Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 8:3 - Sindhi Bible

3 خدا مديانين جا شهزادا عوريب ۽ زئيب اوهان جي هٿ ۾ ڏنا آهن: اوهان جي مقابلي ۾ آءٌ ڇا ڪري سگهيس! تڏهن هن جي ايتري چوڻ تي هنن جي جيڪا ڪاوڙ مٿس هئي سا جهڪي ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 خدا مديانين جا اڳواڻ عوريب ۽ زئيب اوهان جي هٿ ۾ ڏئي ڇڏيا آهن. اوهان جي ڀيٽ ۾ مون ڇا ڪيو آهي.“ تڏهن هن جي ايتري چوڻ تي هنن جي جيڪا ڪاوڙ مٿس هئي سا جھڪي ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 8:3
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اسان کي نہ، اي خداوند، اسان کي نہ، پر تون پنهنجي نالي کي جلال ڏي، پنهنجي رحم ۽ پنهنجي سچائيءَ جي خاطر.


ڇالاءِ جو هنن پنهنجي ترار سان ملڪ قبضي ۾ نہ آندو، نڪي پنهنجيءَ ٻانهن سان پاڻ کي بچايائون؛ پر تنهنجي ساڄي هٿ، ۽ تنهنجيءَ ٻانهن، ۽ تنهنجي منهن جي سوجهري ائين ڪيو، ڇو جو تون مٿن مهربان هئين.


نرم جواب ڪاوڙ وڃايو ڇڏي: پر ڏکوئيندڙ ڳالهہ ڪاوڙ پيدا ڪري ٿي.


جيڪو جلدي نٿو ڪاوڙجي سو زور واري ماڻهوءَ کان بهتر آهي؛ ۽ جيڪو پنهنجي کي روح قبضي ۾ رکي ٿو سو انهيءَ کان بهتر آهي جو شهر ٿو وٺي.


مناسب وقت تي هڪڙو لفظ اهڙو آهي جهڙا سون جا صوف چانديءَ جي ٽوڪرين ۾،


گهڻي تائين تحمل ڪرڻ ڪري حاڪم کي آڻي مطلب تي بيهارجي ٿو، ۽ نرم زبان هڏ ڀڃيو وجهي.


ڇالاءِ تہ اها چوڻي هتي اچيو لڳي، تہ هڪڙو پوکي ٿو، ٻيو لُڻي ٿو.


ڇالاءِ جو آئون انهي فضل جي وسيلي جو مون کي مليو آهي، اوهان مان هرهڪ کي چوان ٿو، تہ جهڙو سمجهڻ گهرجي، تنهن کان وڌيڪ ڪير بہ پاڻ کي نہ سمجهي؛ پر جيئن خدا هر ڪنهن کي اندازي جي موافق ايمان تقسيم ڪيو آهي، انهي موجب پاڻ کي اوترو ئي سمجهي.


۽ جو فضل اسان کي ڏنو ويو هو، اُنهي موجب اسان کي جدا جدا نعمتون مليون آهن، تنهنڪري جي نبوت ملي هجي تہ اسين پنهنجي ايمان جي اندازي موجب نبوت ڪريون؛


نفاق يا اجائي وڏائي جي ڪري ڪجهہ بہ نہ ڪريو؛ پر نماڻا ٿي هڪ ٻئي کي پاڻ کان بهتر سمجهو؛


تڏهن هن انهن کي چيو تہ مون اوهان جي مقابلي ۾ ڇا ڪيو آهي؟ افرائيم جي ڊاک جو چونڊو، ابيعزر جي انگور جي ڪل حاصلات کان بهتر ناهي ڇا؟


۽ جدعون يردن وٽ آيو، ۽ جيڪي ٽي سؤ ماڻهو ساڻس هئا تن سميت پار لنگهيو، ۽ جيتوڻيڪ هو ٿڪل هئا، تڏهن بہ هن جي پٺيان لڳا آيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ