Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 9:5 - Sindhi Bible

5 پوءِ هو عفرہ ۾ پنهنجي پيءُ جي گهر ويو، ۽ پنهنجن ڀائرن يروبعل جي پٽن کي هڪڙي پٿر تي ڪُٺائين، جي ستر ڄڻا هئا: پر يروبعل جو سڀ کان ننڍو پٽ يوتام رهجي ويو؛ ڇالاءِ جو هن وڃي پاڻ کي لڪايو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 پوءِ هو عفرہ ۾ پنهنجي پيءُ جي گھر ويو ۽ پنهنجي ماٽيلن ڀائرن يعني جِدعون جي ستر ئي پٽن کي هڪڙي ئي پٿر تي ڪٺائين. پر جِدعون جو سڀ کان ننڍو پٽ يوتام بچي ويو، ڇاڪاڻ تہ هن وڃي پاڻ کي لڪايو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 9:5
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنڪري آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ اچ تہ توکي صلاح ڏيان تہ تون پنهنجي، ۽ پنهنجي پٽ سليمان جي بہ حياتي بچائين.


نہ تہ هيئن ٿيندو تہ جڏهن منهنجو ڌڻي بادشاهہ پنهنجن ابن ڏاڏن سان وڃي سمهندو، تڏهن آءٌ ۽ منهنجو پٽ سليمان ٻئي ڏوهاري شمار ٿينداسين.


۽ جڏهن هو سامريہ ۾ آيو تڏهن سامريہ ۾ اخي آب جي گهراڻي مان جيڪي ماڻهو بچيا هئا تن کي ماريائين، ۽ جيڪو ڪلام خداوند ايلياہ جي واتان ڪيو هو تنهن موجب هن سڀني کي ناس ڪري ڇڏيو.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن اهو خط هنن ماڻهن کي مليو تڏهن هنن بادشاهہ جي پٽن کي جهلي، ستر ئي ڄڻن کي قتل ڪيو، ۽ اُنهن جون سسيون ٽوڪريءَ ۾ وجهي يزرعيل ۾ ڏياري موڪليائون.


۽ اُهو هن وٽ ڇهہ ورهيہ خداوند جي گهر ۾ لڪل پيو هو: ۽ عتلياہ ملڪ تي بادشاهي پئي ڪئي.


هاڻي جڏهن يهورام پنهنجي پيءُ جي بادشاهت تي قائم ٿيو ۽ پاڻ کي مضبوط ڪيائين، تڏهن هن پنهنجن سڀني ڀائرن کي، ۽ اسرائيل جي ٻين ڪيترن سردارن کي بہ ترار سان قتل ڪيو.


پوءِ جڏهن هيروديس ڏٺو تہ مجوسين مون سان ٺڳي ڪئي آهي تڏهن ڏاڍو اچي ڪاوڙيو، ۽ انهن مجوسين کان جو وقت پڇي پڪو ڪري ڇڏيو هئائين، تنهن موجب بيت الحم ۾ ۽ ان جي آس پاس وارين حدن ۾، جيڪي ڇوڪر ٻن ورهين جا ۽ انهي کان ننڍا هئا، تن سڀني کي ماڻهو موڪلي مارائي ڇڏيائين.


اُٿي هن ننڍي ٻار ۽ سندس ماءُ کي وٺي اسرائيل جي ملڪ ۾ وڃ: ڇالاءِ جو جن ننڍي ٻار کي مارڻ ٿي گهريو، سي مري ويا آهن.


۽ خداوند جو فرشتو آيو، ۽ جيڪو شاهہ بلوط جو وڻ عفرہ ۾ يوآس ابيعزريءَ جو هو، تنهن جي هيٺان ويٺو: ۽ سندس پٽ جدعون انهيءَ وقت شراب ڪڍڻ واري چيچڙي ۾ سنگن مان ڪڻڪ سٽي پئي ڪڍي، انهي لاءِ تہ اُها مديانين کان لڪائي.


تڏهن جدعون اُتي خداوند جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ جوڙي ۽ انهيءَ جو نالو يهوواہ سلوم رکيائين: جا اڄ ڏينهن تائين ابيعزرين واري عفرہ ۾ موجود آهي.


۽ جدعون کي ستر پٽ هئا، جي سندن پٺ مان پيدا ٿيا هئا؛ ڇالاءِ جو هن کي گهڻيون زالون هيون.


۽ اوهين اڄ منهنجي پيءُ جي گهراڻي جي برخلاف اُٿيا آهيو، ۽ انهيءَ جي پٽن کي هڪڙي پٿر تي ڪُٺو اٿوَ، جي ستر ڄڻا هئا، ۽ انهيءَ جي ٻانهيءَ جي پٽ ابيملڪ کي سڪم جي رهاڪن جو بادشاهہ ڪيو اٿوَ، رڳو انهي ڪري جو هو اوهان جو ڀاءُ آهي)؛


آءٌ اوهان کي منٿ ٿو ڪريان تہ سڪم جي سڀني ماڻهن کان پڇي ڏسو تہ اوهان جي لاءِ اها ڳالهہ بهتر آهي تہ يروبعل جا سڀ پٽ، جي ستر ڄڻا آهن، سي اوهان تي حڪم هلائين، يا هڪڙو ئي ماڻهو اوهان جو حاڪم ٿئي؟ هيءَ ڳالهہ بہ ياد رکو تہ آءٌ اوهان جو هڏ ۽ رت آهيان.


تڏهن سڪم جا سڀ ماڻهو، ۽ ملو جو گهراڻو اچي گڏ ٿيا، ۽ سڪم ۾ ٺلهہ واري شاهہ بلوط وٽ وڃي ابيملڪ کي بادشاهہ ڪيائون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ