Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 8:6 - Sindhi Bible

6 ۽ سڪات جي اميرن چيو تہ زبح ۽ ضلمنع هاڻي تنهنجي هٿ ۾ آهن ڇا جو اسين تنهنجي لشڪر کي مانيون ڏيون؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 پر سڪات جي اڳواڻن چيس تہ ”ڇا زبح ۽ ضلمنع تنهنجي قبضي ۾ اچي چڪا آهن جو اسين تنهنجي لشڪر کي ماني ڏيون؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 8:6
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اسماعيل جي پٽن جا نالا سندن پيڙهين موجب هي آهن: اسماعيل جو وڏو پٽ نبايوت هو، ۽ ٻيا هئا قيدار، ادبئيل، مبسام،


پوءِ هو ويهي ماني کائڻ لڳا، ۽ هنن اکيون مٿي کڻي نهاريو، تہ ڇا ٿا ڏسن تہ اسماعيلين جو هڪڙو قافلو جلعاد کان ٿو اچي ۽ ساڻن گڏ اُٺن تي مصالحہ، سرهاڻيون ۽ مُر آهي، جي مصر ڏانهن کڻي ٿا وڃن.


پوءِ اُتان مدياني سوداگر اچي لنگهيا؛ ۽ هنن يوسف کي کڏ مان ڪڍي ٻاهر ڪيو، ۽ کيس اسماعيلين جي هٿ چانديءَ جي ويهن سڪن تي وڪڻي ڇڏيائون. ۽ اهي يوسف کي مصر ۾ وٺي ويا.


۽ اسرائيل جي بادشاهہ ورندي ڏيئي چيو تہ انهيءَ کي چئو تہ جيڪو پنهنجيءَ چيلهہ تي هٿيار ٿو ٻڌي، سو انهيءَ وانگر ٻٽاڪ نہ هڻي جو هٿيار لاهي ٿو ڇڏي.


۽ يهوآس اسرائيل جي بادشاهہ، امصياہ يهوداہ جي بادشاهہ ڏانهن چوائي موڪليو، تہ لبنان جي ڪانڊيري لبنان جي ديودار ڏانهن چوائي موڪليو تہ پنهنجي ڌيءَ منهنجي پٽ کي پرڻائي ڏي: ۽ لبنان جو هڪڙو جهنگلي مرون اُتان اچي لنگهيو ۽ ڪانڊيري کي لتاڙي هليو ويو.


غريب منٿون آزيون ٿو ڪري: پر دولتمند کهرو جواب ڏئي ٿو.


هن ڪري جو سڀني کي پنهنجين ڳالهين جو فڪر آهي، نہ يسوع مسيح جي ڳالهين جو.


خداوند جي فرشتي چيو تہ اوهين ميروز تي لعنت وجهو، اوهين انهن جي رهاڪن تي سخت لعنت وجهو، ڇالاءِ جو هو خداوند جي مدد لاءِ نہ آيا، يعني زور وارن سان وڙهڻ جي لاءِ خداوند کي مدد ڏيڻ واسطي.


پوءِ هو سڪات جي ماڻهن وٽ آيو، ۽ چيائين تہ ڏسو، اوهان مون کي طعنو هڻي چيو تہ زبح ۽ ضلمنع جا هٿ هاڻي تنهنجي هٿ ۾ آهن ڇا، جو اسين تنهنجي ٿڪل ماڻهن کي مانيون ڏيون؟


۽ هن سڪات جي ماڻهن کي چيو تہ آءٌ اوهان کي منٿ ٿو ڪريان تہ جيڪي ماڻهو منهنجي پٺيان ٿا اچن، تن کي کاڌو ڏيو: ڇالاءِ جو هو ٿڪل آهن، ۽ آءٌ زبح ۽ ضلمنع، مديانين جي بادشاهن جي پٺيان ڪاهي ٿو وڃان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ