پوءِ هو عفرہ ۾ پنهنجي پيءُ جي گهر ويو، ۽ پنهنجن ڀائرن يروبعل جي پٽن کي هڪڙي پٿر تي ڪُٺائين، جي ستر ڄڻا هئا: پر يروبعل جو سڀ کان ننڍو پٽ يوتام رهجي ويو؛ ڇالاءِ جو هن وڃي پاڻ کي لڪايو هو.
ڇا هن هڪڙي ئي زال پيدا نہ ڪئي، جيتوڻيڪ هن وٽ روح بچيل هو؟ پوءِ ڇو هڪڙي ئي پيدا ڪيائين؟ ڇالاءِ جو هن ديندار نسل ٿي چاهيو. انهي ڪري پنهنجي نفس کان خبردار رهو، ۽ ڪوبہ پنهنجي جوانيءَ جي زال سان بي وفائي نہ ڪري.
هاڻي اخي آب کي سامريہ ۾ ستر پٽ هئا. ۽ ياهو سامريہ ڏانهن خط لکي يزرعيل جي حاڪمن وٽ موڪليا، يعني اتي جي بزرگن ڏانهن، جن اخي آب جا پٽ پاليا هئا، ۽ اُنهن ۾ لکيائين تہ
۽ اوهين اڄ منهنجي پيءُ جي گهراڻي جي برخلاف اُٿيا آهيو، ۽ انهيءَ جي پٽن کي هڪڙي پٿر تي ڪُٺو اٿوَ، جي ستر ڄڻا هئا، ۽ انهيءَ جي ٻانهيءَ جي پٽ ابيملڪ کي سڪم جي رهاڪن جو بادشاهہ ڪيو اٿوَ، رڳو انهي ڪري جو هو اوهان جو ڀاءُ آهي)؛