيمان جي رهاڪن جي برخلاف ڪيا آهن؛ يعني هو انهي کي، گهلي ويندا، بلڪ ڌڻ جي ٻچن کي بہ؛ يقيناً هو ان جي رهڻ جو هنڌ، ساڻن گڏ ويران ڪري ڇڏيندو.


تنهن ڪري جيڪا مصلحت خداوند بابل جي برخلاف ڪئي آهي سا اوهين ٻڌو؛ ۽ هن جا ارادا، جي هن ڪسدين جي ملڪ جي برخلاف ڪيا آهن؛ يقين آهي تہ هو انهن کي گهلي ويندا، يعني ڌڻ جي ٻچن کي؛ يقين آهي تہ هو انهن جي رهڻ جي جاءِ ساڻن گڏ ويران ڪري ڇڏيندو.


تڏهن هن چيس تہ آءٌ بيشڪ توسان هلنديس: انهيءَ هوندي بہ جيڪو سفر تون ڪرين ٿو، تنهن ۾ تنهنجي عزت آبرو نہ رهندي، ڇالاءِ جو خداوند سيسرا کي هڪڙيءَ زال جي هٿ وڪڻي ڇڏيندو. ۽ دبورہ اُٿي ۽ برق سان گڏجي قادس ڏانهن ويئي.


۽ ڪنڊيءَ جي وڻ چين تہ جي سچ پچ اوهين مون کي مسح ڪري پاڻ تي بادشاهہ ٿا ڪريو، تہ اچو ۽ منهنجي ڇانوَ ۾ پناهہ وٺو: ۽ جي نہ، تہ ڀلي ڪنڊيءَ مان باهہ نڪري، ۽ لبنان جي سرو جي وڻن کي ساڙي چٽ ڪري ڇڏي.


پر جي نہ تہ ڀلي ابيملڪ مان باهہ نڪري سڪم جي ماڻهن، ۽ ملو جي گهراڻي کي ساڙي ناس ڪري ڇڏي؛ ۽ ڀلي تہ سڪم جي ماڻهن ۽ ملو جي گهراڻي مان باهہ نڪري ابيملڪ کي کائي وڃي.


تڏهن ابيملڪ ٺلهہ وٽ آيو، ۽ انهيءَ تي چڙهائي ڪيائين ۽ ٺلهہ جي در کي تمام ويجهو وڃي ٿيو، انهي لاءِ تہ انهي کي باهہ ڏيئي ساڙي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ