Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 9:2 - Sindhi Bible

2 آءٌ اوهان کي منٿ ٿو ڪريان تہ سڪم جي سڀني ماڻهن کان پڇي ڏسو تہ اوهان جي لاءِ اها ڳالهہ بهتر آهي تہ يروبعل جا سڀ پٽ، جي ستر ڄڻا آهن، سي اوهان تي حڪم هلائين، يا هڪڙو ئي ماڻهو اوهان جو حاڪم ٿئي؟ هيءَ ڳالهہ بہ ياد رکو تہ آءٌ اوهان جو هڏ ۽ رت آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 ”سڪم جي سڀني رهاڪن کان پڇي ڏسو تہ ڇا اوهان جي لاءِ اها ڳالهہ بهتر آهي تہ جِدعون جا سڀيئي يعني ستر ئي پٽ اوهان تي حڪومت ڪن يا اها ڳالهہ تہ هڪڙو ئي ماڻهو اوهان تي حڪومت ڪري؟ اهو پڻ ياد رکو تہ آءٌ اوهان جو هڏ رت آهيان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 9:2
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن لابن چيس تہ تون برابر منهنجو هڏ ۽ منهنجو ماس آهين. ۽ هو وٽس مهينو رهي پيو.


۽ اوهين عماسا کي چئو تہ تون منهنجو هڏ ۽ ماس ناهين ڇا؟ جيڪڏهن تون منهنجي اڳيان هميشہ جي لاءِ يوآب جي بجاءِ لشڪر جو سردار نہ هجين، تہ شل خدا مون سان ائين ڪري، بلڪ انهيءَ کان بہ وڌيڪ.


تنهن کانپوءِ سڀ اسرائيلي حبرون ۾ دائود وٽ اچي گڏ ٿيا، ۽ چوڻ لڳا تہ ڏس، اسين تنهنجو هڏ ۽ تنهنجو ماس آهيون.


ڇالاءِ تہ اسين سندس بدن جا عضوا آهيون،


تنهنڪري جڏهن ٻار گوشت ۽ رت ۾ شريڪ آهن، تڏهن هو پاڻ بہ ساڳيءَ طرح انهي ۾ ڀائيوار آهي، تہ جنهن کي موت تي اختيار هو تنهن کي، يعني شيطان کي، موت جي وسيلي نيست ڪري؛


۽ جدعون کي ستر پٽ هئا، جي سندن پٺ مان پيدا ٿيا هئا؛ ڇالاءِ جو هن کي گهڻيون زالون هيون.


۽ اوهين اڄ منهنجي پيءُ جي گهراڻي جي برخلاف اُٿيا آهيو، ۽ انهيءَ جي پٽن کي هڪڙي پٿر تي ڪُٺو اٿوَ، جي ستر ڄڻا هئا، ۽ انهيءَ جي ٻانهيءَ جي پٽ ابيملڪ کي سڪم جي رهاڪن جو بادشاهہ ڪيو اٿوَ، رڳو انهي ڪري جو هو اوهان جو ڀاءُ آهي)؛


پوءِ هو عفرہ ۾ پنهنجي پيءُ جي گهر ويو، ۽ پنهنجن ڀائرن يروبعل جي پٽن کي هڪڙي پٿر تي ڪُٺائين، جي ستر ڄڻا هئا: پر يروبعل جو سڀ کان ننڍو پٽ يوتام رهجي ويو؛ ڇالاءِ جو هن وڃي پاڻ کي لڪايو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ