Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 8:34 - Sindhi Bible

34 ۽ بني اسرائيل خداوند پنهنجي خدا کي ياد نہ ڪيو، جنهن هنن کي سڀ ڪنهن پاسي، سندن سڀني دشمنن جي هٿان ڇڏايو هو:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

34 بني اسرائيل قوم خداوند پنهنجي خدا کي وساري ڇڏيو جنهن کين هر طرف وارن سڀني دشمنن جي هٿان کين ڇڏايو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 8:34
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ انهن جي ٽوليءَ ۾ باهہ اچي ٻري؛ جنهن جي شعلن ڪري بدڪار سڙي ويا.


۽ پنهنجي نجات ڏيندڙ خدا کي وساري ڇڏيائون، جنهن مصر ۾ وڏا وڏا ڪم ڪيا؛


۽ اُهي ڪم ۽ معجزا جي هن انهن کي ڏيکاريا هئا، سي وساري ڇڏيائون.


انهن هن جي هٿ کي ياد نہ رکيو، نڪي انهيءَ ڏينهن کي جڏهن هن کين دشمن کان ڇڏايو.


پنهنجي جواني جي ڏينهن ۾ پنهنجي خالق کي ياد ڪر، نہ تہ جڏهن خراب ڏينهن ايندا، ۽ ورهيہ ويجها اچي پوندا، تڏهن تون چوندين تہ انهن مان مون کي ڪابہ خوشي حاصل نہ ٿي ٿئي؛


ڪا ڪنواري پنهنجا ڳهہ ڳٺا، يا ڪا ڪنوار پنهنجي پوشاڪ وساري ڇڏيندي ڇا؟ تڏهن بہ منهنجي قوم بيشمار ڏينهن کان مون کي وساري ڇڏيو آهي.


اُهي سمجهن ٿا تہ هرڪو پنهنجا خواب پنهنجي پاڙيسريءَ کي ٻڌائي منهنجي قوم کان منهنجو نالو وسارائين، جيئن ڪ سندن ابن ڏاڏن بعل جي خاطر منهنجو نالو وساريو.


۽ انهي کان پوءِ آءٌ هن کي سندس ڊاک جا منهہ ڏيندس، ۽ عڪور جي وادي اُميد جو در ڪري ڏيندس: ۽ هوءَ پنهنجي جوانيءَ جي ڏينهن وانگر اُتي جواب ڏيندي، ۽ اُنهي ڏينهن وانگر جڏهن هوءَ مصر جي زمين مان نڪري آئي هئي.


رڳو تون پنهنجي سنڀال ڪري، خبرداريءَ سان پنهنجي روح جي حفاظت ڪر، تہ متان اهي ڳالهيون جي تو پنهنجين اکين سان ڏٺيون آهن سي وساري ڇڏين، ۽ متان تنهنجي ساريءَ ڄمار ۾ اهي تنهنجيءَ دل تان لهي وڃن؛ پر تون اهي پنهنجي اولاد کي، ۽ اولاد جي اولاد کي سيکاري ڇڏج؛


۽ بني اسرائيل اُهي ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا، ۽ هنن خداوند پنهنجي خدا کي وساري ڇڏيو، ۽ بعليم ۽ يسيرتن جي عبادت ڪرڻ لڳا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ